; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي، مير اعظم علي ٽالپر،
Showing posts with label ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي، مير اعظم علي ٽالپر،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي، مير اعظم علي ٽالپر،. Show all posts

16 June, 2022

ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي

ڊاڪٽر ارشد عابد عباسي

ٿر واسين لاءِ پاڻي جا کوهه کوٽڻ ۾ مدد ڪندڙ

مير اعظم علي ٽالپر



سنڌ ۾ قاضي خاندان، خاص ڪري حيدرآباد ۾ قاضي برادران سنڌ واسين لاءِ علم، ادب ۽ حڪمت توڙي سياست ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. اُن جا ڪيترا ئي جيئرا جاڳندا مثال موجود آهن. ان سلسلي ۾ سڀ کان بلند ترين مقام حيدرآباد شهر ۾ عبرت بلڊنگ مان نڪرندڙ عبرت اخبار آهي. ان کانسواءِ ماضيءَ ۾ حيدرآباد کان سواءِ سنڌ واسين ۽ ٻهراڙين لاءِ تفريح جو واحد ذريعو سينما گهر هئا، جيڪي پڻ قاضي برادران جا ئي هئا. ان کان سواءِ مشهور حڪمت وارو دوا خانو ’شمس الدين جو دوا خانو‘ به قاضي ڪٽنب سان ملي ٿو.