; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي

16 June, 2022

ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي

ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي

ٿر واسين لاءِ پاڻي جا کوهه کوٽڻ ۾ مدد ڪندڙ

مير اعظم علي ٽالپر



سنڌ ۾ قاضي خاندان، خاص ڪري حيدرآباد ۾ قاضي برادران سنڌ واسين لاءِ علم، ادب ۽ حڪمت توڙي سياست ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. اُن جا ڪيترا ئي جيئرا جاڳندا مثال موجود آهن. ان سلسلي ۾ سڀ کان بلند ترين مقام حيدرآباد شهر ۾ عبرت بلڊنگ مان نڪرندڙ عبرت اخبار آهي. ان کانسواءِ ماضيءَ ۾ حيدرآباد کان سواءِ سنڌ واسين ۽ ٻهراڙين لاءِ تفريح جو واحد ذريعو سينما گهر هئا، جيڪي پڻ قاضي برادران جا ئي هئا. ان کان سواءِ مشهور حڪمت وارو دوا خانو ’شمس الدين جو دوا خانو‘ به قاضي ڪٽنب سان ملي ٿو.


علم، ادب ۾ قاضي خاندان بي مثل آهي، ان ڪري ان لاءِ ڪجهه لکڻ ائين آهي جيئن سج کي ڏيئو ڏيکارڻ يا هٿ جي ڪنگڻ لاءِ آرسي وارو مثال. قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جي ذاتي ذوق ۽ شوق سان سنڌ ۾ اخباري دنيا لاءِ عبرت جو اڄ وڏو مقام آهي ۽ جڏهن قاضي عبدالمجيد عابد صاحب اطلاعات جو وزير مقرر ٿيو هو ته هُن سڀ کان اول پاڪستان ٽيليويزن تان سنڌي پروگرام جو وقت وڌرايو هو ۽ ان سلسلي ۾ ڏينهن جو ساڍي ٻارهين وڳي سوجهرو پروگرام شروع ڪرايو هو، جيڪو ممتاز مرزا ڪندو هو. ان کانسواءِ قاضي خاندان ڪيترن ئي غريب مسڪينن جي پوئيواري ڪندي انهن جا مسئلا پنهنجا مسئلا سمجهي حل ڪرڻ جي هر وقت ڪوشش ڪئي آهي. ملڪ ۾ غربت ۽ غريبيءَ کي ڏسندي هنن ڪڏهن به ڪنهن کي بيروزگار نه ڪيو آهي ۽ هميشه سندن خيال رکيو آهي. جڏهن ته خيراتي ڪم ڪندي ٿر واسين لاءِ کوهه کوٽڻ جو ڪم جيڪو قاضي ڪٽنب جي چشم و چراغ ڊاڪٽر ارشد عباسي ڪيو، ان جهڙو ڪم شايد ٻي ڪنهن نه ڪيو.

ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي، سائين قاضي عبدالمجيد عابد جو سڀني کان ننڍو فرزند هو ۽ قاضي اسد عابد صاحب عبرت جي سرواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي سابق اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جو ڀاءُ هو. جيڪو آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهر ٽيلر ۾ وڏو عرصو ڪينسر ۾ بيمار رهڻ بعد پنهنجا ڪيترائي همدرد پٺيان ڇڏي، ٽيون ڏينهن آمريڪن ٽائم موجب ٻه لڳي ۳۰ منٽن تي هن دنيا مان موڪلائي ويو.

هو لياقت يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ڪرڻ بعد چيسٽ اسپيشلسٽ طور مشهور ٿيو هو. ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي ذاتي طرح سان ٿر واسين لاءِ پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. هن جي سپورٽ مشن سان مسڪين ٿرين لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ مالي مدد ٿي.

ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي لاءِ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ نالي واري شخصيت منير ڀرڳڙي سان رابطو ڪرڻ تي سائين منير ڀرڳڙي ٻڌايو ته سائين ڊاڪٽر صاحب هڪ مخلص ۽ غريبن جو خيال ڪرڻ وارو انسان هو ۽ هن ٿر ۾ پاڻي لاءِ مالي سهائتا ۾ وسان نه گهٽايو ۽ هر ڪا مدد ڪندو رهندو هو. جيئن ٿر واسين کي پاڻي کوهن ذريعي ملي سگهي. ان سلسلي ۾ منير ڀرڳڙي ڊاڪٽر صاحب جي فئملي سان ڏک جو اظهار ڪيو.

ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي جي جنازي نماز اوڀر ٽيڪساس جي اسلامڪ سوسائٽي واري مسجد لڳ اسٽيٽ هاءِ وي ۶۴ ٽيلر ٽيڪساس ۾ عصر نماز کانپوءِ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته ٽيجهو ڪالهه جمعي ڏينهن سندس گهر نمبر ۲۸ مين خيابان شاهين فيز ۶ ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي ڪراچي ۾ ٿي گذريو.

ٿرين کي کوهن ذريعي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ڏيندڙ قاضي ڪٽنب جو هڪ انمول هيرو ۽ چشم ۽ چراغ اسان وٽ هاڻ موجود نه آهي ۽ اسان سڀئي ان لاءِ دعاگو آهيون ۽ خاص ڪري ٿر وارا جڏهن سندس کوٽايل ڪنهن کوهه جو پاڻي پيئندا ته کيس ضرور ياد ڪندا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۴ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا