ڊاڪٽر ظهيره
وڃي ڀونءِ پيٺي
دريا خان شنباڻي
هوءَ ڊاڪٽر مشتاق
جي محبوب گهرواري هئي، ۽ منظر حسين سان گڏ ٻين ٻارن جي ماءُ هئي پر هوءَ جڏهن ڪنب
۾ مسيحائي پيشي سان لاڳاپجي وئي ته اوسي پاسي ۽ علائقي واسين لاءِ به مسيحا جي روپ
۾ فرشتي جيان لٿي ۽ ڪيئي ماڻھو خاص طور تي عورتاڻي مرض سان لاڳاپيل مريض ٺيڪ ٿيا ۽
ڪيئي ٻار سندس هٿان جنميا ۽ اسان جي گهرن ۾ جيڪي پتڪڙا ٻار گهمي ڦري رهيا آھن اهي
پڻ ڊاڪٽر ظهيره صاحبه جي هٿن جو معجزو آھن.
