; سنڌي شخصيتون: شهاب الدين منشي

21 June, 2022

شهاب الدين منشي

شهاب الدين منشي

وڇڙيو آهين وسريو ناهين - ورسيءَ جي مناسبت سان

نياز وگهيو



اسان جي سماج ۾ ڪجھ ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي سڄي حياتي خلق خدا جي خدمت ۾ گذاري انساني احساس، اخلاقيات ۽ مذهبي رواداري جو خاص مثال بڻيل رهندا آهن. اهڙا ماڻهو وقت جي ڪيترن وهڪرن ۽ لاهن چاڙهن باوجود پنهنجي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندا آهن ۽ سندن حياتي جا شاندار گذاريل ڏهاڙا هميشه ٻين لاءِ اتساھ جو سبب بڻجندا آهن. حيدرآباد جو سياسي، سماجي شخص شهاب الدين منشي به اهڙن شخصيتن مان هڪ شخصيت جو مالڪ هو، جنهن هميشه پنهنجي هڙان وڙان ڏکائيل انسانن جي مدد ڪري انسانيت جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي. شهاب الدين منشي سياسي ميدان ۾ عام رواجي سياستدانن کان هٽي ڪري عوام جي حقيقي خدمت ڪئي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته اڄ کيس سياسي حلقي ۾ به اهميت حاصل آهي.


شهاب الدين منشي جو جنم ۱۹۵۰ ۾ محمد اسماعيل منشي جي گهر حيدرآباد ۾ ٿيو، هن پنهنجي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ سچل سرمست ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو صدر چونڊيو، ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ لا ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران شاگردن جي حقن ۽ شاگردن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪنوينر چونڊيو ويو، جڏهن ته شاگردن سان هر ڏکئي گهڙي ۾ گڏ بيهي هڪ آواز ٿي مسئلا حل ڪرايا، شهاب الدين منشي جيڪو هڪ سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو. حيدرآباد جي منشي خاندان جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن، هي خاندان فقير منش آهي، شهاب الدين منشي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت جو مالڪ هو، سندس پڙ ڏاڏو خان بهادر نجم الدين منشي آزادي واري تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

شهاب الدين منشي جو شمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ ٿئي ٿو، پاڻ هميشه ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري گذاري. شهاب الدين منشي ڀٽو جي دور ۾ جڏهن شملا اشو هلي رهيو هو، ان دوران ذوالفقار علي ڀٽي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سان مشورا شروع ڪيا، جنهن ۾ مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن يونين جي صدرن جي وفد کي سرڪٽ هائوس ڪراچي تي گهرايو، ان وفد جي اڳواڻي شهاب الدين منشي ڪئي، جنهن دوران هن ڀٽو کي چيو ته ڀارت پاڙيسري ملڪ آهي، ان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ان موقعي تي هن جيڪي دليل ڏنا ته ڀٽو صاحب ان مان متاثر ٿيو، ان کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو کي حيدرآباد موڪلي شهاب الدين منشي سان الڳ ملاقات ڪري ملڪي صورتحال جو جائزو ورتو. اهڙي طرح ذوالفقار ڀٽو حيدرآباد ۾ ايندو هو ته شهاب الدين سان ملاقات ضرور ڪندو رهندو هو.

شهاب الدين پ پ جو نظرياتي ڪارڪن رهيو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو، ايم آرڊي دور ۾ تحريڪ شروع ٿي ته هن ڀرپور حصو ورتو، هن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ون يونٽ خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، شهاب الدين منشي هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ هو، هر وقت مهمان نواز ۽ هر ڪنهن کي محبت ڏيندڙن مان هڪ هو. جنهن پنهنجن وڏن جي نقش قدم تي هلي انهن روايتن کي برقرار رکيو. شهاب الدين منشي جون ملڪ جي وڏن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ۽ تعلقات پڻ رهيا، ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، سائين جي ايم سيد، هن وقت جي وزيراعظم عمران خان، پير پاڳارو، حسين هارون، مخدوم شاھ محمود قريشي، مولانا شاھ احمد نوراني، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر، ملڪ جي اڳوڻي صدر ممنون حسين، سيد قائم علي شاھ، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، رٽائرڊ جسٽس راڻا ڀڳوان داس، چوڌري افتخار احمد، سيد ديدار حسين شاھ، ڄام ساقي سميت اديبن، ليکڪن، دانشورن ۽ مختلف زندگي سان تعلق رکندڙن شخصيتن سان سندس تلعق هئا. منشي هائوس حيدرآباد تي ڪيتريون ئي اهم شخصيتون اينديون رهيون آهن.

مرحوم شهاب الدين منشي ڪيترن ئي غريب ماڻهن خاص طور تي غريب شاگردن جي مدد ڪندو هو، هو حيدرآباد ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ايڌي جهڙو ڪردار رکندو هو، پاڻ هڪ سچو ۽ کرو صاف دل جو مالڪ هو، هن جي هميشه شفقت واري سوچ هئي. مون سان به اڪثر وقتن ۾ سٺي ڪچهري ڪندو هو، اخبار ۾ ڪم ڪرڻ دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن جي حل لاءِ صلاح مشورا ڏيڻ سان گڏ مون کي پنهنجي اولاد جيان سمجهندو هو. پاڻ ۳۰ اپريل ۲۰۲۰، رمضان شريف جي بابرڪت مهيني جي ۶ روزي تي اسان کان وڇڙي ويو.

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.

منشي خاندان پاران قائداعظم محمد علي جناح جي چوڻ تي آزادي جي تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ حصو وٺڻ سان گڏ حيدرآباد مان هڪ اخبار هلال پاڪستان اخبار منشي عبدالشڪور شايع ڪئي، آزادي جي تحريڪ ۾ جڏهن ريشمي رومال واري تحريڪ شروع ٿي ته موجوده منشي هائوس حيدرآباد کي ڳجهو هيڊ ڪوارٽر بنايو ويو، منشي عبدالشڪور حيدرآباد جي مشهور شخصيت حاجي امين الدين منشي جو فرزند هو، جيڪو حيدرآباد جو چونڊيل ميئر رهيو، منشي عبدالشڪور هلال پاڪستان جو مالڪ هئڻ سان گڏ حيدرآباد جو مشهور قانوندان به هو. مرحوم شهاب الدين منشي جيڪو پاڻ هڪ سٺي لکيل، پڙهيل، ادبي ۽ سياسي خاندان سان تعلق رکندڙ هجڻ سان گڏ ڪاروباري شخصيت به هو جنهن حيدرآباد جي گول بلڊنگ وٽ منشي فرنيچر جو بنياد وڌو، جيڪو اڄ به قائم آهي، شهاب الدين منشي جو اولاد عبدالوهاب منشي جنهن پنهنجي ننڍي عمر ۾ پنهنجي والدين جي نقش قدم تي هلي ملڪ جي اهم شخصيتن سان تعلقات قائم ڪيا آهن، ان جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. اهڙي طرح سلمان منشي ۽ نعمان منشي به پنهنجي والدين جي روايتن کي برقرار رکي اها ئي سوچ رکن ٿا، جيڪي سندن والدين رکندا هئا. اڄ شهاب الدين منشي کي اسان کان وڇڙئي هڪ سال ٿيو آهي، پر ان جي باوجود اهو اسان کان وسريو نه آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شهاب الدين منشي

ھڪ سچو انسان

نياز وگهيو

حيدرآباد ڇا پر سڄي سنڌ توڙي ملڪ جي سياستدانن ۽ سماجي شخصيتن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ ڪجھ ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي سڄي حياتي خلق خدا جي خدمت ۾ گذاري انساني احساس، اخلاقيات ۽ مذهبي رواداري جو خاص مثال بڻيل رهندا آهن. اهڙا ماڻهو وقت جي ڪيترن وهڪرن ۽ لاهن چاڙهن باوجود پنهنجي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه رهندا آهن ۽ سندس حياتي جا شاندار گذاريل ڏهاڙا هميشه ٻين لاءِ اتساھ جو سبب بڻيل رهندا آهن. حيدرآباد جي سياسي ۽ سماجي شخصيت حاجي شهاب الدين منشي به اهڙين مان هڪ شخصيتن مان هڪ هو، جنهن هميشه پنهنجي هڙان ۽ وڙان ڏکائيل انسانن جي مدد ڪري انسانيت جو ڳاٽ اونچو ڪيو، ته اتي سياسي ميدان ۾ عام رواجي سياستدانن کان هٽي ڪري عوام جي حقيقي خدمت ڪئي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته اڄ سندس وفات کي ۲ سال گذري ويا آهن ان جي باوجود کيس سياسي حلقن توڙي عام غريب بي پهچ ماڻهن جي دلين ۾ اهميت حاصل آهي.

شهاب الدين منشي جو جنم ۱۹۵۰ ۾ محمد اسماعيل منشي جي گهر حيدرآباد ۾ٿيو، هن پنهنجي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ سچل سرمست ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو صدر چونڊيو، ايل ايل بي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ لا ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران شاگردن جي حقن ۽ شاگرد جي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪنوينر چونڊيو ويو، جڏهن ته شاگردن سان هر ڏکئي گهڙي ۾ گڏ بيهي هڪ آواز ٿي عوام جا مسئلا حل ڪرايا، حيدرآباد جي منشي خاندان جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن، هي خاندان فقير منش آهي، شهاب الدين منشي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت جو مالڪ هو، سندس پڙ ڏاڏو خان بهادر نجم الدين منشي آزادي واري تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. شهاب الدين منشي جو ڳاڻيٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ ٿئي ٿو.

پاڻ هميشه ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري گذاري، شهاب الدين منشي، ڀُٽي جي دور ۾ جڏهن شملا اشو هلي رهيو هو، ان دوران ذوالفقار علي ڀٽي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سان مشورا شروع ڪيا، جنهن ۾مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن يونين جي صدرن جي وفد کي سرڪٽ هائوس ڪراچي تي گهرايو، ان وفد جي اڳواڻي شهاب الدين منشي ڪئي. جنهن دوران هن ڀٽي صاحب کي چيو ته ڀارت پاڙيسيري ملڪ آهي، ان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ان موقعي تي هن جيڪي دليل ڏنا ڀُٽو صاحب ان مان متاثر ٿيو، ان کان پوءِ جڏهن به ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ حيدرآباد ۾ ايندو هو ته شهاب الدين سان ملاقات ضرور ڪندو هئو. شهاب الدين پ پ جو نظرياتي ڪارڪن رهيو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو، ايم آرڊي دور ۾ تحريڪ شروع ٿي ته هن ڀرپور حصو ورتو، هن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ون يونٽ خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، شهاب الدين منشي هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ هو، هر وقت مهمان نواز ۽ هر ڪنهن کي محبت ڏيندڙن مان هڪ هو. جنهن پنهنجن وڏن جي نقش قدم تي هلي انهن روايتن کي برقرار رکيو. شهاب الدين منشي جون ملڪ جي وڏن اهم شخصيتن سان ملاقاتون پڻ رهيو، ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، سائين جي ايم سيد، ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان، مخدوم شاھ محمود قريشي، مولانا شاھ احمد نوراني، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر، ملڪ جو اڳواڻو صدر ممنون حسين، سيد قائم علي شاھ، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادرمگسي، اياز لطيف پليجو، اڳوڻو رٽائرڊ جسٽس راڻا ڀڳوان داس، چوڌري افتخار احمد، سيد ديدار حسين شاھ ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته منشي هائوس حيدرآباد تي ڪيتريون ئي اهم شخصيتون اينديون رهيو آهن.

مرحوم شهاب الدين منشي ڪيترن ئي ماڻهن خاص طور تي غريب شاگردن جي مدد ڪندو هو، هن جي هر وقت سماجي توڙي خير ۽ خيراتي وارو ڪم هلندڙ هو، حيدرآباد ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ايڌي جهڙو ڪردار رکندو هو، هو هڪ سچو ۽ کرو صاف دل جو انسان هو، هن جي هميشه شفقت واري سوچ هئي. مونسان به اڪثر وقتن ۾سٺي ڪچهري ڪندو هو، اخبار ۾ ڪم ڪرڻ دوران مختلف رايا ۽ صلاح مشورا ڏيڻ سان گڏ مونکي پنهنجي اولاد جيان سمجهندو هو.

پاڻ ۳۰ اپريل ۲۰۲۰، رمضان شريف جي بابرڪت مهيني جي ۶ روزي تي اسان کان وڇڙي ويو، منشي خاندان پاران قائد اعظم محمد علي جناح جي چوڻ تي آزادي جي تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ حصو وٺڻ سان گڏ حيدرآباد مان هڪ اخبار هلال پاڪستان اخبار منشي عبدالشڪور شايع ڪئي، آزادي جي تحريڪ ۾جڏهن ريشمي رومال واري تحريڪ شروع ٿي ته موجوده منشي هائوس حيدرآباد کي ڳجهو هيڊ ڪوارٽر بنايو ويو، منشي عبدالشڪور حيدرآباد جي مشهور شخصيت حاجي امين الدين منشي جو فرزند هو، جيڪو حيدرآباد جو چونڊيل ميئر رهيو، منشي عبدالشڪور هلال پاڪستان جو مالڪ هئڻ سان گڏ حيدرآباد جو مشهور قانوندان به هو. مرحوم شهاب الدين منشي جيڪو پاڻ هڪ سٺي لکيل، پڙهيل، ادبي ۽ سياسي خاندان سان تعلق رکڻ ڪري سندس اولاد عبدالوهاب منشي، سلمان منشي، نعمان منشي به پنهنجي والدين جي روايتن کي برقرار رکي اهائي سوچ رکن ٿا، جيڪي سندن والدين رکندا هئا.

سندس وڏي فرزند فقيري طبيت جي مالڪ عبدالوهاب منشي پنهنجي والد جي ڏسل راھ تي اڳتي هلي پاڻ مڃرايو آهي، جيئن مرحوم شهاب الدين منشي سياسي، سماجي توڙي برادري ۾ اٿڻ ويهڻ سان گڏ غريب ماڻهن سان ميل ملاقات جو سلسلو جاري رکيو آهي، اهڙي طرح عبدالوهاب منشي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن ۾ سلمان منشي، توڙي نعمان منشي به پنهنجي والد جي پيروڪار تي هلي رهيا آهن.

اڄ مرحوم شهاب الدين منشي جي ورسي جي موقعي تي سندس خاندان ۽ پونئيرن پاران قرآن خواني ڪرڻ سان گڏ خير خيرات ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي آهي جنهن ۾ خاص طور تي غريبن جي سار سنڀال لهڻ واري سندن والد جي روايت کي برقرار رکندا، ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ رب پاڪ جي بارگاھ ۾ اسان دعاگو آهيون ته رب ڪريم پنهنجي ڪرم نوازي سان مرحوم شهاب الدين منشي تي مغفرت عطا فرمائي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ اپريل ۲۰۲۲ع ۽ عبرت حيدرآباد ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۲ع  تي ڇپيل)


شهاب الدين منشي

نعيم ملڪ

شهاب الدين منشي حيدرآباد جي پراڻن رهواسين مان هڪ آھي جنهن جو شاندار سياسي، سماجي، صحافتي پس منظر آھي، هي اهو سياسي گهراڻو آھي جنهن جو تحريڪ پاڪستان ۾ شاندار ڪردار آھي پاڪستان کان اڳ ئي حيدرآباد مان روزاني هلال پاڪستان جاري ڪري انگريزن جي دور ۾ ئي ڄڻ پاڪستان جو بنياد وجهي ڇڏيو هو اها روزاني هلال پاڪستان اخبار جيڪا پوء سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ جاري ٿي جنهن جي سرڪيوليشن اڄ تائين ڪا به سنڌي اخبار ٽوڙي نه سگهي آھي انهي جو مالڪ عبدالشڪور منشي هو جنهن جي گهراڻي مان هي عظيم شخصيت آھي، عبدالشڪور منشي قائد اعظم جو اهم ساٿي هو، عبدالشڪور منشي نه صرف حيدرآباد جوهڪ ناليوارو قانوندان هو پر جديد صحافت ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو آھي، هي حيدرآباد جي انهي وقت جي اهم شخصيتن حيدر بخش جتوئي، قاضي خاندان، مرزا قليچ بيگ، علامه آء آءقاضي سميت انهيء دور جي مختصر حيدرآباد جنهن ۾ عامل جهجهي تعداد ۾ رهندا هئا انهن جو ساٿي هو، حيدرآباد جي انتهائي معزز خاندان مان منشي فيملي به هئي، شهاب الدين منشي به پنهنجي وڏن جي روايت کي مد نظر رکندي سياست ۾ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان پير پاتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پنهنجي بلند شخصي ڪردار، هڪ بهترين ورڪر طور اڀري اڳيان آيو ۽ جلد ئي ذوالفقار ڀٽي جي ويجهي ساٿين ۾ سندس شمار ٿيڻ لڳو ۽ جڏھن به ذوالفقار ڀٽو جڏھن به حيدرآباد ايندو هو ته شھاب الدين منشي سان ضرور ملندوهو.سندس واسطا پير پڳاري سميت سنڌ جي سڀني سياستدانن سان رهيا پر سندس جهڪاء هميشه پيپلز پارٽي ڏانهن رهيو سندس پٽ عبدالوهاب منشي به صحافت توڙي ياري دوستي ۾ سڀني کان اڳڀرو آھي شهاب الدين منشي پنهنجي بهترين سڀاء، شاندار شخصيت جي ڪري هر دور ۾ متاثر ڪندڙ شخصيت به رهي آھي کيس حيدرآباد جي سياسي سماجي حلقن ۾ کيس هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. اڄ سندس ٻي ورثي آھي سندس دوستن، ساٿين ۽ پيارنجووڏو حلقو کيس ياد ڪري ٿو سندس جي ڪمي هر محفل ۾ محسوس ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪئي ويندي.

 

(نعيم ملڪ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا