; سنڌي شخصيتون: استاد خالد چانڊيو

24 June, 2022

استاد خالد چانڊيو

استاد خالد

استادن جو استاد

منظور ڪوھيار



(شاگرد ہيں ہم مير سے استاد کے ’راسخ‘

استادوں کا استاد ہے اُستاد ہمارا)

استاد پارسي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي: ’سيکارڻ وارو، معلم يا ڪاملِ فن.‘

اڄ به پراڻا حڪيم نسخي ٺاهڻ کان اڳ استادي استاد جي، استادي لقمان حڪيم جو چئي پوءِ هٿ وجھندا آهن. ان ڪري استادي پيشي کي پيغمبرانه پيشو به سڏيو وڃي ٿو، جو سچا استاد پنهنجي علم، فن يا هنر کي ٻين ماڻهن ڏانهن سچائي سان منتقل ڪندا رهن ٿا. جنهن عمل سان علم، فن ۽ هنر جي آبياري ٿيندي رهي ٿي.


پر ڪي وري نام نهاد استاد اهڙا، جو استادن جي نالي تي ڪارنهن جا ٽڪا. هٿ لاءِ ته هٿ ڪارو، پير لاءِ ته پير ڪارو. اهڙن استادن اهڙيون ڪارستانيون ڪيون آهن، جو عام ماڻهن کي اهو چوڻو پئجي ويو، ته ’هَلُ! وڏو ڪو استاد آ!“

پر ائين به ناهي، ته ڪو سڀ استاد ائين آهن. ڪي استاد، استاد هجڻ جو ڀرم به آهن، ته شرم به آهن. اسان وٽ وڏو مثال استاد بخاري جو، جنهن سونهن ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو، سلاست ۽ بلاغت سان سلهاڙيل شاعري ۾ اهڙو اظهار ڪيو، جو پڙهڻ يا ٻڌڻ سان تن من ٻئي ٺريو پونِ:

رسيا زخم دل تي هزارين، ڏيکاري نه سگھياسين،

يار کي يار پڪاري نه سگھياسين،

زمانو سمجھي پيو خوش گذاريان پيو” بخاري“ پر،

پنهنجو ڏک پنهنجن سان پچاري نه سگھياسين.

استادن جي ڳالھ نڪتي ته لاڙڪاڻوسچ پچ ته استادن جو شهر آ. وڪيلن کان وٺي، سياستدانن تائين. حڪيمن کان وٺي ڊاڪٽرن تائين. رانديگرن کان وٺي اديبن تائين. پهلوانن کان وٺي فنڪارن تائين. راڳين کان وٺي ماسترن تائين. نالا کڻندا وڃو، ۽ ڪنڌ جھڪائيندا وڃو. شمس الدين ابڙي وڪيل (جمال ابڙي جي وڏي ڀاءُ) کي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به استاد چوندو هيو. ذوالفقار علي ڀٽو ته سياست جو استاد هيو ئي هيو. جنهن اسان جي سانڀر ۾ محمد ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله جھڙن گھاگھن کي گھمائي لاٿو.

استاديءَ جي حوالي سان استاد حڪيم سائين علي شاھ چئي کڻي بس ڪيو. جنهن جي هڪ مشهور ۽ معروف شاگرد جو نالو ئي ڪافي آهي، ’ابو الاسد حڪيم سيد محمد مظهر سلطان بخاري قادري‘ (جنهن جي علمي ادبي ۽ حڪمت جي صلاحيتن جو ڪڏهن نه ڪڏهن ذڪر ڪبو.)

ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي واسين وٽ هڪ چوڻي مشهور هئي، ته :

”انڙن جي فيصلي کان ڍؤر ويو ڀلو،

جتوئين جي مهماني کان ماڻهو بکيو ڀلو،

ٻگهين جي مِٽيءَ کان ماڻهو ڇڙو ڀلو،

سائين علي شاه جي علاج کان ماڻهو مئو ڀلو...“

وري جي ڳالھ پهلوانيءَ جي ڪجي، ته استاد عاشق پهلوان، سينڊوز پهلواني واري فن ۾ اهڙو طاق جو لاڙڪاڻي ۾ لڳندڙ ايراني سرڪس ۾ هاٿي سيني تي چاڙهائي ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون. فنڪارن ۾ استاد ممتاز ابڙي کي وسارجي، ته استادن جي تاريخ اڻپوري ليکي ويندي. طلسماتي شخصيت جو مالڪ هيو، پنهنجن گناهگارن اکين سان ڏٺوسين ۽ ڪنن سان ٻڌوسين، ته فنڪارائن جون نانيون ۽ ماسيون به کيس ادب ۽ احترام وچان استاد ڪري مڃينديون هيون. مان هڪڙي جھونڙي کان پڇيو؛ ”تنهنجو استاد ڇا ۾ ٿئي؟“

پاندان ۾ ٿڪ اڇليندي چيائين؛ ”بس ہم مانتے ہیں، کہ ہمارا بھی استاد ہے!“

راند روند جي ڳالھ ڪجي، ته هر شعبي ۾ مشهور استاد هيا. مثلًا فوٽبال ۾ استاد بشير، هاڪيءَ ۾ استاد ياسين، ڪرڪيٽ ۾ استاد عبدالله وغيره. پر لاڙڪاڻي ۾جيڪو هرفن مولا استاد سڏبو هيو، سو هيو ڪليم لاشاري. سڀئي راندين وارا استاد سڏيندا هيس. هيس ته الائي ڪهڙي گدڙ سنگھي، جو اسان به سندس دستِ بيعت ڪري، کيس پنهنجو استاد مڃيوسي. وري جي ڳالھ راڳين جي ڪجي، ته ڪنهن کي ياد هجي نه هجي استاد مهر علي به لاڙڪاڻي جو مشهور استاد هيو، پر ڪنهن نؤچي، استاد کي سُندر کارائي ڇڏيو، ته ڳلو ويهجي ويس. پر پوءِ به ويٺل ڳلي هوندي به راڳ ويراڳ ۾ ڪيترا ئي شاگرد ڇڏي ويو. هونئن ته ماستر سڀئي استاد، پر ڪنهن ڪنهن ماستر منجھ، اچي بوءِ بهار جي.... جي اهڙو ماستر ڏينهن ڏٺي جو ڏيئو کڻي ڳولهجي، ته استاد گل دايي تي نظر پوندي. جتي هڻ، اتي پورو. اسڪائوٽ کان وٺي، ڪمپيئرنگ تائين. (ٻيا به گھڻا فن اٿس، جيڪي وقت جي ڪميءَ جي ڪري ڳڻائي نه ٿا سگھجن).

پر ڳالھ اچي کٽي ٿي استاد خالد تي. سائين استاد خالد، ڪوڻ سڏاوي. هر علمي و ادبي محفل جو مور ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو. سڀني کي پيو صلاحون ڏيندو. پري کان نشانبر، ڪنهن گوهرِ يڪته وانگر پيو چمڪندو رهندو. واپڊا آفيس ۾ ويهي، يا ليبر هال ۾، گھر ويهي يا هوٽل تي. ڳالهائي ته سراپا مير جو شعر :

خنجر چلے کسي  پے، تڑپتے  ہيں ہم امير،

سارے جہاں کا درد، ہمارے جگر ميں ہے۔

واپڊا جي ليبر يونين ته کڻي سندس مٿي جو سور آهي ئي آهي، پر ٻيا به پنهنجا پرايا دردِ دل کنيون هلندو وتي، ۽ چوندو وتي، ته:

’دردِ دل کے واسطے، پيدا کيا انسان کو‘....

ڪڏهن ڏس ته جلسي ۾، ڪڏهن جلوس ۾، ڪڏهن حيدرآباد، ته ڪڏهن گمبٽ، ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن لاهور....ڪو عام ماڻهو هجي ته سمجھائجي، پر استاد کي ڪير سمجھائي. هونئن به ’بار گڏھ تي، چنگھي کوتي‘، ٺهي نه ٿو... چوڻ به اجايو، هڪ ته استاد جو نانءُ سيف الله خالد، ٻيو وري ڳوٺ ڀنڀي خان جو چانڊيو، ٽيون وري سن جي سائين جي ستي ڏنل، جنهن سنڌي ماڻهن جي حوالي سان لطيفي عشق جي اها سٽ پڙهائي ڇڏيس، ته:

’جيها سي تيها، مون مارون مڃيا‘

انهيءَ ڀڄ ڀڄان ۾ ٿيو اهو ئي، جنهن جو ڀؤ هيو. غالب جي ان شعر جيان:

درد ہو دل ميں تو دوا کيجے

دل ہي جب درد ہو تو کيا کيجے

ہم کو فرياد کرنی آتی ہے

آپ سنتے نہيں تو کيا کیجے

سچي پچي! پهريان مون سمجھيو، ته استاد مذاق ٿو ڪري، جو سندس مزاح جي حسَ عام ماڻهن کان مڙو ئي سرس آهي. پر پوءِ خبر پئي، ته خلقون اٿلي پيون آهن، پڇڻ لاءِ۔۔۔ ڄڻ ايڊوانس ۾ کيس عيد مبارڪ ڏيڻ آيا هجن.. ان ڪري اسان به گلشن حديد مان لطيف سائين جي بيت جي اها سٽ ”ويٺي گھر گھوري، پرينءَ مٿان جندڙو“، چئي ساڻس مزاج پُرسي ڪيون ٿا، ۽ سندس لاءِ دل جي گھراين سان دعا گھرون ٿا، ته:

رب سائين، شال ھڙس جو ڏئيس!.. عمرِ خضر عطا ڪريس! سندس عيبن ثوابن کي نه ڏسي!... دشمن دور ڪريس! سُور ڪافور ڪريس!.. هميشه پنهنجي ڪهول جي ڪؤل رکيس. سدائين جڙيو وتي، جھان سان!... ان سان گڏوگڏ لطيف سائين جي اها دعا به، سپليمينٽ طور تي، ته:

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،

جانب! منهنجي جيءُ کي، آزار جا انواع،

صاحب! ڏيج شفا، ميان! مريضن کي.

قوي اميد آهي، ته سڄي سنسار جو صاحب، اسان جي مسيحائن کي هٿ شفا ڏيندو!. انشاءَالله! صاحبِ دل استاد، اهو لَڪُ به لنگھي ويندو. نه ته پوءِ به لاڙڪاڻي ۾ کوڙ روداليون.... اسان به وسان نه گھٽائينداسي. مرتضى ڪلهوڙو، منير سومرو، ذوالفقار راهوجو ۽ نثار کوکر ته ويٺا ئي ويٺا آهن. باقي جي اسان اڳ هلي پياسي، ته پوءِ جي پارت هجيس......


 

اهل دل استاد

منظور ڪوھيار

يوں تسلی دے رہے ہيں ہم دل بیمار کو

جس طرح تهامے کوئی گرتی ہوئی دیوار کو ۔

 (قتيل شفائی)

مزاج پرسيءَ جو اهو انداز، انهن لاءِ ته مناسب آھي جن جون دليون ڪرندڙ ديوارين مثل هجن۔ پر جيڪي پاڻ صاحب فراش هوندي به ٻين کي ويٺا سرت جو سندرو ٻڌائن ته پوءِ اهي اهل دل ئي ٿي سگهن ٿا۔ شايد اهو ئي فرق آھي، اهل دل ۽ دل بيمار ۾۔۔۔ استاد سان ڪالھ جڏهن سندس گھر، عيسيٰ ميمڻ جي توسط سان، بي وقتي مزاج پرسي ڪرڻ لاءِ پهتم ته ان وقت فون تي غوث پيزادي کي ويٺي تسليون پئي ڏنائين ۽ سمجھايائين پئي. جنهن فقير منش ويجھڙ ۾ باءِ پاس ڪرائي آهي۔ ملڻ کان پوءِ نه استاد اسان کي ڪا ميار ڏني، نه وري ڪا شڪوه شڪايت لبن تي آندائين۔۔۔ ان ڪري پاڻ کي نه ڪي ٺھيل ٺڪيل سبب ۽ نه اجايا عذر پيش ڪرڻا پيا۔ پر من ته ملامتي صوفين وانگر آھي، نه مڙيو، خود تنقيدي انداز ۾ گھڻو ڪجھ چئي ويو۔۔۔

نه صرف ايترو پر ڪشاده دسترخوان وڇائي سنڌ جي ثقافت واري ڏيهن تي، سنڌي کاڌن جي وساريل ثقافت ياد ڏياري ڇڏيائين۔ خاص ڪري ھرٻي جي ڀاڄي ۽ جوئر جي ماني، چئي کڻي بس ڪجي۔۔ جڏهن ته انهي ئي شھر لاڙڪاڻي ۾ اسان جو معزز ترين مياردار ملان (رٽائرڊ انجنيئر عبدالوهاب سهتو) به رهي ٿو۔ چئي چئي بيٺا آھيونس ته سنڌ جي ثقافتي ڏيهاڙي تي، ٻيو ڪجھ نه ٿو ڪري سگھين ته پلي مڇي ئي ڪندو ڪر!.. پر مجال آ جو انهن ڏينهن ۾ سندس مٿي ۾ ڪا جونءِ چري۔۔ رهندو توزڪو کائيندي چوي ٿو ته: اٺ چئو ته اٺ ڪهي کارايانو باقي پلي مڇي نه کارائيندس!.... اسان ته زندگي ۾ ڪڏهن به جيري لاءِ ٻڪري نه ڪٺي آھي، ته اٺ اسان جو ڪهڙو ڏوه ڪيو؟.... اسان ته کيس ائين به نه ٿا چئي سگھئون، جيئن سهيل مڪاني يا عنايت ميمڻ بي ساختگيءَ ۽ حجت ۾ چئي ويندا اٿس۔ ڇو ته اسان کي خبر آھي ته هن ملڪ ۾ گستاخ ملان جي سزا ڪهڙي آھي۔۔۔


 

استاد خالد چانڊيو

اھڙا ئي آھين منھنجا سپرين

نثار کوکر

ان ڏينهن مون ڪراچي جي ڳتيل آبادي ناظم آباد واري علائقي ۾ ميونسپالٽي پاران هلندڙ دل واري اسپتال ۾ نيٺ وڃي کيس ڳولي لڌو. ان اسپتال ۾ ڪراچي جي هيٺئين طبقي جا اهي ماڻهو داخل هئا، جنهن طبقي جي جان آجي ڪرائڻ لئه هن هميشه پاڻ پتوڙيو آهي. چوڌاري ڦهليل پان واري بوءِ ۾ هو پنهنجي بيڊ تي اڪيلو ويٺل هو پر هميشه جيان دماغي طرح چست نظر آيو. هن ڊسپينسر کي سڏ ڪري پنهنجي انسولين لڳرائي، ان بعد ساڳئي ڊسپينسر کان رت جو سيمپل ڪڍائي ليبارٽري موڪليو ۽ دوائن جي دٻي کڻي گهربل دوائون کاڌيون. اهو سمورو وقت مان سندس بيڊ ڀرسان خاموشي سان بيٺل رهيس ڇو ته ان اسپتال ۾ اٽينڊنٽ يا مريضن کان پڇڻ لئه ايندڙ ماڻهن جي ويهڻ جي ڪا بئنچ پيل نه هئي. هن پنهنجي سمورن طبي خفن مان واندو ٿي ڀرسان اچڻ جو اشارو ڪيو ۽ بيڊ تي ويهاري هڪ سيلفي ورتي ۽ مسڪرائي چوڻ لڳو، “سنگت سڀاڻي آپريشن آهي، هڪڙي سيلفي ته ٿي وڃي.!” مون هن سان حياتي ۾ ڪيتريون ئي سيلفيون ڪڍرايون هونديون پر هن ڀيري سندس ڪمزور جسم ۽ اڪيلائپ کي ڏسي الائي ڇو مونکي ڊپ ٿيڻ لڳو ۽ سندس آواز ٻڌي مونکي ذري گهٽ روئڻ اچي ويو ته ڇا هي اهوئي ماڻهو آهي جنهن چئن ڏهاڪن تائين مسلسل سنڌ جي قومپرست سياست ۾ بهتري لئه ڪوششون ورتيون ۽ عملي طور اهڙا اهڙا ڪم ڪيا جن جو هاڻوڪي دور ۾ ذڪر ڪرڻ به گناھ بڻيل آهي. هن قومپرست سياست کي عوامي پورهيت دوست بڻائڻ لئه خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن ڍنگهرن تي اٽا هاريا هوندا پر کيس ڪاميابي نصيب نه سگهي ۽ سندس مزاج واري ڪا قومي پارٽي جڙي نه سگهي پر ان جي باوجود هو مايوس ڪڏهن ناهي ٿيو.

هن کي ادبي ڪتابن سان به ڪافي گهري دلچسپي رهي آهي پر هن هميشه شاعري ۽ افسانن بدران نظرياتي، سائنسي ۽ سياسي لٽريچر کي ترجيح ڏني آهي. هن اهي ڪتاب پڙهڻ جي مونکي به صلاح بار بار ڪئي آهي پر اسان اهي ئي مسافر محبتن ۾ اٽڪيل، ڪٿي ٿا سنئين دڳ اچون... ستر واري ڏهاڪي کان وٺي هن جا هلايل اسٽڊي سرڪل سمورين قومپرست جماعتن جي اڪثر اڳواڻن ۽ سنجيده ڪارڪنن اٽينڊ ڪيا هوندا. سنڌ ۾ ڪابه نئين قومپرست جماعت ٻنڌڻن ۾ هوندي آهي ته ان جا مک اڳواڻ وٽس ڪهي آئين ۽ منشور لکرائڻ ايندا آهن ۽ هو سندن جماعت جو لکت وارو ڪم مڪمل ڪري کين موسم آهر مڇي ماني کارائي روانو ڪندو آهي. هن اهڙي آڇ مونکي به ڪيترا ئي ڀيرا ڪئي هئي ته باغين سان شام جو آئين ۽ منشور هجي پر اسان اوٺي وڳ جيان ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي هجڻ ڪري اها لکت پڙهت نه ڪرائي سگهياسين. پر هن جي مسلسل ڪرت اهائي رهي آهي، تنهنڪري ئي سنڌ ۾ کيس ماڻهو “استاد استاد” سڏين ٿا ۽ مٿس اهو نالو اهڙو پختو پئجي ويو جو هاڻي نادرا ۽ واپڊا واري آفيس کانسواءِ ڪير به کيس سندس اصلي نالي يعني خالد سيف الله چانڊيو سان نٿو سڏي. مونکي خبر ناهي ته ادل سومري واري نالي جيان سندس گهرواري به کيس استاد سڏيندي آهي يا نه پر سندس اولاد به سندس دوستن جيان کيس پيار مان استاد خالد ئي سڏيندي آهي.

استاد خالد سان منهنجي ملاقات سکر جي انهن گرم ڏينهن دوران ٿي هئي جڏهن اسان صحافت ۾ وڻ سان گهوڙو نه ٻڌندا هئاسين ۽ پيرن ۾ جتي جات نه هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ ڪارو ڪاري تي به هڪ اين جي او جام سيمينار ڪرائيندي هئي ۽ ان موضوع تي منهنجي لڳاتار ڪالمن ۽ اخباري رپورٽن سبب مونکي مهمان طور گهرائيندا هئا. سکر جي ان هوٽل مان شروع ٿيل استاد خالد سان سنگت ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جي باوجود اڃان به قائم دائم آهي. سندس مهرباني آهي جو کيس ڪو به چڱو ڪتاب يا موچاري مڌ ملندي آهي ته پاڻ سڏ ڪري هجت ڪندو آهي ته، “ڪٿي آهيو يار ملو به نٿا..!” استاد خالد نوڪري جي لحاظ کان ته هڪ سڻڀي کاتي يعني واپڊا وارن جو ملازم آهي نه صرف اهو پر هو سالن جا سال واپڊا وارن جي يونين جو ريجنل اڳواڻ به رهيو آهي پر هو پئسي ڏوڪڙ وارن معاملن کان ايترو ته پري رهيو جو جڏهن سندس يونين جا اڳواڻ لاڙڪاڻي شهر جا نوان نواب يا امير ترين ماڻهو ٿي رهيا هئا ۽ نيٺ نيب جا مهمان به ٿيا ته ان دور ۾ استاد خالد جي وڏي ۾ وڏي عياشي اها هوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن شاعر، اديب، سڃي پر سلڇڻي قومي ڪارڪن يا سيبتي صحافي دوست کي پنهنجي سرڪاري ڪوارٽر تي دعوت ڏيندو هو جتي سندس فرج هر قسم جي مڌ سان ڀريل هوندي هئي. کيس لاڙڪاڻي جو هڪ نه پر ڪيترا ئي صحافي اهو طعنو ڏيندا هئا ته استاد ڇاجي ياري باشي آ.. مسئلو سڄو معاشي آ.. پر هو کلي سندن آڇن ۽ مطالبن کي رد ڪندو هو. جنهنڪري نه صرف صحافين پر سموري سنگت ۾ ان ڪري بدنام رهيو ته واپڊا سان لاڳاپيل ڪو به ڪم استاد خالد کي نه چئجو.

سنڌ جي قومپرست سياست سان هو ايتري ته جذباتي حد تائين لاڳاپيل آهي جو مونکي خدشو ٿيندو آهي ته کيس شگر جي بيماري ان قومپرست سياست جي هر پنجن ڏهن سالن بعد ٿيندڙ ڌڙابندي وارن ٽينشنن ڏني آهي. هن کي ستر جي ڏهاڪي واري پراڻي سوڍا سنگت کان ويندي هاڻوڪن ڦٽاڪا بازن تائين سڀني جي اتي پتي جي واقفيت آهي. تنهنڪري مان کيس خطرناڪ استاد چوندو آهيان جنهن جي سٽ سڌڙيا سهي نه سگهندا. قومپرست سياسي سفر جا هو ڪيترا ئي واقعا مون سميت سنگت سان شيئر ڪري چڪو آهي جن ۾ اهو به شامل آهي ته ڪيئن قادر مگسي وارا ۳۰ سيپٽمبر واقعي بعد سندس ڳوٺ ڀنڀي چانڊيو اچي ترسيا ۽ ڪيئن هن کين ٻئي هنڌ پهچائڻ جو بندوبست ڪيو پر مونکي سندس اهڙن ايڊونچر جهڙن واقعن مان ٻه واقعا وڻندا آهن جيڪي بار بار ٻڌي مان کلي کيس چوندو آهيان ته، “واقعي استاد ظالم آهين..!” ٿيو ائين جو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جون هاسٽلون جڏهن آباد هونديون هيون ته استاد خالد به وڃي شاگردن سان گڏ رهندو ۽ اسٽڊي سرڪل هلائيندو هو. پاڻ ٻڌائيندو آهي ته هڪ ڪمري ۾ هو اسٽڊي سرڪل هلائي رهيا هئا ته ٻئي ڪمري ۾ همراھ پائوڊر وارا دستي بم تيار ڪري رهيا هئا. اهي ڦٽاڪا تيار ڪندڙ شخص کي اهو ڪنهن نه ٻڌايو هو ته سندس پگهر جا ٽيپا ڪڏهن به ان گندرف ۾ نه ڪرڻ گهرجن. سو ٿيو ائين جو پکو بند ڪري همراھ جڏهن مسالو ملائڻ شروع ڪيو ته لاڙڪاڻي جي بدنام گرميءَ سندس پگهر ڪڍي ڇڏيا. جنهن مان هڪ ٻه ٽيپو وڃي پائوڊر ۾ ڪريو ۽ اهڙو ٺڪاءُ ٿيو جو ڀرسان واري ڪمري جي ڇت به ڪري پئي. هڪ ٻه ڪارڪن زخمي ٿي هميشه لئه منڊا ٽنڊا به ٿي پيا پر استاد پنهنجو ڪتاب ۽ چشمو کڻي جو نڪتو ته پوئتي مڙي نه نهاريائين ۽ صحيح سلامت وڃي گهر پهتو.

ٻيو واقعو ڪنهن هڙتال جو ٻڌائيندو آهي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ سندس ان وقت واري پارٽيءَ جي ڪال تي سخت هڙتال ڪرائڻي هين سو حالتون تمام خراب لڳيون پيون هيون پر ان وقت جي سندس پارٽي جي هدايتن تحت هن پٽاٽا بصر وٺڻ واري ڇٻي يا ڇلي کڻي ڳوٺاڻن وانگر انگوڇي جو پٽڪو ٻڌو ۽ نڪري پيو. ان ڇٻي ۾ مٿان پٽاٽا بصر ۽ هيٺان دستي ڦٽاڪا پيل هئس. هڪ گهٽي مان ڦٽاڪا ڦاڙي وري اچي پاڪستاني چوڪ تي سپاهين سان ڪچهري ڪرڻ لڳو ته، “ابا شهر الائي ڇو بند پيو آ.. مان ته ميروخان مان سودو سلف وٺڻ آيو آهيان!” سپاهي کيس رهڙ پٽيندي چيو، “هل جهونا هل هتان هتي وڏا بم پيا ٿا ڦاٽن توکي پٽاٽن بصرن جي لڳي آ!” ايئن سپاهي کان واندو ٿي وري ٻي گهٽي ۾ اچي ڦٽاڪو ڦاڙيائين.

سو استاد جا اهي ظالم ڪم نه صرف سياسي حوالي سان مشهور آهن پر ذاتي حوالي سان به هو صفا ظالم آهي. وقت ۽ واعدي جو پابند اهڙو جهڙو انگريز هجي.. جيڪڏهن ٽائيم منجهند جو ٻي وڳي ڏنل هوندس ته همراهن جي نه پهچڻ جي صورت ۾ پاڻ سوا ٻين وڳي ان جاءِ تان نڪري ويندو. اسان گرمين جا ماريل پگهرن ۾ شل اچي سهڪي سهڪي پهچون ته ڇا ڏسون جڳھ کي ئي تالو. فون ڪبي ته نه سلام نه دعا رهندو ڪاوڙ مان چوندو، “ادا اڌ ڪلاڪ مان به انتظار ڪيو پوءِ گهر نڪري آيس ڇا ڪيان ڀلا.. توهان وقت جا پابند ناهيو ته ڇا ڪيان!” وقت جا پابند نه اسان ٿي سگهياسين نه استاد خالد پنهنجون ظالمانه ڪاروايون ڇڏيون پر ڇا ڪجي سڪ جو سڳو آهي سو هلندو اچي. ڪجھ دوستن مٿان وري هي ايڪسٽرا مهربان هوندو آهي ان ۾ عمر جو ڪو لحاظ نه ڪري. لاڙڪاڻي جي تمام سينيئر وڪيل ۽ اڳوڻي سفارتڪار عبدالرزاق سومري مٿان ته اهڙو مهربان ٿيو جو سندس آتم ڪهاڻي ٽيپ ريڪارڊر ۾ ريڪارڊ ڪري ان کي اتاري الائي گهڻن سئو صفحن جو ڪتاب آڻي مالڪ حوالي ڪيائين. مان پوري پڪ سان چوان ٿو ته اهو تمام محنت طلب ڪم سومري صاحب جي اولاد يا پوٽاڻ مان به ڪير نه ڪري ها. پر هي راز جو راڻو آهي ڇا ڪجي جنهن سان دل لڳيس. واپڊا جي يونين اڳواڻ قربان جتوئي جي آتم ڪهاڻي پڻ ايئن لکيائين جو خبر ئي نه پئي. اهڙو ڪتاب خود قربان جتوئي جي پٽن مان ڪو آڻي نه سگهي ها. ڪتابن سان کيس تمام گهڻي دلچسپي آهي.

ذاتي طور ڪجھ دوستن لئه اهڙو قربائتو جو انهن لئه سندس دل ۽ جڳھ جا در عملي طور هميشه کليل هوندا آهن. اهڙو مشاهدو مونکي تڏهن ٿيو جڏهن سخت گرمين واري سيزن ۾ مان سندس هڪ ڪمري واري اي سي جڳھ ۾ سکر مان اچي رات ترسيو هئس. اسان ڪچهري ڪري ماني کائي سمهڻ وارا هئاسين ته سندس دروازو کڙڪيو پر هن اٿي در نه کوليو وري سندس فون جي گهنٽي وڳي جيڪا اٽينڊ ڪري ويو ته ٻاهران پنهنجي هڪ ڊاڪٽر دوست کي نرس سميت ورتيون آيو. مان اڃان اٿڻ جي ڪئي پئي ته استاد چيو توهان ڀلي آرام ڪيو، ڊاڪٽر دوست آيو آهي اهو به رات هتي ئي رهندو. استاد خالد جي ڊاڪٽر دوست پنهنجي نرس دوست سان پئي سڄي رات هلڪي هلڪي کل واري ڪچهري ڪئي ۽ مون اها رات هڪ ڪمري ۾ هوندي ڪڙي امتحان ۾ گذاري.

سو اهڙا ئي آهين، ساجن منهنجا سپرين..


 

استاد خالد چانڊيو

املھ انسان - سلسلو ۹۷

حفيظ چانڊيو

ڪيترن ڏينهن کان مون سائينءَ کي پروفائيل اماڻڻ لاءِ چيو، سندس مصروفيت کي سمجهندي به ائين ڪيم، شابس آهي استاد خالد چانڊيو کي جنهن پنهنجي پروفائل جا اسڪرين شارٽ اماڻيا. استاد خالد چانڊيو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن کي تاريخ، ادب، سماج ۽ سياست جو ڳوڙهو مطالعو آهي، اهو به زمانو هو، جڏهن استاد اسٽڊي سرڪل جي ڪلاسن کي منظم انداز سان هلائي ڪيترن دوستن کي تيار ڪيو. هونئن ته مٿس مائٽن جو اصل نالو سيف الله چانڊيو رکيل آهي، پر سندس ادبي ذوق ۽ گهڻي پڙهي لکي هوڻ جي ڪري انهن اديبن ۽ شاعرن کيس استاد جي لقب سان سڏيو، ادبي جهان ۾ جيئڻ جيتوڻيڪ ڏکيو آهي، پر هن پاڻ کي نه صرف مڃايو آهي، پر ڪيترا ئي ادبي شاگرد پيدا ڪيائين. هُو ۱۵ آگسٽ ۱۹۶۱ع ڌاران ڪراچيءَ ۾ سائين امانُ الله چانڊئي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هڪ نامور صحافي ٿي گذريو آهي.

هُو سنڌ جو قومي ڪارڪن ۽ قومي اڳواڻ رهيو آهي. گهڻ پڙهيو لکيو، فڪر، قومي نظرئي سان سدائين سلهاڙيل رهيو آهي. هو قومي تحريڪ ۽ فڪر کي پرچارڪ ساٿي رهيو آهي. سندس علمي قابليت سبب سنڌ جا ڪيترا ئي ناليوارا اديب ۽ دانشور وٽس پڙهيا آهن. سندس سياسي شاگرد رهيا آهن.

هن پرائمري تعليم پريڪٽسنگ اسڪول ٽريننگ ڪالج فار ميل حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ سيڪنڊري تعليم لاءِ هن کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نور محمد حيدرآباد داخلا وٺڻي پئي - انٽر سچل سرمست ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. جڏهن ته گريجوئيشن شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيائين.

هُو ننڍپڻ کان والدين کي ڏاڍو پيارو رهيو آهي ۽ ان پيار سندس ورتاءَ پيار ۽ پنهنجائپ وارو رهيو آهي.

استاد خالد ڪير سڏائي، سدائين ٽهڪڙا، سڀني وصفين سُٺو، گهڻ پڙهئي لکيو هوڻ سبب سياست، تاريخ ۽ ادب تي ويهي ڳالهائي ته رات ٿيو وڃي. هي اهو خوش قسمت انسان آهي، جنهن جو خانداني پسِ منظر هڪ عالم گهراڻو ئي آهي. سندس ڏاڏو سائين پڻ هڪ سينيئر صحافي ٿي گذريو آهي، جنهن کي روزاني مهراڻ اخبار جي پهرين ايڊيٽر هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي.

استاد خالد صحافتي دنيا ۾ باضابطه شروعات ۱۹۷۶ع ۾سنڌ ٽائيم کان ڪئي، جتي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي نگرانيءَ هيٺ شايع ٿيندڙ اخبار جي اڳواڻي ڪيائين. حيدرآباد کان جڏهن ڳوٺ واپس وريو ته ميروخان ۾ صحافت شروع ڪيائين. ھُن کي واپڊا جهڙي اداري ۾ نوڪري ملي، جيڪا خوشيءَ سان ڪرڻ جو شوق ڏيکاريو هئائين، اها هن لاءِ محظ هڪ نوڪري ئي نه پر هن جي ايندڙ نسل جي بهترين تربيت ۽ روشن مستقبل جي ضمانت پڻ هئي.

استاد خالد نوڪري سان گڏ ادبي سرگرمين کي به برابريءَ جي بنياد تي وقت ڏيندو رهيو. ليبر نظاماڻيءَ کي هن پنهنجي ادبي بيٺڪ ۽ مرڪز ٺاهي ڇڏيو، جتي هر هفتي اديبن، شاعرن ۽ سياسي ماڻهن سان ميل ملاقات ڪندو رهيو. هُو مطالعاتي علم سبب مذهبي وهمن وسوسن کان پري رهيو آهي، مذهبي ريتون رسمون هن کي الائي ڇو وڻنديون ئي ناهن. دعائن تعويذن ۽ ٻين گورک ڌنڌن سان هن جي بنھ لڳي ئي نه... هن جي سموري زندگي سادگيءَ سان گذري آهي، سياسي سماجي ۽ ادبي شعور ڦهلايو اٿائين، سندس "ٻالڪا”(سندس سياسي شاگرد) سي رات جي پيٽ ۾ ڪک پتي مان پدم پتي بڻجي چڪا، پر هي آدرشي ۽ اڏول انسان ساڳي ئي پنڌ جو راهي رهيو آهي. پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن رهندڙ هن شخص امڙ جي وڇوڙي تي چار ڳوڙها به نه ڳاڙيا، هو ڳوڙها ڳهي، لبن تي مرڪون وکيريندو رهيو آهي. ايشيا جو مدبر، ڏاهي ۽ عالم قاسمي جهڙي قدآور جوان جو استاد خالد چانڊيو ڏوهٽو آهي، ان باوجود به هو مزاجن مذهبي رنگ ڍنگ کان منفرد ۽ بنھ آزاد رهيو آهي.

استاد خالد قومي تحريڪ جو سينيئر ترين ڪارڪن آهي، جنهن لاءِ اول ۽ آخر سنڌ ئي سنڌ ئي آهي. سائين جي ايم سيد کان وٺي هن وقت تائين جدوجهد واري عمل ۾ اڳ کان اڳرو رهندو آيو آهي، هُو جيتوڻيڪ تحريڪ کي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيندي ڏسندو رهيو، پر ڪڏهن به ڪنهن کي ڪائي ميار ناهي ڏني، هر ڪنهن سان پيار ۽ پنهنجائپ سان ملندو، ايڪي ۽ اتحاد جي پرچار ڪندو رهيو آهي، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، کين ٻڌنڌو به ته ٻڌائيندو به آهي.

سندس تنظيمي وابستگي انٽرنيشنل صوفي فائونديشن، هيومن رائيٽس آف ڪميشن آف پاڪستان، ايمنسٽي انٽرنيشنل، انجمن ترقي پسند منصفين، رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو، هائڊرو يونين ۽ ادبي ادارن سان رهي آهي.

سندس ڪتابن ۾ منصور حلاج، گانڌي جو قتل، قربان علي جتوئي شخصيتون، خدمتون ۽ قيد ڪهاڻي، يادن جي ڳڙکيءَ مان، سراج - سنڌي ٻولي جو خاموش خدمتگار، جيئن جيئن ورق ورن، سياست سماج ۽ آزاديءَ سميت سندس ڪل ست ڪتاب ڇپيل آهن، دعا آهي ته شال هو وڌيڪ جيئي ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو خدمت ڪندو رهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

استاد خالد چانڊيو

استادن جو استاد

عيسيٰ ميمڻ

هن سان منهنجو رشتو تڏهن جڙيو جڏهن مان سياست جي اڻانگي پنڌ جو راهي ٿيس. . مون وٽ هڪ تشنگي هئي ته هن سماج کي سياست جي وسيلي بدلائي سگهجي ٿو. اها به سن جي سيد جي سياست هئي جنهن وٽ هڪ مڪمل ڪائنات هئي ۽ آهي. هن سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي ان ۾ ئي هن جي لهجي، غور سان ٻين جي ڳالھ ٻڌڻ ۽ پنهنجي ڳالھ کي دليل سان پيش ڪرڻ جو هنر ڪمال جو نظر آيو. اها پهرين ملاقات ۲۰۰۴ع ۾ ڪامريڊ حيدر سان گڏ نظاماڻي ليبر هال تي ٿي هئي سخت گرمين جا ڏينهن هئا. ان کان پوءِ هن وٽان ڪتابن ملڻ جي لونجھ هن وٽ مون کي سدائين گهلي ايندي هئي. پنهنجي مزاج ۾ سخت رهيو آهي. جنهن جي ڳالھ نه وڻندي ته ان کي سامهون چئي ڏيندو. ڳالھ سخت هوندي مگر احترام واري حد ۾ هجڻ جي ڪري هن سماجي رشتن کي هميشه بچايو آهي. ڪنهن به مائيءَ جي لال کي سڀ ڪجھ سامهون چوڻ جي بي انتها جرئت رکندو آهي. پنهنجي گفتگو ۾ علمي ۽ فڪري ڳالهيون جهلڪندي نظر اينديون. اهوئي سبب آهي جو هن وٽ سنڌ سميت ملڪ جا چوٽيءَ جا دانشور هن وٽ اچڻ ۾ ڪڏهن به عار محسوس نه ڪندا آهن انهن سڀني سان ڪچهري ڪرڻ، انهن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن سان هر حوالي سان نڀاءُ ڪرڻ جو آرٽ سوڀي کان پوءِ مان استاد خالد ۾ ڏٺو آهي. چون ٿا ته سائين جي ايم سيد وٽ جتي چوٽيءَ جا دانشور ايندا هئا اتي هاري ناري کان وٺي عام ماڻهو به جيڪڏهن ڪو ايندو هو ته سائين جي ايم سيد جو ٻانهون ۽ دسترخوان سڀني لاءِ ساڳي نموني جو کليل هوندو هو. اها ساڳي خوبي پنهنجي وسيلن آهر هڪ مون کي ڪامريڊ حيدر جويي ۾ نظر آئي آهي ته ٻي استاد خالد ۾ نظر آئي آهي. مان ان ڳالھ جو اعتراف ڪندي ارهائي محسوس نه ٿو ڪريان ته استاد پنهنجي ڪشادي دسترخوان تي پنجاھ ڀيرا اسان کي گهرايو آهي پر مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن مون سخاوت جو مظاهرو ڪندي استاد لاءِ ڪڏهن دسترخوان کوليو هجي تنهن باوجود به هن پنهنجي دسترخوان کي اسان لاءِ ڪڏهن به سوڙهو نه ڪيو آهي.

هن جو جنم ته ۱۵ آگسٽ ۱۹۶۱ع ۾ ڪراچي ۾ امان الله بلوچ جي گهر ۾ ٿيو مگر هن جي تعليم گهڻي قدر پرائمري کان ڪاليج تائين حيدآباد ۾ حاصل ڪئي. هن صحافت جي شروعات به ۱۹۷۶ع ۾ “سنڌ ٽائمز” اخبار کان ڪئي. هي ساڳيو ئي دور آهي جنهن ۾ هن قومي فڪر سان وابستگي سبب قومي تحريڪ سان سلهاڙجي ويو. هن اتي به قومي تحريڪ جي ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت ڪئي. اهي ڪارڪن جيڪي هن جي تربيت هيٺ رهيا اهي اڳتي هلي سنڌ جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ ٿيا. جنهن ڪري سنڌ ۾ استاد خالد چانڊيو کي “استاد ”هئڻ وارو رتبو حاصل رهيو آهي. جيتوڻيڪ استاد جي فڪري تربيت ۾ نياز همايوني جو وڏو حصو رهيو آهي. محمد صالح عاجز ۽ عبدالواحد آريسر کان پڻ گهڻو متاثر رهيو آهي. سائين جي ايم سيد کي سنڌ جو باڪردار، بااخلاق ۽مدبر اڳواڻ سمجهندو آهي. سائين جي ايم سيد سان فڪري طور تي ايتري تي وابستگي رهي اٿس جو هر سال سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي وڃڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهي. جيتو ڻيڪ سن وڃڻ هن دور ۾ جان جوکي ۾ وجهڻ برابر آهي پر هن کي ان ڳالھ جي ڪڏهن پرواھ نه رهي آهي. هن ته جيل، ٿاڻا، عذاب گهر به ڏٺا آهن. سالن جا سال خاموشي سان ڪورٽ جون حاضريون به ڪٽيندو رهيو آهي پر مجال آهي جو ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪري. اسان هن جي ويجهو هوندي به بي خبر رهندا آهيون. اها سهپ به ڪنهن ڪنهن ماڻهو وٽ هوندي آهي.

ذات پرستي جي خلاف رهيو آهي. هي ته ملن، مولوين، پنڊتن جي به خلاف آهي. هي سمجهي ٿو ته اهي سڀ عنصر سماجي ارتقا ۽ اوسر ۾ بنيادي طور تي رڪاوٽ آهن. ڇاڪاڻ ته سماج کي جاهل ۽ مڏو رکڻ ۾ ملن، مولوين ۽ پنڊتن جو ڪردار رهيو آهي. هن جو خيال آهي ته اهي سڀ بدعتون جاگيرداي سماج جون پيدا ڪيل آهن. اسان وٽ جاگيرداري نظام جون جڙون ايتريون ته مضبوط آهن جو جاگيردار رياست جو پنجون ٿنڀ ٿي ويو آهي. جنهن ڪري رياست خود جاگيردار کي پنهنجي مفادن خاطر سهارو ڏيئي زنده رکي ٿي. ان ڪري جاگيرداري خلاف قومي تحريڪ کي سدائين جدوجهد لاءِ تلقين ڪندو رهيو آهي. قومي تحريڪ وٽ طبقاتي نظام خلاف واضح پاليسي نه هجڻ جي ڪري قومي تحريڪ تي تنقيد به ڪندو رهيو آهي. قومي آزادي کي ڪميونزم ۽ سوشلزم سان ڳنڍڻ جو خواب هن جو پراڻو خواب رهيو آهي. جيتوڻيڪ سوشلزم ۽ ڪميونزم بحيثيت نظام طور تي ڪٿي به مروج نه آهي مگر ان جي ضرورت اڄ به آهي. ڪلاسيڪل ڪميونزم ۽ جديد ڪميونزم جي وچ ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ ۽ ان تي فڪري طور ڪم ڪرڻ جي اڄ به ضرورت باقي آهي.

هن نوڪري کي به عبادت جيان فرض سمجهي ادا ڪئي آهي. چاهي ها ته واپڊا جهڙي سڻڀي اداري ۾ رهندي ڪک پتي مان لک پتي ٿي پئي سگهيو پر هن جي مزاج ۾ ايمانداري ايتري ته شامل رهي آهي جو هن ڪرپشن جي پيسن مان زندگي گذارڻ بجاءِ هڪ سادي زندگي بسر پئي ڪئي آهي. نه ته اسان جي سماج ۾ نظرياتي طور وڏا وڏا ماڻهو ذاتي زندگي ۾ پيسو ٺاهي، گاڏيون، بنگلا، بينڪ بيلينس ٺاهي، فڪري وڏيرا بڻجي سماج تي نازل ٿيندا آهن. هڪڙا وڏيرا جيڪي پيسن جي ڪري وڏيرا ٿي عوام لاءِ عذاب بڻجي ايندا آهن ته ٻيا وري علم ۽ ادب جي بنياد تي عوام کي ڏاڙهيندا ويٺا ٻنهي جي نفيسات ساڳي هوندي آهي. هن سماج ۾سادي زندگي بسر ڪرڻ به ڪنهن ڪرامت کان گهٽ نه آهي. ليبر هال لاڙڪاڻو، بظاهر واپڊا يونين جو مرڪز رهيو هو پر استاد جيستائين ان جو انچارج هو تيستائين ليبر هال سياست ۽ ادب جو فڪري گهر رهيو. هن بنا فرق جي سڀني نڪته نظر جي ساٿين سان احترام واري واٽ هجڻ ڪري سڀني ڌارين لاءِ ليبر هال جا دروازا کليل هوندا هئا. استاد جي رٽائرمينٽ کان پوءِ هي علم ۽ ادب جو مرڪز بند ٿي ويو آهي صرف ليبر هال وڃي بچيو آهي.

اسان وٽ هڪڙا ظاهر ۾ ترقي پسند نظر ايندا آهن اندر ۾ انهن وٽ ملن واري ڏاڙهي هوندي آهي. جيڪي عورتن جي آزادي کان وٺي سماجي تبديلي جا بند ٻڌيون ويٺا هوندا. پر ترقي پسندي صرف استاد جي سوچ ۾ نه آهي پر عمل ۾ به نظر ايندي آهي. هن پنهنجي پٽن ۽ نياڻين جي تعليم تي هڪ جيترو ڌيان ڏنو آهي. هن پنهنجي ڌيئرن (نجمه ۽ ڪنول) کي پنهنجي پيٽ کي مٺ ڏيئي به اعليٰ تعليم جا سڀ موقعا فراهم جي ڪوشش ڪئي آهي. نجمه هاڻي لطيف يونيورسٽي مان ايم فل ڪري رهي آهي. هن جو يونيورسٽي اڪيلو اچڻ وڃڻ تي به ڪو اعتراض ان ڪري نه ڪيو آهي ته هي سمجهي ٿو ته ان سان ڇوڪرين ۾ سماج ۾ رهڻ جو اعتماد پيدا ٿئي ٿو. هن جو هڪ پٽ هالار سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر ڪري آيو آهي. مهراڻ ۽ ساگر به تعليمي ڏس ۾ اڳڀرا نظر ايندا. هن جي هڪ ڀيڻ خالده تعليم کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي، ڀاءُ علي بابا به ايڇ ايس ٽي آهي ته گهر واري به ٽيچر آهي. استاد جي گهر جو مان به هڪ ڀاتي ٿي رهيو آهيان نجمه کان وٺي ساگر جاني تائين، سڀني سان پنهنجائپ وارو رشتو. پنهنجي خاندان جا فوٽو سوشل ميڊيا تي رکڻ، ڏسجي ته عام ڳالھ آهي پر چانڊين جي خاندان مان هجڻ ۽ جاگيرداري سماج ۾ رهندي خاندان جا فوٽو رکڻ هڪ دل ۽ جگر جو ڪم آهي ۽ اهو ڪم استاد بي ڌڙڪ ٿي ڪندو آهي مجال آهي جو ڪنهن جي پرواھ ڪري.

استاد خالد پاڻ عربي، فارسي ٻوليءَ تي به دسترس رکي ٿو. هن جو ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو، هونئن به علمي، ادبي حوالي سان سنڌ جي چند مثالي ڳوٺن مان هڪ رهيو آهي. هڪ اهڙو ڳوٺ جيڪو جاگيردارن جي وچ ۾ هوندي به پنهنجو پاڻ ۾ مثالي ڳوٺ هجي. چوطرف اونداهي ۾ روشني جي لاٽ مثل ڳوٺ آهي. استاد جو حافظو ايترو ته تيز آهي جو سالن جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون به ياد رکي ٿو. تاريخ، فلسفي، سياست، ادب ۽ فڪري ڪتابن جا حوالا باريڪ بينيءَ سان ٻڌائيندو آهي. جيڪڏهن اسان جو پڙهيل ڪتاب به هوندو آهي ته استاد جي ڏنل حوالي کان پوءِ ڪتاب کي نئين سر پڙهڻو پوندو آهي. اسان کان جڏهن به ڪنهن ڪتاب جي ڳالھ پڇندو آهي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ استاد کي ڪا خبر ئي ناهي پر جڏهن ڳالهائيندو ته سمورا اوسا پاسا رکي ڳالهائيندو آهي. هن جا ڪتاب “منصور حلاج” (ترجمو)، ”گانڌيءَ جو قتل” (ترجمو)، “قربان جتوئي:خدمتون ۽ قيد ڪهاڻي” (ترتيب ڏنل) “يادن جي ڳڙکيءَ مان” (ترتيب ڏنل) “سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ” (ترتيب ڏنل) ۽ سياست، سماج ۽ آزادي” شايع ٿيل آهن. جيڪي سنڌي ادب جو اثاثو آهي. خاص ڪري منصور حلاج ۽ گانڌي تي سنڌي ۾ مواد نه هجڻ برابر ملندو. جڏهن ته قربان جتوئي ۽ عبدالرزاق سومري جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب هڪ دور جي انسائيڪلو پيڊيا آهي انهن ۾ جيڪي حاشيا آهن اهي خود الڳ ڪتاب جي حيثيت رکن ٿا. انهن ڪتابن مان ٻه ڪتاب (“سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ” (ترتيب ڏنل) ۽ سياست، سماج ۽ آزادي) مون کي شايع ڪرائڻ جو شرف حاصل ٿيو. اسان جڏهن استاد جا ٻئي ڪتاب شايع پئي ڪيا تڏهن سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جا بنياد نوان رکيا هئا. استاد جي ڪتابن شايع ڪرائڻ کان پوءِ اسان کي جي اداري جو سڄي سنڌ ۾ نئون تعارف جڙي پيو. ان مان اسان اندازو ڪيو ته استاد هن ڪم ۾ اسان جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ ڏنا هئا.

استاد خالد پنهنجي سموري ڄمار علمي، ادبي ۽ فڪري پورهيو ڪري سنڌ ۾ نه صرف سجاڳيءَ جي لهر پيدا ڪئي آهي پر ڪيترن ئي نسلن جي فڪري آبياري به ڪئي آهي. سندس سياسي ۽ فڪري پورهيو تاريخ جو اٽوٽ حصو آهي. اسان جڏهن به ڌرتتيءَ ۾ پير ڌريا آهن اسان جي مٿان استاد خالد گهاٽي بڙ جي ڇانوَ جيان ڇانورو بڻجي رهيو آهي. جڏھن به ڪٿي راہ تان ڀٽڪيا آهيون تڏهن اسان جو قبلو درست ڪرڻ لاءِ، رهنما بڻيو آهي. مون کي خوشي آهي ته استاد خالد جي محبتن ۾ مان به شامل رهيو آهيان.

استاد خالد چانڊيو جو اڄ جنم ڏينهن آهي. . استاد کي جنم ڏينهن جون واڌايون

 

(عيسيٰ ميمڻ جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۱۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا