; سنڌي شخصيتون: شفيع محمد ڪرناڻي

22 June, 2022

شفيع محمد ڪرناڻي

شفيع محمد ڪرناڻي

سنڌ ۽ سيد سان وفائي جو وچن ورجائيندڙ شھيد

عامر انصاري



جنھن قوم ۽ ملڪ جا ماڻھو سامراجي قوتن جي ھٿان غلام بڻجي صدين تائين غلامي جھڙي زنجيرن جڪڙجي پنهنجي زندگي گذاريندا آهن سچ پچ ته اُنھن ماڻهن ھِن ڌرتيءَ تان ھميشه نانءُ نشان مٽجي ويا آھن ھڪڙا ماڻھو جيڪي عام رواجي زندگي گذارڻ کي وڏي ترجيح ڏيندا آهن ته ٻيا وري پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ پنهنجي زندگي ارپي تاريخ جي ورقن ۾ امر ڪردار بڻجي ويندا آهن جن کي تاريخ ھميشه پنھنجن لفظن ۾ ياد ڪندي رھندي آھي.


ھي عشق ايمان ۽ سلامتي وارو اُھو قافلو آهي جنھن ۾ ڪيترائي سنڌ ڌرتيءَ جا عاشق عشق عيوض ۾ ڪي ڪُٺا ويا ته ڪي ساڙيا ويا ته ڪن زھر کي زم زم سمجهي پي ڇڏيو ته وري ڪن کي ڪاري رات اونداهي ۾ پنھنجي گھرن مان کنڀي گم ويو ته وري ڪن جي پشم جھڙي بدن کي روڊن ۽ رستن تي سامراجي قوتن جي ھٿان گولين جو کاڄ بڻايو ويو ته وري ڪن پنھنجي سون جھڙيون جوانيون محبوبه سنڌ جي عشق ۾ ارپي ڪال ڪوٺڙين ۾ گذاري ڇڏيون ته وري ڪن ڪال ڪوٺڙي جي زندان جون سختيون سھندي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيندا آهن پر ھي عشق جو قافلو اُنھن ڊڀن جيان آهي جيڪو کٽڻ بدران ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان وڌندو پيو وڃي ۽ پنھنجي ڌرتيءَ ماتا جي سينڌ جو سنڌور بچائڻ خاطر ڌرتي سرويچ پٽن ھر جاني توڙي مالي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهندا آيا آهن ڇو جو ديش ڀڳت باغي فردن زندگي پنهنجي لاءِ نه پر قوم ۽ وطن لاءِ جيئڻ ئي زندگيءَ جو حقيقي مقصد ھوندو آھي. اُنھيءَ لوئي لڄ کي بچائڻ جي روايت کي برقرار رکندڙ سامونڊي پٽي سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي شھر ٺٽي سان تعلق رکندڙ قومي تحريڪ جي روح روان شھيد شفيع محمد ڪرناڻي به ھڪ آهي.

ٺٽو جيڪو سنڌ جي تاريخ جو اھم مکيه مرڪز رھيو آھي جنھن ھر دور ۾ سامراجي قوتن جي لشڪر کي گھوڙن سميت زمين ۾ غرق ڪري ڇڏيو اُھو ٺٽو شھر ھميشه کان سنڌ وطن جي بقا جي جنگ وڙھندو رھيو آهي جنھن ۾ سنڌ سپوت ڄام نندو/ ڄام نظام الدين به شامل آهي جنھن فارسي جا لشڪر سان جنگ جوٽي سنڌ جي مٽيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو اُھو ڌرتيءَ جي آزاديءَ جو ڀٽڪندڙ روح جيڪو ھڪ سلڇڻي سچي ايماندار ۽ محب وطن جي ڳولهڻ لاءِ ٺٽي جي علائقن ۾ پنھنجي باغي فرد ڳولھڻ جا جتن ڪندو رھي ٿو ته وري ڪو روپ وٺي ڌرتي ڌڻين لاءِ ھڪ آواز ٿي جدوجھد ڪجي محمد صالح ڪرناڻي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ شفيع محمد ڪرناڻي ھي اُھو ننڍڙو ٻالڪ ھو جنھن ماءُ جي ٿڃ بدران درياھ شينھن جي پاڻي جي امرت ڪري پيتو ھو جنھن جي رڳ رڳ ۾ ڌرتي سان وفائي سمايل رھي آهي ھِن عظيم شخص سنڌ ۽ سيد سان ننڍپڻ ۾ نينھن لڳائي ڇڏيو.

شھيد شفيع ڪرناڻي جڏهن ٺٽي جي زمين تي اک کولي ته ته يقينن جام نظام الدين جو روح ٻيھر ڪر کڻي حملي آور لاءِ موت جي للڪار بڻيو ھوندو پاڻ جڏهن ڦوھ جوانيءَ ۾ قومي تحريڪ قدم رکيو سندس جي ڪنن ۾ مڪلي جي ابدي ننڊ ستل شھيدن جون بغاوتي للڪارون جڏهن ڪنن ۾ گونجون ھونديون ته وقت اُن پاڻ آزادي جو علم کڻي عشق ھن ڪٺن سفر ۾ نڪري پيو جنھن جون اکيون اُن سنڌ جي آزادي لاءِ ترسنديون رھنديون ھيون. شھيد شفيع ڪرناڻي جي سنڌ ڌرتيءَ ايتري ته بي پناھ محبت ھئي جو ننڍپڻ ۾ ئي ھن ڌرتيءَ سان عشق جو جو ناتو جوڙي ڇڏيو .

پاڻ اُن وقت قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو جنھن وقت جساف جو شروعاتي دور ھو جنھن وقت شاگرد سياست ۾ ھڪ نئون جوش جذبو پيدا ٿي چڪو ھو اُن وقت قومي تحريڪ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان پوري سنڌ ۾ نئين سر اڀري سنڌي قوم جي ماڻهن حقن لاءِ گڏ ڪرڻ ۾ پنھنجو پاڻ نڀايو ۽ سنڌ جي آزادي واري نظريي سنڌي قوم جي ماڻهن نئون اتساھ پيدا ڪيو، شھيد شفيع محمد ڪرناڻي، سائين جي ايم سيد جي اُنھن صحابين مان ھو جنھن سيد سان زندگي دم تائين ساٿ نه ڇڏڻ جو وچن ڪيو سندس جي سادگي، سلڇڻائپ، ايمانداري، سچائي ۽ باڪرداري جي ڪري سائين جي ايم سيد سندس ڏاڍو ڀائيندو هو پاڻ سائين جي آزاديءَ واري نظريي کي سنڌي قوم جي ملڪيت سمجهي ماڻھن کي آگاھ ڪري قومي تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو جنهن سبب ڪيترين ئي تڪليفن منھن ڏيڻو پيو پر تنھن باوجود به ھن سنڌي قوم کان شڪايت نه ڪئي پاڻ ھر محاذ تي سنڌي ماڻهن سان گڏ بيھي ڪري آزادي واري راھ تي ھلڻ لاءِ ھمٿائيندو رھيو ڇو ته ھن کي اِھا مڪمل طور خبر ھئي ته سنڌي ماڻهن کي غلاميءَ مان ڪڍڻ ايترو سولو ناهي اُنڪري پاڻ سنڌي ماڻھن کي گڏ ڪري سنڌ جي آزاديءَ واري راھ ھلڻ لاءِ گڏ ڪيو.

پاڻ ھميشه چوندو ته سنڌ جي خوشحالي جو حل ڪنھن پير، مير وڏيري جي غلامي ۾ ناھي جنھن ھميشه سنڌي قوم جي ماڻهن کي غلام بڻائي پنھنجن مقصدن ۾ استعمال ڪري غلام بڻايو آهي تنهنڪري اچو سچ گڏجي ھڪ ٿي اُنهن جي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي سنڌ جي آزاديءَ ۾ حاصل ڪيون جيڪو رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو خواب ھو اُھا آزادي جيڪا اسان کي پنهنجي رستي تي وٺي ھلندي ۽ پاڻ آزادي جا مسافر آھيون ۽ اسان جي حقيقي منزل آزادي آهي جنھن لاءِ سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي ڇو جو ھي عشق ھو اُھو سفر ھو جنھن تي ھلڻ ڪنھن ڪنھن جي وس جي ڳالھ ھئي تنھن ڪري تاريخ اُن کي پنھنجي حصي لکي ڇڏيو اڳتي ھن سنڌ جي تاريخ بڻجي ويو سدائين حق سچ جي ڳالھ ڪندي اڪيلو رھجي ويو. پاڻ سن سيد جي نظريي کي قوم سنڌ جي ملڪيت سمجهي عام ماڻهن ڏانهن ڌرتيءَ جو پيغام پھچائيندو رھيو دنيا جي ڪابه لالچ ھن کي پنهنجي مقصد ھٽائي ڪونه سگهي. پاڻ ڏينهن رات اوجاڳا ڪري سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پنهنجا پير پٿون ڪري سچائي جو ثبوت ڏيندي ڌرتي جي عشق ۾ پاڻ ارپي ڇڏيو سندس جي ڪيل جدوجهد سنڌي قوم لاءِ اتساھ ڪيو آھي.

اڄ به سنڌي قوم سنڌ ۽ سيد جي يگاني عاشق امر ڪردار شھيد شفيع محمد ڪرناڻي کي پنھنجي ياد ڪندي ڪري ٿي اڄ ۶ اپريل شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي ڇھين ورسي جي موقعي تي ھِن عظيم ديش ڀڳت انسان کي قومي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو جنھن ھميشه سنڌ جي ماروئڙن لاءِ پاڻ پتوڙي ھڪ مثال قائم ڪري ھميشه لاءِ مڪلي جي ڀر ۾ آرامي ٿيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا