گوورڌن محبوباڻي ڀارتي
(۱۳ جنوري ۱۹۲۹ع _۲۰۱۰ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)
مير حاجن مير
سنڌ هند جو نامور شاعر،
ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ناول نگار گوورڌن محبوباڻي ڀارتي ولد آسومل لوهاڻو جو جنم تعلقي
سيوهڻ جي قديم ڳوٺ آراضي ۾ ٿيو. هن بنيادي تعليم سنڌ مان حاصل ڪئي. ۽ بي اي آگره يونيورسٽي
مان ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان شاعري سان لڳاءُ هو. سندس ادبي، استاد نارائڻ شيام هو. سندس
ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جي مختلف موضوعن تي آهن، سندس لکيل ڪتابن ۾ شاعري، ٻارن
لاءِ ڪهاڻيون، ناول، ڪهاڻيء، ناٽڪ اهم چيا وڃن ٿا. سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
پيلو چنڊ لال داغ (ڪهاڻيون
۱۹۶۶ع)
اٺا مينهن ملير ۾
(گيت)
عمر مارئي (هندي ڊرامو)
گل ۽ مکڙيون، (شاعري)
نئي بستي (ٻارن لاءِ
ڪهاڻيون) ۱۹۶۳ع
چنڊ تي چڙهائي (ٻارن
لاءِ ڪهاڻيون) ۱۹۹۱ع
طوفاني رات (ناٽڪ)
سور جو سئو صورتون ناول
۱۹۹۷ع
لاتيون (ٻارن جا گيت)
پانڌي پراڻو واٽ
نئين (ڪهاڻيون)
سندس ڪهاڻيءَ بابت
آغا سليم لکي ٿو ته “گوورڌن جي ڪهاڻين جي پنهنجي ڪائنات آهي. جنهن ۾ اسان جهڙا عام
رواجي ماڻهو روئن ٿا، کلن ٿا. محبت ڪن ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي نفرت به ڪن ٿا. پر هنن جي نفرت
۾ اها شدت ڪانهي، جيڪا سندس محبت ۾ آهي . ”(سليم، ۲۰۱۵ :۵۵۵)
“ گوورڌن جي ڪهاڻين
۾ پلاٽ منظر نگاري، مڪالما، ڪردار نگاري توجھ طلب آهي. جنهن ۾ بي مثال ڪاريگاري ڏيکاري
ٿو. ڳالھ ڪرڻ جو فن ۽ ڌانءُ رکي ٿو. احساس، جذبا، گرم به ڪري ٿو. ڪنهن مهل ٿڌا به ڪري
ٿو. “گوورڌن جي ڪردار نگاري ۾ وڏو ڪمال حاصل آهي. جن ڪردارن کي ٻيا ليکڪ شايد ٽن
چئن صفحن ۾ پٽاڙ کان پوءِ ايترو مڪمل ڪري چٽي نه سگهن، جيترو گوورڌن ٻين چئن ابتن
بتن ليڪن سان نه صرف ڪردار جا مهانڊا، ڏيک ويک ۽ بيهڪ ظاهر ٿي پوي ٿي. پر سندس
سارو اندر پڻ چٽي ٿو بيهي (سليم، ۲۰۱۵: ۵۵۵)
گوورڌن ڪهاڻي سان گڏ
ناٽڪ ۽ شاعري سان خوب نڀايو. هو نظم جو سگهارو شاعرو هو. ۽ غزل جو ڪنهن مشق ٻهڳڻو
شاعر هو اياز قادري لکي ٿو ته” گوورڌن ڀارت جي انهن ارڏن شاعرن مان هڪ آهي، جن
شاعري ۾ نواڻ جو رنگ ڀريو آهي. گوورڌن جي غزلن ۾ نئون رنگ نمايا آهي. هو دل جي
زخمن کان زياده جهان جي دک جو ذڪر ڪري ٿو. هو. داخلي الجهنن بجاءِ خارجي حالتن کي
وڌيڪ بيان ڪري ٿو. جو ڏسي ٿو ٻڌائي ٿو. هن جي غزلن ۾ گلن جي نزاڪت بجاءِ گلن جي ڪنڊن
واري تيزي ۽ تکائي آهي. ” (قادري، ۱۹۸۴: ۵۵۲)
تون بيقرار دلين کي
قرار ڏيندو وڃ
نه جن کي پيار مليو،
تن کي پيار ڏيندو وڃ
چپن سان لال ڳلن
تان گلاب چونڊ اچي،
پسي گلي کي به ٻانهن
جو هار ڏيندو وڃ
يقين ڪلھ جو ڪٿي؟ ڀروسو
سڀان جو ڪٿي،
اسان کي “اڄ” جو رڳو
اعتبار ڏيندو وڃ،
سڪن ٿا توکي ڏسڻ
لاءِ جيڪي سالن کان
انهن کي عمر سڄي
انتظار ڏيندو وڃ
سکن جونور نه يا راحت جي روشني۾ سهين
ڏکن جي ڌوڙ، غمن جو
غار ڏيندو وڃ
اسان جي درد جي تووٽ
نه جي دوا آهي.
اُداس روح، جگر داغدار
ڏيندو وڃ
(ڀارتي، ۱۹۸۴: ۵۵۲)
گوورڌن جي غزل جو هڳاءُ
پنهنجو آهي. سندس غزل ڇولين جيان ڇلي ٿو رڌم ۽ روانگي سان ڀرپور آهي. غزل جي فني ۽
فڪري اُڏام تي پورو لهي ٿو.
پختا پونس ڀل پنجوڙ
شيهن تڏهن به ڪندو
گجگوڙ
لُڪ، لڦون، چاڙهيون
۽ جوٽون
جيون جبلن ۾ جاکوڙ
رات صبح ۽ منجهند ڇاهي،
سج چنڊ تارن جي ڊڪ ڊوڙ
صرف مرن ڇو؟ ماڻ هن
کي پڻ
اڄ ڪلھ آھ لهوءَ جي
لوڙ
امن اهنسا جي نالي
۾
جنگي هٿيارن جي هوڙ
شاگردن جو شغل
شرارت
ڀيڙ ڀڀڙ، ڀڃ ڊاھ
اکوڙ
(ڀارتي، ۱۹۸۴: ۵۵۳)
گوورڌن کي ٻارن جي
ادب تي ۱۹۵۷ع ۽ ۱۹۶۲ع ۾ ڀارت سرڪار جي وزارت تعليم کاتي طرفان ايوارڊ مليا. ان کان سواءِ ۱۹۶۶ع ۾ واسواڻي ايوارڊ پڻ مليو. قومي گيتن جي
سلسلي ۾ آل انڊيا ريڊيو طرفان ايوارڊ مليو ۽ ان کان سواءِ ٻيا کيس ڪيئي ايوارڊ ملي
چڪا آهن. ننڍي هوندي پاڻ ڊرامن ۾ اهم رول پڻ ادا ڪندو هو. گوورڌن فلمي دنيا لاءِ پڻ
گهڻو ڪجھ لکيو، سندس لکيل ناٽڪ اڪثر پسند ڪيا وڃن ٿا. نثر توڙي نظم ۾ هن کي هڪ جيتري
شهرت حاصل آهي.
رات جو پويون پهر،
اوچتو
گل ٿي ويون برقي
بتيون
چنڊ
پيلو چنڊ
ڄڻ سلھ جو مريض
دور
اولھ جي اُفق ۾ ويو
ٻڏي
(ڀارتي، ۲۰۰۴: ۲۸۶)
نتيجو
گورڌم محبوباڻي ڀارتي
بلند پايي جو شاعر، ڪهاڻيڪا ناٽڪ نويس آهي. نثر توڙي نظم ۾ هڪ جيتري حيثيت رکي ٿو.
گوورڌن جي شاعري نواڻ
سان ڀريل آهي سندس ڪهاڻي فڪري حوالي سان سگهاري نظر اچي ٿي.
سندس شاعري ۾ رڌم
روانگي ۽ نفاست آهي.
ڪهاڻي، ناٽڪ، شاعري،
۾ عوام جي مسئلن ۽ انهن جي دردن جي ڳالھ ڪري ٿو. اندر جي احساسن، اڌمن جذبن، کي
اهميت ڏئي ٿو. انسان سان ٿيندڙ وارتائن کي بيان ڪري ٿو.
حوالا:
سليم، آغا، ۲۰۱۵: مختيار احمد ملاح، سنڌي ڪهاڻي جي مختصر
تاريخ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
سليم، آغا، ۲۰۱۵: مختيار احمد ملاح، سنڌي ڪهاڻي جي مخٿصر
تاريخ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
قادري، اياز، ۱۹۸۴: سنڌي غزل جي اوسر، ڀاڱو ٻيو، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌ الاجي ڄام شورو.
ڀارتي، گوورڌن
محبوباڻي، ۱۹۸۴: سنڌي غزل جي اوسر، اياز قادري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو.
ڀارتي، گوورڌن، محبوباڻي،
۱۹۸۴: سنڌي غزل جي اوسر، اياز قادري، انسٽيٽيوٽ آف سڌ الاجي ڄام شورو.
ڀارتي، گوورڌن، محبوباڻي،
۲۰۰۴: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا