; سنڌي شخصيتون: محبوب عباسي

21 June, 2022

محبوب عباسي

محبوب عباسي

ڪراچي ۾ سنڌين جون مثالي آباديون، آباد ڪندڙ

سيد غلام شاھ



ڪرم جو ڀرم رکڻ وڏي ڳالھه آھي ڪن ماڻھن جو ڪنھن وڏي خاندان يا ڪنھن عظيم انسان جو پٽ پوٽو ٿيڻ يا ڪنھن خانداني ڪاروبار جي حوالي سان نالو يا برانڊ ٿيڻ يا ذاتي نالي قبيلي علم عمل ڪردار وسيلي ڪا بھتر شناخت جڙڻ ۽ ان اميج کي برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. ائين محبوب بـ اھڙو نالو آھي جنھن جي مينٽينس ڏاڍي ڏکي آھي، پر اسانجي محبوب پنھنجي خوبصورت ادائن کان وٺي عملي ڪم ۽ پنھنجي مختلف چاھيندڙن سان تعلقداري ۾ خوب نڀايو آھي. ھي اھڙو محبوب آھي جو ايترن گھڻن چاھڻ وارن جي باوجود انھن جي پاڻ ۾ ڪا بـ رقابت نـ آھي، بلڪـ ھرڪو ائين ٿو چوي تـ “جن سان تنھنجو چاھ رھي ٿو، تن ۾ منھنجو ساھ رھي ٿو”ـ


محبوب سان منھنجي ملاقات لاڙڪاڻي ۾ اسي جي آخري ڏھاڪي ۾ ٿي، جڏھن مان جيئي سنڌ محاذ جو وائيس چيئرمين ۽ ھي لطيف سنگت لاڙڪاڻي جو ليڊر ھو. ھي مون کي ھڪ معصوم، وڻندڙ شڪل صورت وارو، مخلص ۽ محنتي نوجوان لڳو. وري جڏھن ڪراچي ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ مليو تـ تڏھن بـ ساڳيو معصوم، خوبصورت، مخلص، پر عزم ۽ محنتي نوجوان لڳو، ۽ وري جڏهن سياسي ڪم گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو تـ ھي پڪو پختو ميچوئر، تجربيڪار، مردم شناس، احساس ذميواري وارو، ڪميٽيڊ، انسان دوست، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جو سچو سڄڻ، سنگت ساٿ يار دوست ۽ مٽ مائٽن کي سنڀالي کڻي ھلڻ وارو، طبعن سخي سلڇڻو فھميدو ھردلعزيز، پنھنجي ذات کان وڌيڪ اجتماعي بھتري لاءِ سوچيندڙ ۽ ڪم ڪندڙ، ذھين بھادر اھل دل نفيس طبيعت خوش مزاج خوش پوش، ڪامياب بزنس مين، ڪس ڪثر ۽ درگذر وارو، مھل تي ڪم اچڻ وارو، مھمان نوازي ۾ گھر ٻاري ڏياري ڪرڻ وارو، سچو سڌو، ھوائي ڳالھين بجاءِ عملي ڪم ڪرڻ وارو، پيارو، باوفا ۽ يارن جو يار لڳو. انڪري سياسي کان وڌيڪ منھنجو ذاتي دوست ٿي پيو.

پنھنجي ڳالهھ ۽ سياسي سوچ تي استقامت سان بيھڻ جو مثال، سندس ننڍي عمر کان وٺي ھن وقت تائين سائين جي ايم سيد جي نظرئي سان وابستگي آھي.

ائين تـ عباسي/ ڪلھوڙو ھئڻ ڪري سندس خانداني واسطو بادشاھي گھراڻي سان آھي، پر زماني جي لاھين چاڙھين سبب سندس والد فنانشل ڪرائيسز ۾ رھيا. ھن ننڍي کان ھمت سان غربت جا سڀ مرحلا خوش اصلوبي، محنت ۽ پنھنجي ڪردار سان ڪٽيا. لاڙڪاڻي جھڙي سياست جي ڳڙھ ۾ رھندي، اقتداري ڌرين سان ساٿاري ٿيڻ بجاءِ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ سٿ ۾ بيٺو رھيو. کيس ڪيترائي پريشر، لالچون ۽ آڇون آيس پر ھن ڪڏھن بـ اصولن تي سودي بازي نـ ڪئي. ھن محنت ڪري پاڻ کي مالي بحرانن مان ڪافي حد تائين ڪڍيو ـ

جئين تـ ھي پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀ کان وڏو آھي. وڏي ھئڻ سبب وڏ ماڻهپي جو مظاھرو ڪندي. ھن پنھنجون خانداني زميواريون بـ خوب نڀايون آھن. سڀني ڀائرن ڀينرن کي بھترين تعليم، روزگار سان گڏ عملي زندگي ۾ بـ کين ھر طرح سان خيال رکيو آھي، اڄ سڀ پنھنجي پنھنجي گھرن ۾ خوش ۽ مطمعن زندگي گذاري رھيا آھن. سندس اولاد، نياڻيون توڙي فرزند بھترين اسڪولن ۾ بھتر تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، تمام لائق فائق نيڪ بخت با اخلاق ۽ فرمانبردار آھن. سندس ھڪ فرزند دانيال آمريڪا ۾ ڄائو آھي، انڪري باءِ برٿ آمريڪن نيشنل آھي. (انڪري آمريڪا جو صدر بـ ٿي سگھي ٿو) ـ

محبوب جيڪي زندگي ۾ وڏا ڪم ڪيا انھن ۾؛ ۱. سنڌي ماڻھن جي ڪراچي ۾ منظم آبادڪاري، جنھن لاءِ “مخدوم بلاول ڳوٺ/ سوسائٽي”، “شاھ عنايت سوسائٽي” وغيره جيڪي مثالي ماڊرن وال ٽائون شپس آھن انھن ۾ فقط سنڌي ماڻھن کي تمام سستي اگھه تي پلاٽس الاٽ ڪيا جڏهن ته پنجابين پٺاڻن وغيره وڏيون آڇون ڏنيون پر ھن ڪو بـ پلاٽ ڪنھن بـ ڌارئي کي نه ڏنو.

جن ماڻھن کي رھائش ڏني انھن جي روزگار ۽ سندن ٻارن لاءِ تعليم ۽ تحفظ لاءِ جوڳو انتظام ڪيو. جنھن لاءِ “انڊس اسڪول” ۽ “جاب سوليشن” وغيره ٺاھيا آھن.

قابل اعتماد دوستن سان گڏجي “ڪراچي سوشل فورم” جوڙي، ان پليٽ فارم تان ڪراچي جھڙي اھم شھر ۾ (جنھن لاءِ ھڪ انگريز عملدار ھت اچڻ کانپوءِ مٿي پنھنجي اٿارٽيز ڏانھن لکيو تـ “سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي شرعات ڪراچي کان ڪرڻي پوندي، ڪراچي تي قبضي جو مطلب سموري سنڌ تي قبضو”ـ ٿيو بـ ائين جو ڪراچي تي ۱۹۳۹ع ۾ ۽ باقي سنڌ تي ۱۹۴۳ع ۾ انگريزن قبضو ڪيوـ) مستقل رھندڙ ماڻھن وچ ۾ امن اتحاد محبت ترقي ۽ ھم آھنگي لاءِ ڪوششون وٺڻ. مختلف ڪلچرس زبانن قومن ۽ قبيلن کي گڏي گلدستو ٺاھڻ. سياسي سماجي اقتصادي پرابلمس مشاورت ۽ ڳالھين ذريعي طئي ڪرڻ، مذھبي تفريق گھٽائڻ، باھمي احترام وڌائڻ، ھڪ ٻئي جي جذبن ۽ خيالن جو احترام ڪرڻ، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي اصول تي ڪار آمد رھڻ، فرقيواراڻي ھم آھنگي، سياسي توازن ۽ شعور، سماجي انصاف ۽ جمھوري روايت کي نروار ڪرڻ، بي اعتمادي ۽ تشدد جي خلاف فورم بھترين ڪردار اداڪري رھيو آھي.

عام طرح سان گھڻو ڪري ھت اين جي اوز کان وٺي سياسي ڌريون پراڪسي ٿي ٻي جي خرچ تي ڪم ڪن ٿيون، پر ھي ھڻون وڻون ڏيئي رضاڪارانـ ڪم ڪري ٿو. محبوب جي بزنس، سياست، سائنسي سوچ ۽ وقتائيتن ڪامياب ھمت ڀرين حڪمت عملين، ثابت ڪيو آھي تـ سنڌي ھرو ڀرو ڄائي ڄم کان رڍون نـ آھن، جن تي ھر گدڙ حملو ڪري سگھي ٿو ـ

ھن محبوب ماڻھو جي ڄمڻ ڏينھن تي کيس دل جي گھراين سان لک لک مبارڪون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا