; سنڌي شخصيتون: قاري منظور احمد ڏنگراج

19 June, 2022

قاري منظور احمد ڏنگراج

قاري منظور احمد ڏنگراج

بابا سائينءَ کي ڀيٽا-

خليل احمد ڏنگراج



تاريخ ۲۶ مئي ۲۰۱۰ع منھنجي زندگيءَ جو هڪ اهڙو اڀاڳو ڏينھن آهي جنھن ڏينھن تي مون کان منھنجو ڀرجهلو، ڇپر ڇانءُ ۽ منھنجي وجود جي ضمانت - منھنجو بابا سائين هميشہ جي لاءِ وڇوڙي جو وڍ ڏئي اهڙي سفر جو راهي ٿيو جتان موٽڻ جو ڪوئي رستو ناهي.


والد ڇا آهي؟

چئن اکرن جي ميلاپ سان جڙيل هي لفظ پنھنجي جوهر ۾ هڪ پوري ڪائنات رکي ٿو. هڪ اهڙي ڪائنات جنهن ۾ زندگي مشڪندي نظر ايندي آهي. هر لمحو لاتعداد خوشيون کڻي ايندو آهي. والد - جنھن جي لاءِ چيو ويندو آهي تہ هڪ اهڙو خوشبودار گل آهي، جنهن سان سارو گهر معطر رهي ٿو. هڪ اهڙو چراغ آهي جيڪو پوري گهر کي روشن ڪري ٿو. هڪ اهڙو سرسبز درخت جو گرميءَ جي تپش برداشت ڪري خاندان کي ٿڌي هير ۽ ڇانءُ مھيا ڪري ٿو.

سقراط چيو هو تہ “محبت ڪرڻ واري والد جو روح، صرف اولاد ئي پيدا نہ ڪندو آهي پر هڪ اهڙي جانشين کي جنم ڏيندو آهي جيڪو دائمي حسن جي تلاش ۾ سندس ساٿ ڏيئي بيھندو بہ آهي.

اهو ئي والد جنهن جي لاءِ اهو بہ چيو ويو تہ پيءُ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنھن تي زندگيءَ جا تجربا لکيل هوندا آهن.

پر جڏهن الله پاڪ جي طرفان عطا ڪيل ان نعمت کان ڪو ماڻهو محروم ٿي ويندو آهي تہ اها ساڳي زندگي جيڪا پھريان مھڪندي ۽ مُرڪندي نظر ايندي هئي اها هڪ ڀيانڪ خواب جھڙي لڳڻ شروع ٿيندي آهي. جنهن ۾ جيئري جاڳندي وجود جا سڀ رنگ بي رنگ ٿي ويندا آهن.

پيءُ جي وجود کانسواءِ زندگي ڪيئن ٿي گذري؟

حياتي ڪھڙا کيڏ کيڏي ٿي؟

زمانو زهر ڪيئن ٿو اوڳاڇي؟

هڪ آفريڪي چوڻي موجب جڏهن والد نٿو رهي تڏهن رستي تي پيل بُنڊ بہ سبق سيکارڻ جي لاءِ ڪافي هوندو آهي. هي تہ پوءِ بہ جيئرو جاڳندو زمانو آهي. جنھن جي سيني ۾ دل تہ آهي پر اها صرف پنهنجي لاءِ ڌڙڪي ٿي. جنهن جي مٿي ۾ دماغ تہ آهي پر اهو صرف پنهنجي لاءِ سوچي ٿو. والد وانگر ڪير بہ نٿو سوچي - ڪير بہ نہ.. . !

منھنجو بابا بہ بي مثال هو. يقينن سڀني جا والد ائين ئي هوندا جيئن منهنجو بابا هو. ڇو تہ دنيا جو هر پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ وڏو سھارو هوندوآهي. ان جي محبت کي ڪنھن ماپي سان ماپي نٿو سگهجي. ڪنھن توراڻي سان توري نٿو سگهجي.

ننڍي پٽ جي حيثيت ۾ بابا سائين طرفان جيڪا محبت منهنجي حصي ۾ آئي شايد منهنجي ٻئي ڪنهن ڀاءُ جي پلئہ نہ پئي هوندي. يا مان ائين سمجهان ٿو. بھرحال هڪ عظيم پيءُ جي عظمت جي ڪٿ آئون ڪونٿو ڪري سگهان.

اڄ بابا جي وڇوڙي کي ٻارھن سال ٿي چڪا آهن. پر مان نٿو سنڀران تہ بابا مون کان ڪڏهن پل لاءِ بہ وسريو هجي.. . ! هو تہ هميشہ مون سان گڏ رهيو آهي. بابا مون سان ائين ساڻ رهيو آهي جيئن لطيف چيو هو تہ:

منجهان منهنجي روح، جي ساجن وڃي وسري،

تہ مر لڳي لُوهہ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.. . . . . . . . . . . . . . . . !

بابا جي ياد منهنجي اندر ۾ ائين سمايل آهي جيئن سرير ۾ ساهہ! جيڪڏهن ساهہ نہ رهي تہ سرير ڪنھن ڪم جو نہ رهندو آهي. بابا جي ياد منهنجي اندر ۾ ائين گردش ڪندي رهندي آهي جيئن رڳن ۾ رت!

پيءُ کانسواءِ زندگي ڪيئن ٿي گذري ان ڪرب جي ڪٿا مون کان وڌيڪ ڪير بيان ڪري سگهندو؟

مان صرف اهو چوڻ چاهيان ٿو تہ :

اي منهنجا عظيم پيءُ!

آئون اوهان کي ڪڏهن وساري نہ سگهندس.

جيستائين منهنجي سرير ۾ ساهہ آهي.

جيستائين آسمان ۾ ستارن جي چمڪ آهي.

جيستائين ساگر ۾ پاڻيءَ جي هڪ سُرڪ بہ آهي.

جستائين ڌرتيءَ تي ماڻهوءَ جي مھانتا جي ڌاڪ آهي.

تيستائين توهانجي جي ياد منهنجي من کي مھڪائيندي رهندي.

نہ اڳ اوهان کي وساري سگهيو آهيان، نہ هاڻي وسريل آهيو ۽ نہ ئي ايندڙ وقت ۾ وسري سگهندئو. بشرطيڪ ساهہ جو سڳو سلامت رهي.

الله پاڪ اوهان جا درجات بلند فرمائي. آمين يارب العالمين!

اوهان جي وجود جو حصو

خليل احمد ڏنگراچ

 

(خليل احمد ڏنگراچ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ مئي ۲۰۱۰ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا