; سنڌي شخصيتون: مخدومه آسيہ قريشي

16 June, 2022

مخدومه آسيہ قريشي

مخدومه آسيہ قريشي جو انٽرويو

تعارف۔۔۔۔۔۔



منهنجو نالو ذات سميت _ مخدومه آسيه قريشي_ بنت مخدوم نعمت الله قريشي-اسڪول جي سرٽفڪيٽ جي حساب سان مان ڄائي آهيان ۱ آگسٽ_ سال ۱۹۹۷ع ۾. جنهن ڳوٺ ۾ ڄاوس ان ڳوٺ جو نالو متل خان آريجو_(اڄ به ان ئي ڳوٺ ۾ رهان ٿي. ان وچ ۾ الائي ڪيترا سفر طي ڪيم پنجن سالن جي عمر کان وٺي ويهن ٻاويهن تائين پنهنجي وڏي پڦيءَ جي گهر رهيس پڙهيس.) ضلعو نوشهرو فيروز تعلقو ڀرياسٽي. (اها الڳ ڳالھ آهي ته لکجڻ ۽ ڇپجڻ تائين ڪيئن پهتَس؟ جيڪو هڪ معجزو ئي چئبو. مون جهڙي ڇوڪريء لاء)

سَسُئِيءَ لَنگهِيو سو، مَردَ جنھن ماتِ ڪَيا؛

جَبَلُ وڏو جو، نوُڻِ مِڙوئِي نِينھَن کي. (سُر ديسي ٥‏:٤)


تعليم۔۔۔۔۔

پنج درجا مون پنهنجي گهر جي ٻاهران گهٽيء ۾ اوطاق هئي(جيڪا هاڻ به آهي اتي ساڳيو اسڪول به آهي.)هڪڙي ڪمري واري سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا جنهن هڪڙي ڪمري ۾ هڪڙو استاد پڙهائيندو هو پر پڙهندا پنجن ڪلاسن جا ٻار هيا. پورا پنج درجا هڪ ڪلاس ۾. ۽ مئٽرڪ انٽر مون ٿورو پرڀرو ئي هاء اسڪول آهي (هائير سيڪنڊري اسڪول ڪلهوڙا اسٽيشن) مان ڪئي.

ڪرت۔۔۔۔۔؟

قاتلَ ڪمائِي ڪري، وَھُ ماکي جي ڪن؛

وٽان ويھِي تن، پِيجِ ڪي پياليون. (سُر يمن ڪلياڻ ٤‏:٤)

ادبي سفر جي شروعات۔۔۔۔

مون پهريون دفعو ٻه سٽون في البديع لکيون هون تڏهن جڏهن مونکي ادب جي الف جي به خبر ڪونه هئي.

جيڪي سٽون مون چوڏهن پندرهن سالن جي عمر ۾ لکيو هون. هوم ورڪ واري ڪاپيء تي.

اهي سٽون اڄ به مونکي ياد آهن.

“جيون ٿر جي واريء وانگي؛

سورن ساڙيل هاريء وانگي.”

سنڌي ادب کي اردو ادب جيتري پذيرائي ملي سگهي ٿي؟

جي ها_ بيشڪ ملي سگهي ٿي؛ پر سنڌي اديب هڪٻئي کي سپورٽ ڪن ته... ... ... ... ... اسين هڪٻئي جو پَٽڪو لاهڻ ۾ پورا آهيون.

سنڌي ادب جو بهترين مواد کڻي ان کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪجي ڪرائجي. سنڌي ادب ٻين ادبن کان گهٽ ناهي.

ڇپيل مواد۔۔۔۔۔۔۔

منهنجو پهريون نثري نظم ٻه هزار اوڻيھ ۾ حلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو هو؛ محترم لجپت راء مظلوم جي ٿورن سان.

۽ منهنجي محبوبَ جي ڪوششن سان_ منهنجو پهريون ڪتاب پڻ ايئن ڇپيو هو. جنهن جو نالو آهي “آخري سٽ لکڻ ڏي! ” ياد رهي ته منهنجو ڪتاب به ۲۰۱۹ ۾ ئي پبلش ٿيو هو. ان کان پوء مختلف رسالن ۾ لکندي رهيس. ايترو گهڻو نه_ تمام گهٽ ڇپجي ٿو مواد منهنجو منهنجي پنهنجي سُستيء جي ڪري.

ان کان علاوه گڏيل شاعريء جا ڪي چند مجموعا پڻ ڇپيا ۽ منهنجون پنج ڇھ ڪهاڻيون به ڇپيون آهن. مختلف ادبي رسالن ۾ به ۽ هڪڙو گڏيل ڪهاڻين جو ڪتاب به ڪڍيو هو هڪ پبلڪيشن ان ۾ به.

 مون لکڻ ننڍي عمر کان شروع ڪيو هو. انڪري منهنجون الائي ڪيتريون ڪهاڻيون رجسٽرن ۾ پيل آهن جيڪي فيئر ناهن ڪيون. جن تي گهڻو ڪم رهيل آهي. ڪهاڻيون پابند توڙي نثري شاعري_ انهن تي محنت ٿيندي ڪمپوز ٿيندو اهو مواد اصلاحبو ۽ پوء ڇپبو. سو فلحال ته مان ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهيان.

مليل ايوارڊ۔۔۔۔۔۔

منهنجي مٽيء جي ماڻهن جو مليل مانُ

سِبِي، سيبا ڏي، ڀورِي نِينھُن نہ ڪَچوئي؛

کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، سَتِي سِيڻي سي؛

مَڇُڻِ چَوَنمِ ڪي، تہ لڄائِيُءِ ٿَرَ ڄائِيُون! (سُر مارئي ٢‏:٧)

شاعري جو معاشري ۾ ڪردار؟

لفظن ۾ اهو جادو آهي جنهن سان انقلاب اچي سگهي ٿو.

اهو فقط شاعريء لاء ناهي هر صنف لاء آهي. ڳالھ اها آهي لکڻ واري ۾ ڏانءُ ڪيترو آهي ماڻهن کي موهڻَ جو. ڌرتيء کي ڳائڻ جو.

سنڌي شاعري هميشه مزاحمتن جي عجب_ ڪمال دورن مان گذري آهي اڃا تائين مزاحمتن سان منهن ڏيئي پئي ٿي.

توهان کي سماج جو نظام درست ڪرڻ جو موقعو ملي پهرين ڪهڙو ڪم ڪندا؟

ديسَ ڌڻين جي دلين ۾ هڪٻئي لاء اٿاھَ پيار آڻيان. نفرت بغض لالچ گلا چغلي هوٽلن تي ويهي چانهيون پي ڪچهريون ڪري وقت برباد ڪرڻ وارين شين کي ختم ڪري ڇڏيان. عورت ۽ مرد کي برابر لکان_ چوان سمجهايان عمل ڪرايان.

شاعري جي مختلف صنفن ۾ ڪهڙي صنف وڌيڪ پسنڌ آهي؟

شاعريء جي هر صنف مونکي موهيندي آهي محبوب جي مرڪ وانگر_ ڪنهن به ڪمال صنف ۾ اگر پختا خيال نه هجن ته اها صنف مانُ وڃائي ويهي ٿي ڄڻ. ڪنهن به جهڙي تهڙي صنف ۾ جي شاعر ڪمال تخيل اُڻي ٿو ته ان صنف کي ادب جي عرش تي پهچائي ڇڏي ٿو. (جهڙي تهڙي صنف مان مراد_ جيڪا گهٽ لکي وڃي ٿي.)

توهان جي نظر ۾ محبت۔۔۔

سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوھَ جنين جا ديڳِ ۾؛

سي مَرُ ڪن پَچارَ، حاضر جن جي ھَٿ ۾. (سُر ڪلياڻ ٢‏:١٦)

توهان به محبت ڪئي۔۔۔۔

مان ڄائي محبت ڪرڻ لاء آهيان.

ھَيءِ ھَيءِ! وَھي ھاءِ، مَنَ ۾ محبوبنِ جِي!

جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪين ٻَرِي باهِ!

پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساهَ نہ وِسَھو! (سُر يمن ڪلياڻ ٣‏:١)

اڪثر عورتن جي شڪايت رهي آ ته عورتن کي بنيادي حق نٿا ملن، توهان جو ڇا خيال آھي؟

عورت اها مظلوم آهي بيشڪ جنهن کي بنيادي حق نٿا ملن. ۽ مان پاڻ انهن عورتن/ڇوڪرين منجهان آهيان.

اها عورت هن معاشري جي خوشنصيب آهي جنهن کي بنيادي حق ۽ حقيقي آزادي ملي ٿي. ۽ مان چوندي آهيان هر ڪامياب عورت پويان ڪامياب مرد جو هٿ هجي ٿو.

خواب.. . . ؟

فقط خواب_ اک کُلي ڄڻ خوابن جي نفيس شيشي کي پٿر لڳو. پلَ ۾ ڀورا_ڪاوا_ پوء زخمي هٿ... ... ... ... ... ...

ننڍپڻ جو واقعو جيڪو اڄ به ياد هجي۔۔۔۔

ڇا مان ننڍي به هيس... ... ... ... ... ... اهوئي وڏو واقعو آهي. جيڪو مونکان ناهي وسرندو.

پنهنجي پسند ۽ نا پسند بابت ٻڌايو؟۔۔۔۔۔

مونکي پسند آهن رانديون، موسيقي، ڳائڻ؛ فوٽو گرافي؛مصوري؛ سٺو کائڻ سٺو پائڻ_ سفر ڪرڻ____

نوجوان شاعرن جي شاعري توهان جي نظر ۾؟

نوجوان تمام ڀلو لکن پيا.

مونکي خوشي آهي. سنڌ جي مٽي زرخيز آهي. هرطرح سان. پوء اهو ادب هجي يا ڪا به فيلڊ_ پر ڳالھ اهائي ساڳي_ قدر ناهي.

اهڙي حسرت جيڪا پوري نه ٿي سگهي؟۔۔۔۔۔

هن مهل تائين الائي ڪيتريون حسرتون بيموت مري ويون آهن.

بس هاڻ هڪڙي آخري حسرت آهي. انائن جي گهري طوفانن کي منهن ڏئي؛ هن ڪناري کان هن ڪناري تري وڃي پنهنجي ميهار سان ملان.

موسيقي ؟۔۔۔۔۔۔

روحَ جي عبادت_ منهنجي زخمن جو ملَم_

موجوده سنڌ جي صورتحال۔؟۔۔۔

ڳنڀير_ ڳڻتيء جوڳي، لڙڪ وهي ٿا اچن.

هنيانءُ ٿو ڦاٽي. اندر ٿو سڙي_ ڪڏهن ڪڏهن ان ڳڻتيء ۾ ننڊ نه ايندي اٿم.

سياست۔.. . ؟

عبادت_ پر افسوس هتي سياست دوڪي کان سواء ڪجھ ناهي.

سنڌ جي تعليم.. . . ؟

سنڌ جا پنجاھ پرسنٽ اسڪول بند_ ماستر ناهن. گڏھ ٻڌا پيا هن.

سنڌ جا سٺ پرسنٽ ٻار مزدوريون ڪن ٿا پڙهي نٿا سگهن. پڙهن نٿا. پڙهايو نٿو وڃي. سنڌ جي ڳوٺن جون ڇوڪريون پنج درجا جهڙا تهڙا پڙهي پڙهي ويهي رهن ٿيون. ڇوڪرين کي جيستائين نه پڙهائبو سنڌ اڳتي ڪيئن وڌندي؟؟

پڙهندڙن لاء پيغام؟۔۔۔۔

سنڌي پڙهو، سنڌي سکو، سنڌي لکو. سنڌي ڳالهايو.

جيڪي ڌرتيء جا نه ٿيا. ماء ٻوليء لوليء جا نه ٿيا،

تاريخ تن کي گٽر جي ڍڪ جيتري به اهميت ڪو نه ڏيندي؛

ھي ھَنڌَ، ڀيڻِيُون ھاڻِ، ساڙِيان سڀِ ڏيھِيُن ري؛

’ڪُلُّ شَيءٍ يَرجِعُ اِلىٰ اَصلِہٖ‘، ٿي جهِڄان جهانگِيُنِ ڪاڻِ؛

ڀِرِي پَنھنجي ڀاڻِ، پَسان مُلِڪُ مَلِيرَ جو! (سُر مارئي ١‏:٧)

 

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۸ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا