; سنڌي شخصيتون: منشي خوشيرام هيراننداڻي

17 June, 2022

منشي خوشيرام هيراننداڻي

منشي خوشيرام هيراننداڻي

سنڌي ناول جي ترقيءَ ۾ سندس ڪردار

مختيار ملاح



منشي خوشيرام (ديهانت ۱۹۱۹ع) ولد موٽومل هيراننداڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. هو لينڊ روينيو کاتي ۾ڪلارڪ هو ۽ نوڪري کان علاوه ڪتابت ڪندو هو، سندس باري ۾ محمد عثمان ڏيپلائي لکيو آهي ته “ادبي جفاڪش ته ٻيا به گهڻيئي هوندا، پر شايد هن خاموش ۽ گمنام جفاڪش بزرگ جهڙو ڪو ٻيو سنڌ ۾ مشڪل لڀندو، ڇاڪاڻ ته هي بزرگ ڪتاب لکندڙ پاڻ، ڪاتب به پاڻ، ڇپائيندڙ به پاڻ ته هلائيندڙ به پاڻ. وري سندس اکر جهڙا موتيءَ جا داڻا. بلاشبه سندس انهن اکرن جا عڪس ادبي عجائب خانن ۾ رکڻ لائق آهن. منشي خوشيرام پاڻ به وڏو ليکڪ هو، هن جي ئي مدد سان پوڪرداس مشهور ۽ مالدار پبلشر بڻيو. منشي خوشيرام جي ذاتي ڪتابن ۾قصو “ملا ۽ موالي” جولاءِ ۱۸۸۹ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان ڪتاب جون ساڍا ست سؤ ڪاپيون ليٿوگرافيءَ ۾ شڪارپور پريس مان ڇپيون. ساڳئي سال ڊسمبر مهيني ۾ منشي خوشيرام جا ٻه ڪتاب هر هڪ “قصو اٺ ۽ گهوڙي جو” ۽ “زال مڙس جو جهيڙو”پڌرا ٿيا. سندس ٻين قصن ۾ “سس ننهن جو جهيڙو” (۱۸۸۹ع)، “ٽوپي ۽ پڳ جو جهيڙو” (۱۸۸۹ع)، “قصو ڪامسين ڪامروپ” (۱۸۸۹ع) وغيره اهم آهن.


ويهين صديءَ ۾سنڌي ناول جي وڌندڙ شهرت سبب، ڪيترا ئي رسالا ۽ ادارا قائم ٿيا، ان سلسلي ۾ جاسوسي ناول تي تمام وڏا جتن ٿيا. ۱۹۱۲ع ۾ خوشيرام موٽومل هيراننداڻيءَ حيدرآباد مان ماهوار ’ناول اخبار ‘ڪڍي، جنهن جو مقصد ناولن کي ترقي ڏيارڻ هو. هن ۾ ۴۰ صفحن تي مشتمل ناول يا شايع ٿيندڙ سلسليوار ناول جي قسط ۽ باقي ويهارو کن صفحن تي اڳ شايع ٿيل مواد ڏنو ويندو هو. هن اخبار پڙهندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو ۽ هن جي جاري ٿيڻ سان سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي ناولن جو اضافو ٿيو. هن ماهنامي ۾ خاص طور تي قسطوار جاسوسي ناول ۽ ٻيو مواد شايع ڪيو ويندو هو ۽ الڳ سان ڪتاب پڻ شايع ڪيا ويندا هئا. هن رسالي سان جاسوسي ناولن کي ترقي ملي.

احمد خان جلباڻيءَ جو ترجمو ڪيل ناول “نينهن نڀائڻ” ۽ انگريز ناول نويس رينالڊ جي ناول “جوزف ولمٽ” جو ترجمو پندرهن ڀاڱن ۾ شايع ڪيو. جاسوسي ناول اخبار جو ٻيو ناول ’لوز آف دي حرم‘ هو. جنهن جو ترجمو ’برقعي ۾ سرڪو‘ جي نالي سان ڪيو ويو. اهو ناول پنجن ڀاڱن ۾ ڇپيو. هن اداري جو ترجمو ڪرايل ٽيون ناول ’ميري پرائيس‘ هو، اهو به رينالڊ جو لکيل هو. ان ناول جا اٺ ڀاڱا هئا، جنهن جي قيمت ۱۶ رپيا رکي وئي. جاسوسي ناول اخبار جا ٻيا ترجما ڪرايل ناول: “گونگو دوست”، “دکياري”، “پراسرار جاسوسي ناول”، “ڳرو بدمعاش”، “بناوتي ڊبل خون”، “ڪلجڳي سمي جي وارتا “(چار ڀاڱا)، ۽ ٻيا ڪيترائي ناول هئا. هن اداري هڪ سنڌي مصنف جو سماجي موضوع تي لکيل ناول ’مسٽريز آف سنڌ‘ به شايع ڪيو هو، جيڪو ناول ڇهن ڀاڱن ۾ هو. مسٽريز آف دي ڪورٽ آف لنڊن” جھڙو جاسوسي ناول جيڪو ماستر ھاسومل پيسو مل ليلا راماڻيءَ جو ترجمو ٿيل ھيو اھو ۱۹۲۳ واري سال ۾ ھن “ماھوار ناول اخبار “۾ شايع ڪيو. ٻين ڪتابن ۾ “مس جون”، “راج هنس طلسم”، “طلسم بهار”، “ماٽيجي ماءُ”، “ميٽرڪ پاس ڪيل ناري”، “بنارس جو شوم”، “حرص جو شڪار” وغيره اهم آهن.

 

(مختيار ملاح جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا