ڊاڪٽر ظهيره
وڃي ڀونءِ پيٺي
دريا خان شنباڻي
هوءَ ڊاڪٽر مشتاق
جي محبوب گهرواري هئي، ۽ منظر حسين سان گڏ ٻين ٻارن جي ماءُ هئي پر هوءَ جڏهن ڪنب
۾ مسيحائي پيشي سان لاڳاپجي وئي ته اوسي پاسي ۽ علائقي واسين لاءِ به مسيحا جي روپ
۾ فرشتي جيان لٿي ۽ ڪيئي ماڻھو خاص طور تي عورتاڻي مرض سان لاڳاپيل مريض ٺيڪ ٿيا ۽
ڪيئي ٻار سندس هٿان جنميا ۽ اسان جي گهرن ۾ جيڪي پتڪڙا ٻار گهمي ڦري رهيا آھن اهي
پڻ ڊاڪٽر ظهيره صاحبه جي هٿن جو معجزو آھن.
ڊاڪٽر مشتاق به
پنهنجي طبيعت ۾ ته محبوب آھي ئي پر ڊاڪٽر مشتاق کي ڊاڪٽر ظهيره صاحبه ملي ان ۾ ڊاڪٽر
وڌيڪ ڀاڳوند ثابت ٿيو ۽ ڪنب جي هڪ ننڍڙي ڪلينڪ ڊاڪٽر ظهيره صاحبه جي اچڻ سان سينٽر
۾ تبديل ٿي وئي ۽ چوويھ ئي ڪلاڪ ان ڪلينڪ ۾ گهماگهمي رهندي هئي. اهي ڊاڪٽر جيڪي ڏينهن
جو پنهنجون دوڪان نما ڪلينڪون بند ڪري سج لٿي کان پوء گهرن ۾ واڙجي ويندا آھن ۽
پوء آڌيء مانجهيء سندن گهرن جا دروازا ڪونه کلندا آھن تڏھن ڊاڪٽر ظهيره صاحبه ۽ ڊاڪٽر
مشتاق جي اسپتال کليل هوندي هئي.
ڊاڪٽر ظهيره صاحبه
يا ڊاڪٽر مشتاق جي ڪا فڪس ٿيل فيس نه هوندي هئي، مريض جي دوائن ۽ علاج جي فيس
غريبن جا کيسا فڪس ڪندا هئا ۽ آھن ته سندن کيسو ڪيتري اجازت ٿو ڏئي ۽ غريب غُربو ڄڻ
علاج جي فيس پاڻ طئي ڪري هليو ويندو هو ۽ آھي.
ڪڏھن ڪڏھن مون کي لڳندو
هو ته ڊاڪٽر مشتاق ۽ ڊاڪٽر ظھيره صاحبه ڪنب ۽ آسپاس لاءِ عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس
ايڌي هجن ۽ سندن اسپتال مان نه صرف علاج ٿيندو آھي پر بهترين صلاحون، ڪنهن مريض جي
کٽل بلڊ کي بلڊ ملڻ، ادب دوستن کي ڪتابن جا تحفا ۽ ٻارن کي ڪتاب ۽ قلم به ورهايا ويندا آھن.
ڊاڪٽر مشتاق ۽ ڊاڪٽر
ظهيره صاحبه جي پنهنجي نجي زندگي به ته اها مسيحائي رهي ۽ صرف خدمت ئي خدمت.
ائين ناهي ته ڪو
هتي مفت ۾ علاج ٿيندو هو يا آھي پر علاج سان گڏ مريضن جي دلجوئي، رعايت ۽ محبت
ملندي هئي ۽ آھي.
ان سڄي محبت ۽ بهتر
روين جي محور اسان جي ڀيڻ ڊاڪٽر ظهيره هوندي هئي جنهن جي خوشبو وري ڊاڪٽر مشتاق جي
ڳالهين، ٽھڪن ۽ ڀاڪرن مان ڀاسجندي هئي. مون کي نه ٿو لڳي ته هاڻ ڊاڪٽر مشتاق ڪجھ
عرصي تائين ڪي وڏا ٽھڪ ڏئي سگهندو. ڊاڪٽر ظهيره صاحبه جي وڇوڙي اسان جهڙن ڀائرن جي
سيني ۾ تير کُپائي ڇڏيو آھي ته ڊاڪٽر مشتاق جي ته هوءَ جيون ساٿياڻي هئي، هڪٻئي جي
ڪلهن تي روئڻ ۽ هٿ هٿن مان وٺي ٽھڪ ڏيڻ سندن شيوو هو تنهن درد کي ماپڻ اسان اوهان
جي وس جي ڳالھ ناهي.
مون جڏھن هن سال جي
مارچ مهيني ۾ منظر حسين جي هيءُ هيٺين تصوير ڏٺي جنهن ۾ منظر حسين پنهنجي امڙ جي
پيرن ۾ گهري ننڊ ستل آھي ته منهنجون اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ پوء سمورن گهر ڀاتين
کي دعا لاءِ عرض ڪيم ته دعا ڪيو جيستائين منظر حسين جوان ٿئي تيستائين انهن پيرن
جي خوشبو رهي پر...........
جڏھن ڊاڪٽر مشتاق
آغا خان مان اپڊيٽ ڪندو رهيو ته ڊاڪٽر صاحبه جي طبيعت هينئن آھي هونئن آھي پر هڪ
اميد هئي ته ڊاڪٽر مشتاق جا اوجاڳا سڦل ويندا ۽ هڪ ڏينهن ڪراچيءَ مان ڊاڪٽر ظهيره
صاحبه خوشيءَ خوشيءَ ۽ مرڪندي ڪنهن آرامده گاڏيءَ مان ڪنب لهندي ۽ هڪ دفعو ٻيهر هوءَ
ڪنب واري اسپتال ۾ مريضن جي خدمت ۾ مگن ٿيندي. پر تقدير اسان جي سوچ ۽ خواهش کان
ابتڙ ويندي آھي ۽ ڊاڪٽر ظهيره صاحبه نيٺ ايمبولينس ۾ پنهنجي ٿڌي ٿيل جسم ۽ هٿن جي
رڪيل نبض سان ڪنب پهتي......
۽ ڄڻ هڪ
خوشبو جي پڄاڻي ٿي وئي..... ۽ رب رحمان کان دعا آھي ته هو مرحومه کي جنت ۾ جاء ڏئي.
(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا