ڪفايت حسين لاڙڪ
ساهتيءَ جو شاعر
راھب علي لاڙڪ
سنڌ ڌرتيءَ کي اهو
شرف حاصل آهي جو هيءَ ڌرتي صوفي بزرگن، اوليائن، تخليقڪارن، ڪلاڪارن ۽ شاعرن جي
سرجيل، ڪويتائن سان ٽمٽار آهي. شاعري ۽ گائڪي اهڙي ته قدرتي ڏات آهي، جيڪا هر ڪنهن
کي نصيب نه ٿيندي آهي. شاعر، عوام جي امنگن، احساسن، سورن، سختين ۽ پيڙائن کي
پنهنجي شاعريءَ وسيلي جھر جهنگ تائين پهچائي ٿو. انهن ڪويتائن ۾ سندن ڏک ڏولاوا ۽
پريت پيار جا جذبا به شامل هوندا آهن. اهڙن ئي شاعرن مان موجوده دور جو شاعر ڪفايت
حسين لاڙڪ به هڪ هو. هن ۹ سيپٽمبر ۱۹۶۶ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي قديم ڳوٺ کاهي راهو، تعلقو
نوشهروفيروز ضلعي نوابشاھ (موجوده تعلقو ڀريا ضلعو نوشهرو فيروز) ۾ جنم ورتو. ڪفايت
حسين منهنجو ننڍپڻ جو دوست هيو، جيترو مون ان کي پرکيو ۽ پروڙيو ايترو شايد ٻئي ڪنهن
به نه پرکيو هجيس. ڪفايت ۽ مون ۱۹۸۲ع کان ريڊيو پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ خط لکڻ شروع ڪيا.
اهڙيءَ طرح ۱۹۸۳ع ڌاري يا ڪجھ عرصو پوءِ ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ حيدرآباد تان شعر و
شاعريءَ وارن پروگرامن ۾ نئين ٽهيءَ جي شاعرن جا شعر نشر ٿيا ته، هن کي به شاعري ڪرڻ
جو شوق پيدا ٿيو، پوءِ روزانو پنج، ڇھ بيت ۽ ڏوهيڙا لکي مون کي پڙهي ٻڌائيندو هو. بحر،
وزن، رديف ۽ قافيي جي نه کيس خبر هئي ۽ نه وري مون کي خبر هئي. پوءِ جھڙا تهڙا چؤسٽا
ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ حيدرآباد تي موڪليائين ته ريڊيو وارن سندس چؤسٽن جي ڪريڪشن
ڪري نشر ڪيا ته تمام گهڻو خوش ٿيو، ڄڻ ته ڪنهن پياسي کي پاڻيءَ لپ ملي هجي. ريڊيو
جي بدولت سندس شاعريءَ جو جذبو اڳئين کان به اڳرو ٿيو، اهڙي نموني گيت، غزل، وايون
۽ رباعيون لکڻ شروع ڪيائين، سندس شاعريءَ جو جنون ڏسي، مون کيس صلاح ڏني ته مچر جي
مشهور شاعر استاد عبدالقيوم وسطڙي کان شاعريءَ جي اصلاح ڪراءِ. پوءِ مشڪور
عبدالقيوم وسطڙي صاحب جي ڇپر ڇانو ۽ نظرداريءَ هيٺ شاعريءَ جي سمورن صنفن تي طبع
آزمائي ڪيائين.
سندس شاعريءَ ۾ ڏکن،
ڏوجهرن ۽ غمن جا انبار آهن. پاڻ اهڙو اظهار هن ريت ڪري ٿو.
جيئان هاڻ ڪنهن
لاءِ، ناهي ڪو صنم،
هر ڪنهن مون کي، ڏنو
آهي غم.
اندر ۾ باهيون، بره
جون ٻرن پيون،
تنهنجي راه جاني، اکڙيون
ڏسن پيون،
کنيئي ڇو ٿي هر هر،
هي ڪوڙا قسم،
تاريخ ۹ جولاءِ ۱۹۸۶ع تي کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ملازمت ملي ته ۱۹۹۰ع ڌاري فقير جو پڙ حيدرآباد ۽ پوءِ ڄامشورو
۾ رهائش پذير ٿيو. ان وچ ۾ سندس واسطو شاهنواز سيال ۽ نصير مرزا سان ٿيو. پاڻ
شاهنواز سان گڏجي پنهنجي شاعري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ان وقت جي ميوزڪ انچارڪ نصير
مرزا صاحب کي ڏيکاريائين، جنهن سندس ڪلام “رُس نه تون سانول رسڻ ڪار ناهي” رضا
حسين وسطڙي جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ۽ ٻيو ڪلام “توکي يار پنهنجو بنائڻ ٿو چاهيان” الهداد
زرداريءَ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو. ۲۰۰۵ع ۾ کاهي راهو ۾ مشهور راڳي احمد مغل محفل ڪئي ته ڪفايت
حسين پنهنجي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب احمد مغل کي ڏيکاريا. اهڙيءَ طرح احمد مغل به سندس
ڪجھ ڪلام ڳايا، جن ۾ ڪلام، دنيا تنهنجي سٺي آ مولا دنيا وارا عجيب آهن. جڏهن ته هن
کي سنڌ ۾ ماسٽر منظور مشهور ڪيو. جنهن سندس شاعري بهترين ڌنن ۾ ڪمپوز ڪري ڪلام: توڏي
روز اچڻ جي عادت جو آ. ۽ ٻيا کوڙ سارا گيت، غزل ڳايا. ان کان علاوه استاد وحيد علي،
شمن علي ميرالي، ثمينه ڪنول، دين محمد شيخ، غلام شبير شاهاڻي، معشوق کوکر، مُرڪ سنڌو،
احمد مغل، ماسٽر فتح، دانش منظور، ماسٽر منظور ۽ ٻين فنڪارن به سندس لکيل ڪيترائي ڪلام
پنهنجي ڪيسيٽن ۾ ڳايا ۽ کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. ڪفايت حسين لاڙڪ جي ڪجھ
شاعري ماهوار “نئين زندگي” ۽ ڪتاب “مٽيءَ ۾ هڳاءُ” ۾ به شايع ٿي چڪي آهي. تنهن کان
سواءِ سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي شاعريءَ جو مجموعو “اکڙين ۾ آلاڻ” ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو.
سنڌ جي هن نامور
شاعر، غريبن جي همدرد، يارن جي يار ڪفايت حسين لاڙڪ جو وصال ۲۴ مارچ ۲۰۱۴ع بمطابق ۲۲ جمادي الاول ۱۴۳۵ھ تي هارٽ اٽيڪ سبب ڄامشوري ۾ ٿيو، کيس
پنهنجي اباڻي قبرستان سيد بچل شاھ، ڳوٺ کاهي راهو لڳ نوشهرو فيروز ۾ دفن ڪيائون.
سندس سيرانديءَ واريءَ
تختيءَ تي لکيل آهي ته،
کِليو ڳالهايو بخشي
ڇڏجانء،
وڃان ٿو پويان منهنجي
تون نه روئجانء.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا