; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شير مھراڻي

26 June, 2022

ڊاڪٽر شير مھراڻي

ڊاڪٽر شير مھراڻي

شخصيت ۽ ادبي ڪاوشون

جاويد شيخ



ڊاڪٽر شير مھراڻي ڪنھن تعارف جو محتاج نه آهي. توڙي جو هُو اڃان تائين جونيئر آهي، سينيئر نه ٿيو آهي پر ان جي باوجُود هُو اڄ پنھنجي تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم جي ڪري سينيئر لکاري سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ “شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات” جي سِري هيٺ تحقيقي مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي سَنَد ورتي آهي، جيڪا ٿيسز ثقافت کاتي حڪُومتِ سنڌ شايع پڻ ڪرائي آهي. هِن ڪتاب کان علاوه سندس ٻه ٻيا ڪتاب “جماليات: تنقيدي جائزو” ۽ “شاھ لطيف جي شاعريءَ جو جديد اَڀياس” پڻ ڇپجي چُڪا آهن جڏهن ته شاعريءَ جو مجمُوعو ڇپجڻ جي مرحلن مان گُذري رهيو آهيس.


هِن شخص کي مُون هميشه (شروع کان ئي) پاڻ جيڏن، پاڻ کان وڏن، پاڻ کان ننڍن ليکارين توڙي غير ليکارين ايتري قدر جو شاگردن غير شاگردن جي پڻ گهيري ۾ ڏٺو آهي. ائين کڻي چئجي ته ڊاڪٽر شير مھراڻي هر عُمر جي ماڻھن ۾ ممتاز آهي ۽ اها ناماچاري پاڻ مُرادو پيدا ناهي ٿيندي. ان لاءِ وقت ۽ عِلم جي خيرات ڏيڻي پوَندي آهي جيڪا سَخا شير جي شخصيت جو هڪڙو مضبُوط ۽ محبتي حوالو بڻيل آهي.

ڊاڪٽر شير مھراڻي ڪُل وقتي اُستاد، ليکڪ ۽ مُحقق آهي. عِلمي ادبي دُنيا ۾ ايترو ته مُتحرڪ ۽ مشغُول هُوندو آهي جو ڪراچيءَ کان علاوه ساريءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ علمي ادبي پروگرامن ۾ شرڪت پنھنجو فرض سمجهي ڪندو آهي.

اڄ پھرين مارچ تي اهڙين ئي عُمده خُوبين جي مالڪ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي. تنھن ڪري آءٌ کيس سندس ساهتي سُورهيائيءَ (خدمت) تي سلام پيش ڪندي جنم جُون جهجهيون واڌايون ڏيان ٿو اِن اُميد سان ته سدائين سَرهو ۽ سُرهو هُوندو ۽ هر وقت علم ۽ وقت جي ونڊ ڪندو رهندو ۽ “وڏائيءَ” جي وَڻ جي اصل ويجهو نه ويندو. وڏائي شجرِ ممنُوعا آهي.

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات:

هيءُ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ جي پي ايڇ _ ڊي ٿيسز جو عُنوان آهي. ڊاڪٽر شير ٢٠١٣ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر غفُور ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ پي ايڇ _ ڊي ڪئي. هِن مقالي ۾ هُن ڇپيل ڪتاب مُطابق ڪُل پنج باب ڏنا آهن. پھرئين باب ۾ ڊاڪٽر شير جماليات جي جامع تشريح، پس منظر ۽ اوسر جو جائزو ورتو آهي، جنھن ۾ هُن يونان جي مشھُور فلسفِي سُقراط کان پھريان قديم يونان ۾ جماليات جي تصوُر تي عالماڻيون ڳالھيون ڪيون آهن، جنھن ۾ هُن ٿيلس، انيگزيمينڊر، انيگز امنيس، پئٿاگورس ۽ هيرا قليطس جھڙن اڪابرن جا جماليات مُتعلق خيال پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيا آهن. ان کان پوءِ صاحبِ مقالا سُقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ جھڙن عالَمي اسڪالرن جي جماليات جي باري ۾ سوچ فڪر کي پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ شامل ڪيو آهي. ساڳي باب ۾ اڳتي هلي هُو “جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصوُر” تي حرف ريزي ڪندي ڪانٽ، هيگل، شاپنھار ۽ ڪروچيءَ جھڙن فلسفين جي خيالن کان اسان کي نه رُڳو آگاھ ڪرڻ جي مثبت ڪوشش ڪري ٿو پر اسان کي انھيءَ خوبصُورت موضُوع تي پڻ قلم کڻڻ جي قوت به ڏئي ٿو.

ڊاڪٽر شير جي ٿيسز جي پھرئين باب ۾ سندس جماليات مُتعلق ويچار پڙهو “سُونھن ڪائنات جو اُهو عظيم مظھر آهي جنھن ۾ جھان جون سمُوريون وُسعتون سمايل آهن. حُسن پنھنجي پيڪر ۽ نمُونن ۾ ازل کان ئي ڪشش جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ڪن ڏاهن حُسن کي حقيقت سڏيو آهي ته ڪن وري حُسن کي خير، نيڪيءَ، سچائيءَ ۽ ڀلائيءَ سان تعبير ڪيو آهي. ” (١)

ان کان پوءِ هُن ٻئي نمبر باب ۾ بعُنوان “مذهبن ۾ جماليات جو تصوُر” تي حوالا ڏئي سير حاصل بحث ڪيو آهي. انھيءَ ئي Chapter ۾ هُو هندو مت، اسلام ۽ تصوُف ۾ جماليات جي تصوُر کان اسان کي آشنا ڪرڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو.

ٽئين باب ۾ ڊاڪٽر شير جماليات جي مُختلف قسمن مثلن فطري جماليات، موضُوعاتي جماليات، درد ۾ جماليات، وجداني جماليات، جسماني جماليات ۽ شاھ وٽ جماليات جو ڪھڙو تصوُر آهي؟ انھيءَ ڳالھه تي قلم آزمائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. هيءُ باب جماليات جي موضُوع کي سُھڻي ۽ سوَلي نمُوني سمجهڻ لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهيو آهي. هيءُ باب سنڌي، اُردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪيل شاعريءَ ۾ جماليات جي تلاش يا تحقيق ڪندڙن لاءِ مددگار ۽ مُفيد ثابت ٿيندو.

باب چوٿين ۾ پروفيسر شير جماليات جي فن کي تحقيقي نُور بخشيو آهي ۽ فني لحاظ کان ڀٽائيءَ وٽ ان جو ڪھڙو تصوُر يا خيال آهي؟ انھيءَ ڳالھه تي نھايت ئي سنجيديون ۽ ماهراڻيون صلاحون ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون اٿائين جڏهن ته آخري ۽ پنجين باب ۾ نوجوان مُحقق مقالي جي خاص ۽ اصل موضُوع “شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات” جو سُر وار ۽ سُھڻي نمُوني جائزو ورتو آهي، جنھن ۾ سُر ڪلياڻ کان وٺي آخري سُر بلاول تائين هر هڪ سُر ۾ موجُود شاعريءَ ۾ لڪيل سُونھن کي نروار ڪيو ويو آهي.

هُونئن ته هر باب جي آخر ۾ ڊاڪٽر شير نتيجو ڏنو آهي پر آخري باب کان پوءِ جيڪو مقالي جو نتيجو ڏنو اٿس اُنھيءَ تي ڪُجھ روشنيءَ جا ڪِرڻا وِجهڻ ضرُوري ٿو ڀانئيان. اهي نتيجا حقيقت ۾ مقالي جو مغز سمجهان ٿو. هُو لکي ٿو “شاھ صاحب جي شاعريءَ ۾ موجُود جمالياتي لاڙن يا اُن ۾ موجُود سُونھن جي مُختلف ڏسائن جو اڀياس ۽ ڇيد ڪرڻ کان پوءِ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته شاھ جو رسالو جماليات جو هڪ اهڙو دستاويز آهي جنھن ۾ شاھ صاحب نه صرف هڪ انتھائي ڏاهي ترين شخص جي جمالياتي تجربن ۽ مُشاهدن کي بيان ڪيو آهي.

شاھ صاحب وٽ جماليات جو تصوُر عام فيلسوفن کان ڌار آهي ڇا ڪاڻ ته فيلسوفن مان ڪن جو خيال آهي ته حُسن معروضي آهي ۽ ڪن جو چوَڻ آهي ته حُسن موضُوعي آهي پر شاھ صاحب وٽ حُسن معرُوضيءَ ۽ موضُوعيءَ جو اهڙو امتزاج آهي جنھن ۾ سُونھن پنھنجيءَ داخلي ۽ خارجي اثر پذيريءَ ۽ هم آهنگيءَ سان يڪسر مُنوَر ۽ روشن آهي. ”

ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ جي زيرِ بحث ٿيسز هڪ علمي ادبي ۽ تحقيقي دستاويز آهي جيڪو انھن مُحققن کي فائدو ڏيندو جيڪي سنڌيءَ، اُردوءَ يا انگريزي ٻولين ۾ چاهي نثر هُجي يا نظم ڪنھن به موضُوع ۾ جماليات جي کوجنا جو ارادو رکندا هُوندا.

جماليات: تنقيدي جائزو:

هِن ڪتاب جو موضُوع تحقيق / تنقيد آهي. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ جي پي ايڇ _ ڊي مقالي “شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات” جو هڪڙو رهيل باب آهي، جيڪو سندس اصل ٿيسز ۾ ته آهي پر ڇپيل ٿيسز ۾ موجُود نه آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳ جماليات تي ٿيل تحقيق جو تمام سُھڻي پيرايي ۾ ڪيل اڀياس آهي. هِن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ کان اڳ لطيفي جماليات جي موضوع تي ڪيل ڊاڪٽريٽ “شاھ جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو” اڻ ڇپيل مقالي تي روشني وڌي وئي آهي. هِن مقالي لکندڙ جو نالو آهي ڊاڪٽر شڪنتلا سيوهاڻي! ٿيسز تي باب وار روشني وڌي وئي آهي ۽ آخر ۾ نتيجي ۾ اهو ٻُڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽر شڪنتلا جي سامھُون جماليات صرف جسماني جماليات ئي آهي. هُن جي ٿيسز لطيف سائينءَ جي شاعريءَ اندر فقط جسماني سُونھن جو جھان پَسائي ٿي.

ان بعد ڊاڪٽر شير سنڌي مُحققن جي جماليات تي گڏيل مضمُونن جي ڪتاب “سُر رِپ” جو مُحققاڻو مُطالعو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل نوَ مقالا آهن جيڪي لطيفي ڪلام ۾ جماليات کي Point out ڪن ٿا. هن ڪتاب جي ليکڪن ڊاڪٽر شڪنتلا ديويءَ، امداد حُسينيءَ، ڊاڪٽر شاھ نواز سوڍر، اڪبر لغاريءَ، خاڪي جوئي، انعام شيخ، ڊاڪٽر تھمينا مُفتيءَ، ڊاڪٽر غُلام نبي سَڌائي، حافظ عبدالرحيم جماليءَ ۽ احسان دانش جي لکيل ليکن تي تحقيقي تنقيدي نظر وِجهندي مضمُونن ۾ ڪميءَ بيشيءَ تي خوبصُورت انداز ۾ بحث ڪيو ويو آهي ۽ اهو پڻ ٻُڌايو ويو آهي ته مذڪُورو مضمُون شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات مُتعلق مُڪمل ڄاڻ ڏئي ٿو يا نه!

هِن ڪتاب ۾ جتي ڏيھي مُحققن اديبن جا لطيفي جماليات تي وِيچار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا اُتڙي اُردو ۽ انگريزي مُحققن ۽ مقالي نگارن جا انتھائي مُدلل حوالن وارا مضمُون پڻ پيش ڪيا ويا آهن. انگريزيءَ ۾ سڀ کان اوَل ڪتاب Sence of Beauty نالي ڪتاب تي بحث ڪيو ويو آهي. هِن ڪتاب جو ليکڪ جارج نسيتانا آهي جيڪو اُڻويھينءَ صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ ڏنل ليکڪ جي ليڪچرن جو گڏيل مجمُوعو آهي. هيءُ ڪتاب پڻ جمالياتي ڄاڻ ۽ مُطالعي ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ليکڪ پنھنجي مُطالعي ۽ مُشاهدي جي آڌار جماليات کي پڙهندڙن اڳيان واضح ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب جماليات جي موضُوع تي مقالا لکندڙ مُشتاق مُحققن لاءِ انتھائي لاڀائتو ثابت ٿيو آهي.

“جماليات: تنقيدي جائزو” ڪتاب ڊاڪٽر شير جي علمي، تحقيقي، عقلي بصيرت کي بيان ڪري ٿو. ڊاڪٽر شير جو مذڪُورا ڪتاب سنڌي ادب ۾ جماليات جي کوج لڳائڻ وارن مُحققن لاءِ مُفيد ۽ موثر ڪتاب آهي. هاڻي جڏهن به سنڌي نثر يا نظم جي ڪنھن به موضُوع ۾ جماليات جي کوج لڳائي ويندي ته ڊاڪٽر شير جو هيءُ ڪتاب ۽ سندس ٿيسز هڪ مضبُوط حوالي طور ڪم ايندا.

شاھ لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس:

هِن ڪتاب جي نالي مان ئي پڌرو آهي ته هِن ڪتاب ۾ شاھ سائينءَ جي شاعريءَ جو جديد نمُوني سان اڀياس ڪيو ويو آهي. شاھ کي هيل تائين گهڻن تڻن مُحققن صُوفي، اُمي، پير، ولي وغيرھ ئي سمجهيو آهي پر گهٽ مُحققن، ليکڪن ۽ نقادن لطيف جي شاعريءَ جي جديد فڪري پاسن يا شاھ لطيف جي شاعريءَ واري حقيقي حُسن کي ظاهر ڪيو آهي. ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ جو هيءُ ڪتاب لطيفيات تي لکيل خاص ڪتابن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ هِن ڪتاب ۾ جُملي ٠٨ فڪري مضمُون يا مقالا ڏنا آهن جيڪي سڀ جا سڀ لطيف رحھ جي روشن ۽ جديد خياليءَ جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا. هيءُ ڪتاب شاھ دوستن لاءِ ڪنھن قيمتي ادبي سُوکڙيءَ کان گهٽ نه آهي.


ڊاڪٽر شير مھراڻي

محمد سليمان وساڻ

نامياري شاعر، ليکڪ، محقق، نقاد، اسڪالر، لطيف جي پارکو ۽ استاد ڊاڪٽر شير مھراڻي کي جنم ڏينھن جون واڌايون

هو منھنجو محسن ته آهي ئي پر ساڳي وقت مان کيس استاد پڻ سمجهندو آهيان. سدائين مُک تي مُرڪ سجائي گهمندو آهي. ڪراچيءَ جي ادبي پروگرامن جي جان آهي ۽ سڀني کي محبتون ارپيندڙ شخص آهي. هو جڏهن به اسٽيج تي ڳالھائڻ لاءِ ايندو آهي ته موضوع سان خوب نڀائيندو آهي ۽ ايئن لڳندو آھي ته لفظ سندس محتاج آھن. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات تي پي ايڇ ڊي ڪئي اٿس.

اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي، پهرين مارچ ۱۹۸۰ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احدي خان راڄپر، مڊل ڳوٺ ٻٻر وڏن جي سرڪاري مڊل اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا، انٽر گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول ڪنب، بي. ايس. سي (باٽني) ۽ ايم اي سنڌي ادب ۽ انگريزي ادب ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ڪيائين. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ‘شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات’ جي عنوان تي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي رهنمائي ۾ ۲۰۱۳ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.

هي ڪجھ عرصو پاڪستان ايئر فورس ۾ ملازم رهيو، بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوهر ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. شير مهراڻي ۱۶ سال ماهوار ‘سوجهرو’ جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي خبرن واري شعبي ۾ ‘نيوز ٽرانسليٽر’ ۽ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان سلهاڙيل رهيو. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب جو بنيادي ميمبر هجڻ سان گڏ ڪنب شاخ ۽ ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن سان سلهاڙيل آهي. هو بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر آهي ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرس جو پڻ ميمبر آهي. هن ڪيترن ئي نيشنل توڙي انٽرنيشنل ڪانفرنسن ۾ پيپر پڻ پڙهيا آهن. هو ڪيترن ئي شاگردن جو ريسرچ گائيڊ پڻ آهي.

ڊاڪٽر شير مھراڻي لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي. سندس پهريون شعر ۱۹۹۹ع ۾ شايع ٿيو. هن شاعريءَ جي سکيا شاعر دوست محمد راڄپر کان حاصل ڪئي. سندس ۹ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“، ”شاھ لطيف جي شاعري جو جديد اڀياس“، ”جماليات : هڪ تنقيدي جائزو“، ”پوئٽڪس (ارسطو) اردو ۽ انگريزي مان سنڌي ترجمو“، ”درد جو جمال (ڪهاڻيون: ڊاڪٽر شهناز شورو) اردو مان سنڌي ترجمو“، ”لطيفيات جو اڀياس (ايڇ اي سي پاران آنلائن شايع ڪيل)“، ”سنز آف سوائيل (منصور ٿلهي جي ناول مٽي ۽ مھاڻا جو سنڌي مان انگريزي ترجمو)“، ”راڄپر جي رمز (ترتيب)“، ”بڪيئسٽ آف ڀٽائي (انگريزي ۾ شاھ لطيف تي لکيل ڪتاب)”شامل آهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي جو ترجمو ڪيل هڪ ناول ‘تاپسي’ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ماهوار ‘سوجهرو’ ۾ قسطوار شايع ٿيو. تنقيد، ترجمي ۽ تحقيق تي لکيل سندس پنج ڪتاب اڃا اڻڇپيل آهن. هن ٽيهن کان وڌيڪ تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف تحقيقي جرنلس ۾ ڇپيل آهن.

کيس اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جو شاه لطيف تصوف ايوارڊ ۲۰۱۳ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ادبي ايوارڊ ۲۰۱۴، شاھ لطيف ايوارڊ ۲۰۱۸ع ۽ گلوبل سي ايس آر انٽرنيشنل ايوارڊ ۲۰۲۰ع سميت ڪيترا ئي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.

 

(محمد سليمان وساڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



ڊاڪٽر شير مهراڻي

سندس لطيف شناسي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

نامور اديب، شاعر، محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي، پير بخش مهراڻيءَ جي گهر پهرين مارچ ۱۹۸۰ع ۱۳ ربيع الثاني ۱۴۰۰هه تي ڳوٺ احدي خان راڄپر تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي تر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۽ شهرن مان حاصل ڪرڻ بعد ايم اي سنڌي ادب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ پي ايڇ ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات” جي عنوان تي ۲۰۱۳ع ۾ ڪيائين. پاڻ هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ درس و تدريس سان سلهاڙيل آهي. ڊاڪٽر شير جا لطيفي ڪتاب هن ريت آهن:

۱. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات، پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي.

۲. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس ڊسمبر ۲۰۱۴ع ۾ شايع ڪيو.

۳. جماليات: تنقيدي جائزو آگسٽ ۲۰۱۶ع ۾ شايع ٿيو.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جديد اڀياس ۾ لکي ٿو ته، جڏهن جڏهن به شاهه لطيف جي شاعري پڙهجي ٿي ته شاهه سائين پڙهندڙ کي ڪنهن اهڙي هنڌ تي بيٺل نظر اچي ٿو جو محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هن ڪائنات جي تخليق واري عمل جو مشاهدو ڪيو آهي، هو وقت ۽ هنڌ يعني زمان ۽ مڪان جي مٿان ڪنهن اهڙي هنڌ نظر اچي ٿو، جتان نه صرف هو انت ۽ انت جو بيٺي پير مشاهدو ڪندي محسوس ٿئي ٿو پر وقت جي رفتار سميت حاضر يا موجود لمحي تي پڻ سندس گهري نظر محسوس ٿئي ٿي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته ڀٽائي وقت جي وهڪري جي ابتدا ۽ انتها کان نه صرف واقف آهي بلڪه هو وقت جي وهڪري ۽ رفتار جو گواهه آهي سنڌ ڌرتيءَ ۾ شاهه سائينءَ جو هجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. (ص ۲۳)

۴. Bequest of Bhittai ڊاڪٽر مهراڻيءَ جو ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن ۱۸۱ صفحن تي ۲۰۲۰ع ۾ شايع ڪيو، انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ آيل لطيفي مضمون ۽ مقالا شاهه لطيف جي سورمين، سندس شاعريءَ ۾ عالمي ڀائيچارو ۽ امن، شاهه جي شاعريءَ جو حسن، وليم ورڊس ورٿ ۽ شاهه جي شاعريءَ جو تقابلي مقابلو، شاهه جي شاعريءَ ۾ تصوف جو سنڌي سماج تي اثر ۽ ٻيا موضوع آهن.

۵. لطيفيات جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو سنڌ ثقافت کاتي پاران ۲۰۲۱ع ۾ ۴۹۸ صفحن تي ڇپيو.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات:

لطيفيات جي موضوع تي پي ايڇ ڊي مقالو ثقافت کاتي پاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي مهاڳ ۽ ايڊيٽنگ سان ۲۰۱۳ع ڊسمبر ۾ شايع ٿيو. سٽاءُ مطابق ڪل ۵ باب آهن. جماليات جي تشريح، پس منظر ۽ اوسر جي سري هيٺ سقراط کان اڳ قديم يونان ۾ جماليات جي تصور کي بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انيگزيمنڊر، انيگزيمينس، پيٿاگورس، هيرا قليطس جا جماليات بابت تصور ڏيڻ کان پوءِ سقراط ۽ سقراط کانپوءِ جي يوناني فلسفي مان افلاطون ۽ ارسطو جا خيالات ڄاڻايا آهن، جديد فلسفي ۾ جماليات جو تصور ڪانٽ، هيگل، شاپنهار، ڪروچيءَ جي فڪر سان بيان ڪيل آهن، مذهبن ۾ جماليات جو تصور جي باب ۾ هندو مت ۾ جماليات جو تصور، اسلام ۾ جماليات جو تصور، تصوف ۾ جماليات جو تصور بيان ڪيل آهي، جماليات جا مختلف قسم ۽ ڀٽائيءَ وٽ انهن جو تصور جي باب ۾ ذيلي موضوع فطري جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، درد جي جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، وجداني جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، جسماني جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور آهن. فني جماليات ۽ ڀٽائيءَ وٽ ان جو تصور باب ۾ فن، شاعري ۽ فني جماليات جي ذيلي موضوعن هيٺ شاهه لطيف جي فني جماليات جي ڪٿ ڪيل آهي، رسالي جي سُرن ۾ جماليات جو تصور جي باب ۾ سر ڪلياڻ کان بلاول تائين شاهه جي رسالي مان سُر وار ٽيهن سُرن مان موضوع جي اوک ڊوک ڪيل آهي،

جماليات جي حوالي سان شاهه صاحب جي شاعريءَ جا ٻه اهم رخ آهن، هڪ فني ۽ ٻيو فڪري، فني حوالي سان شاهه صاحب جي سموري رسالي ۾ ڀرپور موسيقيت، رواني، سلاست، نغمگي، ترنم ۽ شائستگي آهي، شاهه جو رسالو هڪ پاسي فڪري نڪتن ۽ فيلسوفياڻي ڏاهپ جو سمونڊ آهي ته ٻئي پاسي هڪ شآهڪار ادب پارو پڻ آهي، هو شاعراڻن ڳُڻن جو اهڙو مَها ڪاريگر آهي جو سندس چيل سٽن مان جمال جو رس ٽمندي محسوس ٿئي ٿو (ص ۲۶۰)

ملهه مهانگو قطرو، سِڪَڻ شهادت،

اسان عبادت، نظر ناز پريَن جو، (ڪلياڻ ۱۹-۲)

امرت رس جو اهڙو دلفريب اظهار ۽ پرينءَ جي نگاهه جو ذڪر هڪ اهڙي روحاني ڪيفيت ۾ وٺي وڃن ٿا جتي فن جي اثر پذيري ڪمال جي درجي تي پهتل آهي، شاهه صاحب جو وجداني جمال پڻ هڪ ڌار ڪائنات آهي، جنهن ۾ سونهن ۽ ڪيف هڪٻئي سان مکيا ميل ٿيل پسجن ٿا. (ص ۲۶۲)

ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي هيءَ تحقيق جماليات جي ڪيترن رُخن کي ظاهر ڪري ٿي جنهن هيٺ هُن لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۾ موجود سونهن جي تصور کي اعليٰ وارفع ڄاڻايو آهي ۽ لطيف جو اهو سونهن جو تصور ڪائنات جي وجداني حسن کي سمجهڻ ۾ معاون ڏسيو اٿس، ڊاڪٽر مهراڻيءَ جي تحقيق ۲۰۱۳ع ۾ مڪمل ٿي کانئن اڳ ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻيءَ ساڳئي موضوع شاهه جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو تي ۱۹۹۲ع ۾ مڪمل ڪئي مون ٻنهي مقالن کي ڌيان سان پڙهيو آهي عنوان ۾ هڪجهڙائي هوندي به مواد ۾ فرق آهي، ڊاڪٽر شڪنتلا فقط فرد ۽ انساني عضون جي جماليات ۽ خاص طور عورت جي حسن ۽ سورمين جي سونهن تائين مقالي جي موضوع کي محدود ڪيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر مهراڻيءَ موضوع جي اکيڙ جماليات جي عالمي نظرين ۽ انسان جي ظاهري ۽ باطني حسن کانپوءِ ڪائناتي حسن تائين ڪيترن نقطن کي بحث هيٺ آڻي لطيف سائينءَ جي فلسفي، فن ۽ فڪر جي ذڪر سان رسالي جي ٽيهن سُرن مان سندس جمالياتي ڪاريگريءَ جي چونڊ بيتن سان بيان ڪندي موضوع جي چٽائي ڪئي آهي، بنيادي طور آئون وري به انهيءَ راءِ جي آهيان ته اسان جي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ لطيف سرڪار جي فن بابت ڪيل پي ايڇ ڊيز جون فهرستون موجود هجن ته جيئن ڪو به مقالو موضوعاتي طور ورجاءُ جي حوالي نه ٿئي،

ڊاڪٽر شير مهراڻي کيرون لهڻي هن پنهنجي تحقيق موضوع سان مڪمل انصاف ڪيو آهي، بيتن جو سٽاءُ سهڻو آهي، سُر ۽ داستان هر بيت جا ڄاڻايل ڏنل آهن، ۽ انهن جي وضاحت وڻندڙ آهي، ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي لطيفي پرک شانائتي شمار ٿيندي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)


 

 

No comments:

راءِ ڏيندا