لاکو مينگهواڙ پيري
ڀارومل امراڻي
لاکي جون ست پيڙهيون
پاڳي رهيون آهن، تن ۾ لاکي جو چاچو انچلو ۽ ڏاڏو تامل گهڻا مشهور رهيا آهن. لاکي ننڍپڻ
۾ مال پويان هلندي خاص طور اوٺيون چاريندي پير اوهاڙڻ شروع ڪيا.
ٿر جي ڳوٺ داديو هاليپوٽا
جو رهواسي ٿر جو هي نامور پيري لاکو مينگهواڙ ڪچهري ڪندي چوي ٿو ته ‘سيم ۾ چور جو
پير پڌرو هوندو آهي، چور چوري جي لاءِ ايندي هوشياري ڪندي، پير لڪائڻ جا جتن ڪندو
آهي، پر هلندي هلندي ڊپ ۾ بيهڪ ڏيئي نهاريندو آهي ته ڪٿي ڪو ايندي ڏسي ته نه رهيو آهي؟
ان ڪري جهنگ ۾ اجنبي پير انهن پارن سان ملندو آهي ته پارکو ماڻهو سمجهي ويندو آهي
ته هي پير ‘خيرو’ نه آهي. چور ڪيتري به لڪائڻ جي ڪوشش ڪري، پر ڪٿي نه ڪٿي نشاني اهڙي
ڇڏي ويندو آهي. جنهن سان پير اوهاڙي هُن تائين پهچبو آهي. چور جي خاندان جو پير ڏسبو
آهي ته به سڃاڻي وٺبو آهي. هڪ ڀيري اسان جي راڄ ۾ چوري ٿي، چور مارواڙ اڪري ويو. هتان
پير کنيو ويو، هڪ هنڌ پير ڏسي ڏاڏو بيهي رهيو، چيائين هي پير چور جي ماءُ جو پير آهي.
پوءِ اهو پير اهاڙي چور جي گهر پهتا.
لاکو چوي ٿو ته ماڻهو
جو پير ٻن قسمن جو هوندو آهي؛ هڪ ونڪو پير، ٻيو سڌو پير. پير جي کڻڻي هر ڪنهن جي پنهنجي
پنهنجي آهي. ڪو پير اندر هڻندو آهي، ڪو ٻاهر رکندو آهي. ڪنهن جي وک ننڍي هوندي آهي
ته ڪنهن جي وڏي هوندي آهي. اٺ جي پير ۾ تاءُ هوندو آهي. گهوڙي جا چار ئي پير سريکا
هوندا آهن. گهوڙيءَ جا پير گهوڙي جي پير کان ننڍا هوندا آهن. اهڙي طرح رڍ، ٻڪري، ڍڳي
۽ گڏھ جو پير الڳ هوندو آهي. انهن جو پير پاڳي سڃاڻي وٺندو آهي. ٿر ۾ اڪثر طور پراڻا
ڌنار پنهنجي چوپائي مال جو پير سڃاڻندا هئا. نوان ڪي ڪي سڃاڻن ٿا.
پيري سان مسئلا ٿيندا
آهن. مون سان به ٿيا آهن. پيري کي انهن مسئلن جي پرواھ نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن
جو پير نٿو ملي ته اڄايو ڪنهن تي الزام نه هڻڻ گهرجي پر جيڪڏهن پير جي سڃاڻپ ٿي وڃي
پوءِ لڪائڻ جي کوٽ نه رکڻ گهرجي. پيري نه صرف پير پر هٿن جي نشانن کي سڃاڻندا آهن،
هڪ ڀيري اسان جي راڄ ۾ ٻڪرن جي چوري ٿي. گاڏي ڀرجي ويئي. پير اهاڙياسين، ڪٿي پير نه
ملي گاڏي ڀرڻ واري جاءِ وٽ چور جي هٿ جو نشان ريٽ تي رهجي ويو. اهو ذهن ۾ رکيو. پڙيون
نهارڻ نڪتاسين. جنهن گاڏي ۾ اسان چڙهياسين ان گاڏي ۾ اتفاق سان چور به چڙهيو، گاڏي
۾ ڪچهري ڪندي منهنجي نگاھ ۾ مسافرن جي هٿن جي ترين تي. جڏهن مون اهو ريٽ تي چٽيل هٿ
جي نشان جهڙو هٿ ڏٺو، ويجهو وڃي ڪن ۾ چور کي چيو ته فلاڻي جاءِ تان ٻڪرا تون ڀري آيو
آهين. منهنجي ڳالھ ڪرڻ تان چور جي منهن جو رنگ بدلجي ويو. پهرين ناراض ٿيو. مون چيو؛
ناراض ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. مون تصديق ڪري ڇڏي آهي. چوري واپس ڪر، پوءِ چوري واپس ٿي.
لاکي سان ويٺا سارو ڏينهن ڪچهري ڪريو، پير اوهاڙڻ ۽ چوري واپس ڪرائڻ جون خبرون نه کٽنديون. ڳوٺ مهڪي جي تڙ ۾ ڪچهري دوران لاکي اسان کي پير اوهاڙڻ جي مشق ڪري ڏيکاري. اسان جي ڪچھري جي ساٿين ڳوٺ جي ريل ۾ تجربي طور پنھنجا پير هنيا آڏا ابتا نمونا ڪيا پر اڳيان تامل جو پوٽو لاکو ھو جنهن پڌرا ڪندي دير نه ڪئي سڀ پير پڌرا ڪري ڏنا.
No comments:
راءِ ڏيندا