; سنڌي شخصيتون: شفيع محمد ڪرناڻي، عامر انصاري،
Showing posts with label شفيع محمد ڪرناڻي، عامر انصاري،. Show all posts
Showing posts with label شفيع محمد ڪرناڻي، عامر انصاري،. Show all posts

22 June, 2022

شفيع محمد ڪرناڻي

شفيع محمد ڪرناڻي

سنڌ ۽ سيد سان وفائي جو وچن ورجائيندڙ شھيد

عامر انصاري



جنھن قوم ۽ ملڪ جا ماڻھو سامراجي قوتن جي ھٿان غلام بڻجي صدين تائين غلامي جھڙي زنجيرن جڪڙجي پنهنجي زندگي گذاريندا آهن سچ پچ ته اُنھن ماڻهن ھِن ڌرتيءَ تان ھميشه نانءُ نشان مٽجي ويا آھن ھڪڙا ماڻھو جيڪي عام رواجي زندگي گذارڻ کي وڏي ترجيح ڏيندا آهن ته ٻيا وري پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ پنهنجي زندگي ارپي تاريخ جي ورقن ۾ امر ڪردار بڻجي ويندا آهن جن کي تاريخ ھميشه پنھنجن لفظن ۾ ياد ڪندي رھندي آھي.