; سنڌي شخصيتون: احسان لغاري

26 June, 2022

احسان لغاري

احسان لغاري

علي نواز آريسر



اڄ منهنجي انهي دوست جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو نه فقط منهنجو دوست رهيو، پر هو ته دوستيءَ جي ان رشتي کان به گهڻو ويجهو رهيو. سڄو ڏينهن گڏ هجڻ کانپوءِ به هڪٻئي سان جُڙيل رهبو هو، رُلڻو آهي تڏهن به گڏ، کلڻو آهي تڏهن به گڏ، پڙهڻو آهي تڏهن به گڏ، نوڪري دوران ترقي به گڏ ملي ته رورٽ به گڏ ٿياسين مطلب ته "ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو" سو اسان ٻه بار بڻيل هئاسين.


احسان منهنجي زندگيءَ ۾ پارس جيتري اهميت رکي ٿو جنهن مون جهڙي لوھ کي سون بڻائي ڇڏيائين. مون کي ڪمپيوٽر جي ڪا به ڄاڻ ڪون هئي پر هن مون کي زبردستي ڪمپيوٽر سيکاريو. مون کي ايم. فل ۾ زوري داخلا وٺرايائين. مون کي زبردستي لکڻ سيکاريائين.

هُن هر پل اها ڪوشش ڪئي ته آئون اديب ٿيان، پر هن جون سڀئي ڪوششون ناڪام ئي ٿيون، آئون هن جي خواهش موجب لکڻ ته لڳس پر اديب نه بڻجي سگهيس. توڙي جو هن پنهنجي پر ۾ سوين اهڙا اديب پيدا ڪيا جن مان ڪيترا اهڙا به آهن جن کي آئون ٻه سئو وارا اديب چوندو آهيان.

اسان جي وچ ۾ ڪيتريون ئي رنجشون به رهيون ڇاڪاڻ جو هي ڪيترن ئي معاملن ۾ غير سنجيده رهندو هو، جيڪا ڳالھ مون کي نه وڻندي هئي ۽ اسان ڪيترا ئي ڀيرا هڪٻئي کان ڪاوڙبا رهياسين ۽ هميشه هن ئي پرچائڻ جي اڳڀرائي ڪئي. اسان ٻنهي جي ذهن ۾ هڪڙي ڳالھ گهر ڪري ويهي رهي هئي ته

ساھ ڪنهن پئي ڏنو ۽ ساٿ ڪنهن پئي ڇڏيو

احسان پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو ڀوڳنائن وارو سفر ڪيو آهي، هي الاهي ڏکين حالتن مان گذريو آهي پر رُڪ جو ماڻهو آهي، ڪڏهن ڪڏهن مايوس ضرور ٿيندو آهي پر هن جو ٻيو قدم انتهائي سگهارو هوندو آهي. اٿارٽيءَ ۾ جڏهن رورٽ ٿيو ته ڪجھ عرصي لاءِ مايوس ٿي ويو هو، پر جيئن ئي مايوسي جي ڪيفيت مان نڪتو ته هن رومي ڪتاب گهر جو بنياد وڌو ۽ جلد ئي رومي پبليڪيشن جو به بنياد وجهي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي هي الائي ڪيترا ڪتاب ڇپائي ويو ۽ ڪتاب گهر به باقاعدي ادبي اوطاق بڻجي ويو آهي.... مون کي ته بس اهو ڏسي خوشي پئي ٿئي ته هو هاڻي سنجيده به ٿي ويو آهي، واقعي وقت ۽ حالتون انسان کي بدلائي ڇڏينديون آهن...

منهنجا پرين تنهنجي خوشي ۾ ئي آئون خوش آهيان...

احسان رولاڪين جو گهڻو شوقين آهي... قديم آثارن ڏسڻ هن جو محبوب مشغلو آهي... هن کي پنهنجي پراڻي ثقافتي ورثي سان بي پناه محبت آهي.... ۽ خوبصورت دنيا اهي ماڻهو اڏيندا آهن جيڪي پنهنجي پراڻي پيڙهي سان پيار ڪندا آهن.

اڄ منهنجي هن شرارتي دوست جو جنم ڏينهن آهي، اسان جي زندگيءَ ۾ هڪڙو سال اهڙو به آيو هو، جو هن جي شرارت سان اسان ٻنهي جو جنم ڏينهن هڪ ئي ڏينهن تي ملهايو ويو هو.

پيارا احسان توکي تنهنجو جنم ڏينهن مبارڪ

 

(علي نواز آريسر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


 

اسان جو رئيساڻو ڳوٺ!

احسان علي لغاري

بلدياتي چونڊن جا ڏينهن آهن، هر ماڻهو سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڳوٺ جا مسئلا بيان ڪندي، پ. پ سميت ٻين پارٽين کان پُڇاڻي جو بيٽ کنيو، ڇڪا ۽ چوڪا پيو هڻي. ڪٿي بجليءَ جو مسئلو آهي ته ڪٿي گٽر لائين جو، ڪٿي گهٽين پَڪين ڪرڻ جو مسئلو آهي ته ڪٿي واٽر سپلاءِ جو، سڀئي پنهنجن پنهنجن مسئلن کي آڏو رکي، پٽڪن جي چنگچي ڀري پيا گهمن، ڪنهن جو پَٽڪو لاٿو پيو وڃي ته ڪٿي پَٽڪن تي پَٽڪا پارايا پيا وڃن. سُٺي ڳالهه آهي ته اسان جو عوام هاڻي سُجاڳ ٿيو آهي، پنهنجا حق وٺڻ لاءِ وڏڙن جي عقيدت، ڇڏ ڇڏان ۽ درگذر واري ڳالهه کي پاسيرو رکندي، علم جي آڌار اهو سمجهي چُڪو آهن ته نيٺ اسان کي پنهنجا حق وٺڻا پوندا.

جعفر خان لغاري (سانگهڙ)، جيڪو جڳ مشهور عالم ۽ محقق، منهنجي محسن جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڳوٺ آهي، جنهن جي ڀرپاسي جا ڏهه ٻارهن ڳوٺ ’جعفر لغاريءَ‘ سان منسوب سڏبا آهن.

جعفر خان لغاري، جتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ۽ ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ صاحب جهڙا هيرن مثل ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنهنجي ڳوٺ، ڀرپاسي جي ڳوٺن، دوستن يارن ۽ واسطيدارن ۾ نوڪريون ائين ورهايون، جيئن نڪاح کان پوءِ مٺائي طور کنڊ ورهائبي آهي. گهڻائي گهراڻا بُکن مان نڪري بادشاهي ماڻڻ واري پاسي پهتا. جعفر خان لغاريءَ جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ پوسٽ آفيس، بنيادي هيلٿ سينٽر، هاءِ اسڪول، ٽيليفون، لائيٽ، يونين ڪائونسل، واٽر سپلاءِ اسڪيم سميت ڪيتريون ئي سهوليتون ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪوششن سان ٿيون.

عوامي خوشحاليءَ کان پوءِ حالتون تبديل ٿيون، ڊاڪٽر بلوچ صاحبن جي فيملي محدود ٿيندي وئي، ۽ ماڻهن سندن ٿورن، ڀلاين ۽ احسانن کي ندوءَ جي کوهه (ندوءَ جو کوهه جعفر خان لغاريءَ جي ڀر ۾ هو) ۾ اُڇلائي، کوهه کي لٽي ڇڏيو. هرڪو کٽيءَ جو خانُ بڻجي پيو.

اسان جي يونين ڪائونسل، يعني جعفر خان لغاري گذريل پنجاهه سالن کان ڪراچيءَ جي لياري وانگي رهي آهي، ڪڏهن موجون ته ڪڏهن فوجون. بهرحال دنيا جو دستور آهي ته لکين ماڻهن تي حاڪميت ڪو هڪ ٻه ماڻهو ئي ڪندو آهي، باقي اسان پارا رڍن ۽ ٻڪرين جي ڌڻ جيان، اُن جي هڪل پويان پيا هلندا آهن. سو هتي به ساڳي ڪار رهي آهي، هلان هلان جو سلسلو جاري آهي، پر جيڪڏهن ڪا ٻڪري يا رڍ ڌڻ مان ڌار ٿيڻ لاءِ وِک وڌائي ٿي ته ريڍار به مصلو تيار ڪيو ويٺو آهي، سو وڃي ٿو جان ڇڏائيندو. بهرحال هن دفعي يوسي ۾ بلدياتي چونڊن جي صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي، اميد آهي ته سڀني کي پنهنجو حق ملندو.

اوهان اهو ڄاڻي حيران ٿيندا ته هن سڄي وٺان وٺان ۾، جعفر خان لغاريءَ کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي موجود اسان جو ڳوٺ عطا محمد لغاري سمورن مسئلن کان آزاد آهي، اسان کي نه بجلي کپي، نه واٽر سپلاءِ پاڻي، نه ڳوٺ جي گٽر لائين ته نه ئي گهٽيون پڪيون ڪرائڻيون آهن، نه ڪنهن پارٽيءَ جي اڳواڻ کي ڪا ميار ڏبي ته نه ئي ڪو ڏوراپو دهرائبو، ڇاڪاڻ ته اسان جو ڳوٺ رئيساڻو ڳوٺ آهي.

اسان جو ڳوٺ عطا محمد لغاري، چوٽيءَ جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي، اُن چوٽيءَ جي نسبت اسان وٽ ڪنهن به پارٽيءَ جي پهچ ناهي، ڇاڪاڻ ته اسان جو رئيساڻو ڳوٺ آهي.

آئون ننڍڙو هئس ته ڳوٺ ۾ وڏي وسونءَ هوندي هئي، ۽ رئيس هڪڙو ئي هو، ”رئيس عطا محمد خان لغاري“. رئيس عطا خان محمد لغاري واقعي رئيس انسان هو. سڄي سنڌ جي صوفي بزرگن سان سندس عقيدت هئي، هاڻي به جڏهن ڪنهن وڏي درگاهه جي گادي نشين سان ملبو ۽ رئيس عطا محمد خان لغاريءَ جو ذڪر کلندو آهي، ته اکيون آبديده ٿي وينديون آهن. هُن ڏي جهوڪ جي صوفي عبدالستار سائين، مخدوم طالب الموليٰ کان ويندي الاءِ ڪيترين وڏين شخصيتن جا خط لکيل هئا، هو اُنهن جو پيارو دوست هيو. هُن خليفي نبي بخش لغاري قاسم جي مثنويءَ جو ترجمو به ڪيو هو. هو پنهنجي دور ۾ وڏي ڀل ڀلائيءَ وارو مڙس هو. اوڙي پاڙي جي مسئلن ۾ هڙان وڙان ڏئي پيو سڀني جي سار لهندو هو. جيئن جيئن سندن اولاد ۽ مجموعي طور ڳوٺ ۾ رئيسن جو تعداد وڌندو ويو، ڳوٺ ڦٽندو ويو. افسوس جو سندس پُٽن اُن جي کَٽيءَ جو ته سڀ ڪجهه کاڌو، پر کيس وساري ڇڏيو.

رئيس عطا محمد خان، رئيسن جي تعداد وڌڻ جي ڪري ڳوٺ ڇڏي، پنهنجي اولاد ۽ مائٽن سميت وڃي جعفر خان لغاريءَ ۾ رهيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. سندس اولاد ۽ ڀائٽن ۾ وڏڙن جا ڪي ڪڻا اڃا موجود آهن، جو هر عيد تي جعفر خان لغاريءَ مان اچي عيد نماز پنهنجي اباڻي ڳوٺ پڙهندا آهن، ۽ عيد جي خوشين جي هڪ ديڳ لاهي اسان جي رئيسن کي کارائيندا آهن. 100 ماڻهن جي آبادي واري ڳوٺ ۾ هن وقت 2022ع ۾ به ڪي 20 رئيس اڃان به موجود آهن.

اسان جي ڳوٺ ۾ ’مير شهلي‘ جي نالي هڪ مزار آهي، جتي ننڍپڻ ۾ ڏاڍيون مٺيون ڪُنيون کاڌيوسين، هر هفتي ڪي ڏهه پندرهن گهرن کان مٺي ڀت يا رٻ جون ڪُنيون ڀرجي اينديون هيون، ڳوٺ جا ٻار، نوجوان توڙي وڏڙا گڏجي کائيندا هئاسين، ڏاڍو رَسُ ۽ چَسُ هوندو هو. ’مير شهلي‘ جي چوڌاري وڏو جهنگ هوندو هو، جيڪو سڄي ڳوٺ جو باٿ روم هوندو هو، جيئن جيئن جهنگ وڍبو ويو، سڀني پنهنجي پاسي باٿ ٺاهيو ۽ سڀ رئيس ٿي ويا. اهو 50-60 گهرن تي مشتمل ڳوٺ هاڻي 5 گهرن تي باقي بچيو آهي، پر اسان وٽ رئيسن جي کوٽ ناهي.

افسوس آهي جو ڳوٺ ۾ رئيسن جي وڌڻ ڪري، اسانجا ڪيترائي نامور ۽ يادگار ڪردار گم ٿي ويا. محمد عمر، جنهن کي ’عمريو‘ ڪري سڏيندا هئا، درويش صفت انسان هو، سڄي ڳوٺ جو مال چاريندو هو، بدلي ۾ صرف ماني ملندي هئي، ڪڏهن ڪو ڪپڙن جو جوڙو يا ڪا جُتي ملي ته هو اُنهيءَ خوشيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چئن ڳوٺن جا پنڌ ڪري ماڻهن کي ٻڌائيندو هو ته نئين جُتي ورتي اٿم، نئون وڳو ورتو اٿم. اهو هڪ اهڙو ڪردار هو، جيڪو ڳوٺ جي ٻارن، مردن توڙي عورتن سان حُجتي هوندو هو. هُن مُنهن ڪڏهن به نه ڌوتو، اکين ۾ سدائين پِچُون پيل هونديون هيون، سي به وڏيون اڇيون چٽيون، پري کان پيون ڏسبيون هيون، کيس چئبو هو ته ’عمريا منهن ڌو‘ ته چوندو هو ’آپ غريب ماڻهو صحيح هئون‘. ساڻس ڳوٺ جو هر ماڻهوءَ پيو حجت مذاق ڪندو هو، پر هو سدائين محبتن ۽ مرڪن سان جواب ڏيندو هو. ڳوٺ جو ٻيو ڪردار سومر خان لغاري هو، جيڪو هڪ حادثي سبب پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو، پر ڇا ته شاندار ڪردار هو، پنهنجي مُنهن سڄو سڄو ڏينهن پنهنجي مُنهن پيو ڳالهائيندو هو، اڪثر واٽر جي ڀر ۾ ئي موجود هوندو هو، هونئن ته هروڀرو ڪنهن سان نه وڙهندو هو ۽ نه ئي چِڙندو هو، پر ڪنهن کي چيڙائي وڌو ته پوءِ به بنا حملي جي ڀُونڊن تي دهمان ڪندو هو. سومر خان، اسان جي ٻاروتڻ جو وڏو ڪردار هو، هڪ طرف اسان ٻار کانئس پيا ڊڄندا هئاسين، ته ٻئي طرف هن سان ڏاڍيون مشڪريون ڪندا هئاسين، هو ويٺو هوندو هو ته کيس چُونڍيُون هڻندا هئاسين، پاڻي ۽ گپ هڻندا هئاسين، پر اُن جي اُٿڻ کان اڳ ڀڄي ويندا هئاسين. سندس وڏي خاصيت اها هئي ته جڏهن ڪا گاهه جي ڀري کڻائڻي هجي، يا پاڻيءَ جو مَٽ کڻائڻو هجي ته سومر خان کي هڪل ڪندو هو، ۽ هو اهو ڪم ڪري وري پنهنجي ڪِرت ۾ شروع ٿي ويندو هو. اهڙو ئي هڪ ڀلوڙ ڪردار سندس ڀاءُ نواب خان لغاري هو، هو ته ايڏو وڏو ڪردار آهي، جو هُن جي ڳالهين تي ڪو ڪتاب لکجي. ڳالهائڻ ۾ ٿورو ٻتڙ هوندو هئس، جنهن ڪري سڄي تَر ۾ خوش طبعي جي حوالي سان مشهور هو. کيس سخت ڪاوڙ ۾ به ڏسبو هو ته کِل اچي ويندي هئي، هو ٻاروتڻ ۾ اسان کي تنگ ڪرڻ تي ڏاڍو ماريندو هو، پر الاءِ ڇو، اسان ڪڏهن به والدين سان اها شڪايت نه ڪئي، بلڪه کيس تنگ ڪرڻ ۽ مار کائڻ لاءِ وڌيڪ آتا هوندا هئاسين. هڪ دفعي هُن موج ۾ اچي هڪ بورڊ ٺهرايو، اُن تي نالو لکرايائين ’ڳوٺ رئيس نواب خان لغاري‘. چيائين ته رئيس عطا محمد خان وارا ويا هليا، هاڻي هي ڳوٺ منهنجو آهي. هُن کي ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هو، رات جي ٿڌڙي هير ۾ جڏهن هو، رستي تان ويندي، پنهنجي ٻاتڙي آواز ۾ ڳائيندو هو، ته ڳوٺ جو هر ماڻهو متوجهه ٿي کيس ٻڌندو هو، کلندو هو. نواب خان اسان جي ڳوٺ لاءِ کِل ۽ خوشيءَ جي علامت هو، سندس مرڪون ۽ ٽهڪ نٿا وساري سگهجن. وٽس ٽانگو هو، گهوڙي به گَھرِ هئس، هلندي رستي ۾ تنگ ڪندي هئي، ڀلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نه هلي، پر گهوڙيءَ جا نخرا, ٻيو نواب جا ايلاز ۽ حيلا ماڻهن کي سڀ ڪم وساري ڇڏيندا هئا، ماڻهو اهو لقاءُ وڏي شوق سان ڏسندا هئا. افسوس آهي جو اهڙا کوڙ ڪردار، اسانجي رئيسن پنهنجي رئيسائپ ۾ دفن ڪري ڇڏيا.

اسان جي ڳوٺ جي رئيسن جهڙا رئيس شايد هر پاسي هوندا، پر هيءُ خدا جي الڳ مخلوق آهن، گوڏ ٻڌل هوندي، پير ۾ ڦاٽل چپل هوندي، کيسي ۾ روپيو به نه هوندو، پر روڊ تان ڪار يا موٽر سائيڪل تي ويندڙ ڪنهن چڱي ڀلي شريف ماڻهوءَ کي سلام نه ڪندا، البته اکين ۾ اکيون وجهي کار مان ڏسندا ضرور. ان ڪري ئي اسان کي ڪنهن به شيءِ جي ڪا ضرورت ناهي، اسان وٽ ڪوبه مسئلو ناهي. ڇاڪاڻ جو اسان چوٽيءَ تي آهيون، ها باقي جڏهن رئيس جو ٻيجو سڙيو ۽ اسان ماڻهو ٿياسين ته پوءِ اسان وٽ نواب زنده ٿيندو، عمريو زندهه ٿيندو، چاچا هاشم زندهه ٿيندو، ۽ ٻيا انيڪ ڪردار هن ڳوٺ جي سونهن بڻبا. پوءِ اسان به پنهنجو حق مڃرائينداسين ته اسان جي ڳوٺ ۾ هي مسئلا آهن، حل ڪريو ته ووٽ ڏيون.

 

(احسان لغاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)

1 comment:

  1. پيارا سائين، اڄ هي مواد نظر مان گذريو، آئون اوهان جو تهه دل شڪرگذار آهيان. لک لائق.

    ReplyDelete