; سنڌي شخصيتون: ممتاز مھر

27 June, 2022

ممتاز مھر

ممتاز مهر

پنهنجي عهد جو استعارو

نصير سومرو



”لوڪ ادب“ وانگر ”لوڪ ڌرم“ جو اصطلاح پڻ استعمال ٿيندو آيو آهي. لوڪ ڌرم جو مشهور اصطلاح پيگونزم آهي. دنيا جا وڏا ڌرم اڃا وجود ۾ نه آيا هئا ته لوڪ ڌرم جي رواجن جو سڪو چالو هو. پيگون،  جيڪي ڪنهن معلوم مافوق الفطرت قوت کي نه مڃيندڙ هئا،  بت پرست ليکبا هئا،  ڄم،  وهانءَ ۽ تدفين جون رسمون ديومالائي (آسماني/ فلڪياتي) داستانن جي تابع هيون. ڏينهن مهينن ۽ خاص تهوارن جا نالا ماروائي معاملات سان منسوب هئا. وچين دور ۾ مذهبن يعني تهذيب جي نالي ۾ انقلاب آيا. نوان نوان اصول ۽ فلسفا جنم وٺندا ويا. تهذيبون پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جي سبب ننڍيون/ وڏيون جنگيون لڳيون ۽ ان طرح سان ڇڪتاڻ ۽ متضاد عقيدن،  فلسفن ۽ مفادن جي آمهون سامهون اچڻ سان چٽا ڀيٽي جي شروعات ٿي. بدلجندڙ حالتن ۾ جن قومن پنهنجو پاڻ کي سلهاڙيو آهي اُنهن اڳواڻي ۽ راڄ ڌاني جي حيثيت ۾ پٺتي رهجي ويل لوڪن مٿان پنهنجي برتري قائم ڪري ورتي. موهن جي دڙي جي ريتن رسمن ۽ ٻوليءَ کي فلسفه حيات طور برقرار رکندڙ ٿري ڀيل اوڏ ۽ ڪولهي وغيره اڄ به ترقي يافته رهڻي ڪهڻي اختيار ڪرڻ بدران پاڻ کي روايت سان جوڙي رکيو آهي.


وڏا واقعا جنم وٺندا آهن ته انهن جا نتيجا به وڏي درجي وارا پڌرا ٿيندا آهن. قدرتي آفتون يعني فطرت جو جبر هجي يا تاريخ جو جبر،  قومن جي گڏيل ويساھ ۽ رواج ۾ ڦيرو اچي ويندو آهي. ستين ۽ اٺين صديءَ ۾ عرب سنڌ ۾ حملي آور آيا. وڏي تعداد ۾ هندو ۽ ٻڌي لوڪ مسلمان ٿي ويا. سن ۱۸۴۳ع ۾ انگريز آيا ۽ سنڌ فتح ڪيائون.

هي صحيح معنيٰ ۾ نئون دور شمار ٿيڻ لڳو. عربي،  فارسي ۽ مڪاني/مادري ٻولين سان گڏوگڏ،  انگريزيءَ ۾ تعليمي سرشتو رائج ٿيو،  انگريزن پنهنجي راڄ کي مڪاني لوڪن سان ملي هتان جي ٻولي ۽ ثقافت جي فطرتي گهرجن آهر مضبوط ڪيو. انگريزي سان گڏ،  سنڌ کي دفتري ٻولي جو درجو ڏنو. انگريزي مان سنڌي ۽ سنڌي مان انگريزي ۾ ادب ۽ آرٽ ترجمو ٿي هڪٻئي ۾ ضم ٿيڻ جا هاڪاري تجربا ٿيڻ لڳا. سن ۱۹۴۷ع ۾ گڏيل هندستان جو ورهاڱو ٿئي ٿو. ڪو طئي ٿيل ڪو نه هو ته لڏ پلاڻ ٿيندي ۽ اوپري وايو منڊل ۾ پنهنجي مرضي ۽ اختيار وڃائڻو پوندو. سنڌ ۾ هندستان کان لکن جي تعداد ۾ اردو ڳالهائڻ وارا آيا ۽ سنڌي هندو لکن جي تعداد ۾ سنڌ مان ڀارت لڏي ويا. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ استاد ۽ شاگرد بنا مذهبي متڀيد جي سرشتي جي جاءِ مڙهيل لوڪن والاري ،  پڙهيل هندو طبقو شهرن مان تڙجي نڪرڻ سان هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. اهو سربستو احوال هند سنڌ جي ٻنهي پاسي سنڌي ادب ۾ قلمبند ٿيل ملي ٿو. ٻين اديبن سان گڏ،  جن ورهاڱي جو ناڪاري اثر پنهنجن ڪهاڻين،  ڪالمن ۽ تنقيدي مضمونن ۾ سموهيو،  تن مان هڪ سگهارو نانءُ ممتاز مهر جو آهي. پرائمري کان يونيورسٽي جي سطح تائي تعليم پرائڻ جا موقعا کيس مليا.

ممتاز مهر سکر ۾ پوليس عملدارن محمد سلمان مهر جي گهر  ۾ ۹ مارچ ۱۹۴۲ع تي جنم ورتو،  ڪراچي يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ماسٽرس سن ۱۹۶۶ع ۾ ڪئي. ڇپيل ڪتابن ۾ ”زندگي جو وهڪرو“ ڪهاڻيون (۱۹۷۷ ”ويچار“ ادبي تنقيد (۱۹۸۰ ”سنڌي ڪهاڻي جي اوسر“ (تنقيدي جائزو/۱۹۸۳ع) ۽ ”جڏهن مان چوهٺ جو هوندس“ ڪهاڻيون (۲۰۱۰ع)،  گڏ ڪيترائي مضمون ۽ ڪهاڻيون مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل اٿس،  اهي ترتيب ڏيئي ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائجن ته هوند ڪتابن جي ڳاڻاٽي ۾ خاطر خواھ واڌارو ٿي پئي. پر جنهن پد جو هو ليکڪ آهي،  سندس ادبي پورهئي جي ڪٿ ڳاڻاٽي واري نه پر معيار واري ڪرڻ ساڻس انصاف ٿيندو.

هند سنڌ ۾ روشن خياليءَ ۽ ترقيءَ پسنديءَ پنهنجو اثر ڏيکاريو هڪ دور جي تاريخ جوڙي ورتي پر اهو رواج وانگر قومي سوال تي لباس ٻاهران هڪ ۽ اندر (اصل) ٻيو يعني تڪراري ۽ متضاد پئي رهيو آهي. ان ڪري جن پنهنجي تر ۾ سوشلسٽ ۽ انساني حقن جي پاسداري جي نالي ۾ هلچل هلائي ۽ بعد ۾ دڳ بنهه ابتڙ اختيار ڪيو،  پنهنجي شخصيت متنازعه بڻائي ڇڏي. ۲۱ فيبروري ۲۰۱۵ع تي ڪراچي يونيورستيءَ اندر سنڌي شعبي طرفان ”پاڪستاني ٻوليون ۽ پوسٽ ماڊرنزم“ جي سري هيٺ ڪوٺايل سيمينار ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل خطاب ڪندي،  تاج بلوچ کي پنهنجي دور جو بنهه تڪراري شخص سڏيو. هي ڀاپ موصوف جي همعصر اديبن ۽ شاعرن سان پڻ لاڳو ٿئي ٿي. انهن مان هڪ ممتاز مهر آهي،  جنهن سوشلسٽ خيالن جي پالوٽ پنهجين لکڻين ۾ ڪئي آهي،  سندس موقف ”پر“ سان سلهاڙيل هجڻ ڪري مڪل طور هڪ طرفو ڪونهي،  شايد (اڌ پڪ سان) چئي سگهجي ته هن جي شخصيت،  سياسي وابستگي ۽ ڪردار جا ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل پاسا نيم جاگيرداراڻي ۽ نيم سرمائيدراڻي حالتن وانگر ورهايل (حالت ۾) آهن.

”ويچار“ ۾ ويچار هن ريت ونڊيا اٿائين هر ٻولي جي ادب ۾ رومانس هڪ بنيادي موضوع رهيو آهي،  ڇو ته پيار ۽ محبت انسان جو بنيادي فطري جذبو آهي،  سنڌ جي مخصوص جاگيرداراڻي ۽ نيم سرمائيدارڻي سماج ۾ پيار ۽ محبت طبقاتي خانن ۾ ورهائجي ويو آهي. حقيقي زندگي ۾ اڻ پرڻيل نوجوان مرد ۽ عورت جي باهمي پيار ۽ محبت کي وڏو گناھ ۽ ڏوھ سمجهيو ويندو آهي،  جنهن لاءِ ٻنهي کي (خاص طور عورت کي) خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا آهن ...“

لوڪ ادب ۽ جديد ادب جي وچ ۾ وڏي وٿي آهي. ضم ٿيڻ ۽ ڊگهو عرصو درڪار آهي جو تبديل جي رفتار نهايت سست آهي. سماج اندر عورتن جي حصيداري جيتري ٻاهران آيل قومن جي لوڪن جي آهي تيتري ڪانهي. سماجي اوسر يا ته آسمان کي ڇهندڙ آهي يا بنهه پاتال ۾ هڪڪرائي ۾ ڳوٺاڻو آهي يا بنهه پاتال ۾ جٽاندار حالت ۾ ٿيڻ سان ئي اوپرائپ ۽ ويڳاڻپ مان  ڇوٽڪاري جو امڪان ڪري سگهنداسين. جديديت، يا ترقي پسندي اختياري به ڪئي وئي ته رومانس طور،  جڏهن ته حقيقي تبديلي لاءِ فرد ۽ گهر،  گهر ۽ سماج ۾ مشترڪ ۽ چٽائي گهربل هوندي آهي. ممتاز مهر جي ادبي لکڻين ۾ فڪر جي چٽائي ۽ اظهار جي چٽائي بجا طور موجود آهي.

منجهه وديا جي اصول تحت هڪ انسان ۾ ڪيترائي اندر واري انسان جا چهرا هوندا آهن،  زماني مڪاني حالتن موجب گهربل چهرو آڏو ايندو آهي. تضاد جو پهلو ڪو ناڪاري ڪونهي،  البت انسان جي اوسر جو عڪس آهي ۽ انسان ڪو پٿر ڪونهي جو حالتن جي بدلجندڙ گهرجن پٽاندڙ بدلجڻ بدران بت بڻيو رهي. شروع کان ٿيل پورهيو ڳڻپ ۾ ايندو. افسانا،  سائنسي ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ تي مبني مضمون نگاريءَ جي ڇاپ ۽ ساک ڪمائڻ ۾ ممتاز مهر سوڀارو ٿيوآهي. رڳو لکڻ ۾ ڪجهه به لکي سگهجي ٿو،  پڙهڻ ۾ ڪجهه به پڙهي سگهجي ٿو،  پر فطرت طرفان وديت ڪيل چونڊ جي صلاحيت هيٺ ممتاز ارادتن قلم کڻي ٿو ۽ واقعي ان جو حق ادا ڪري ٿو. نيم جاگيرداراڻي ۽ نيم سرمائيداراڻي دور ۾ اڌ سچ ته هلي وڃي ٿو پر سو سيڪڙو سچ هضم نه ٿو ٿئي. ٻي صورت ۾ آنءُ ۽ ڪانءُ واري حالت پاڻ کي پڻ ڪانه وڻندي آهي.

ممتاز مهر جا همعصر،  سکر جي تر جا،  يا ساکرو ادبي سڃاڻپ سان گڏ سياسي ڇاپ پڻ رکندڙ آهن. سياسي وفاداري ۽ وابستگي لڪندي ڪانهي. انهن جي حصي ۾ برعڪس اثر جو اثر ايترو گهڻو آيو،  جو انهن جو ادبي پورهيو مڃتا ماڻي نه سگهيو،  هن کي ته يونيورسٽين ۾ گهرائي کانئُس پروگرامن جي صدارت ڪرائي وڃي ۽ ليڪچر ڪرايا وڃن،  ممتاز مهر اسڪالر آهي. اسڪالر تحقيقي معاملن ۾ ڪن سوالن جا جواب ڏيندو آهي ۽ ڪي نوان سوال اٿاري ڏانهن لوڪ جو ڌيان ڇڪائيندو آهي.

شخصيت جي تڪميل جو دانشوراڻو طريقو اهو آهي ته نظريو ۽ شخصي ڪردار ٻئي ضم ٿي پاڻ ۾ هڪ آهنگ ۾ اچي وڃن. تنهن جو دڳ نفيءَ کان اثبات ڏانهن وڌڻ وارو آهي آخر ۾ نفي جي نفي هڻي هنڌ ڪرڻ آهي. اهو مرتبو وري وجدان جاڳڻ سان پلئي پوندو آهي. ملامتن جا طوق ڳچيءَ ۾ زيور بڻبا آهن،  ناپسندگي جو سامنو ڪرڻو پوندو آهي،  مراعتن ۽ القابن (مڃتا) کان محروم رهڻو پوندو آهي. بت ۾ هيڻو اسڪالر پنهنجي دور سان جنگ جوٽڻ جو ساهس رکندو آهي،  پر جڏهن پاڻ  چاهي،  حالتن جي اطمينان بخش نه هجڻ جي باوجود ممتاز مهر پان کي مطمئن رکيو آهي. ٻين لفظن ۾ وجدان کي جلال ۾ پڌري ڪرڻ بدران جمال جي حالت ۾ رهڻ تي قناعت ڪئي اٿائين. ممتاز مهر پنهنجي عهد جو استعارو آهي،  لقاءَ علامتن ۽ استعارن جي ڀيٽ سان سڃاتا وينداآهن. زندگي جا ٽيهتر بهار ڏسڻ ۽ استعاري جي مرتبت تي پهچڻ تي ممتاز مهرکي جنم ڏڻ جون واڌايون،  شال هن جي حياتيءَ ۾ وڌيڪ نو مارچ اچن صحت،  سرت ۽ ساڃاھ سان ساڻ ساڻ.


 

ممتاز مھر

سنڌ جو ناميارو اديب ۽ نقاد - ۸۰ ھين سالگرھ تي، کيس جنم ڏينهن جي مبارڪ

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن مان سکر ۾ گورنمينٽ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ته ادبي کيتر جا رسالا "مهراڻ "، "روح رهاڻ " ۽ "نئين زندگي "باقاعدي پڙهندو هوس، سکر ۾ ان وقت گهنٽا گهر وٽ حسيني بوڪ ڊپو هڪ اهڙو ڪتابي مرڪز جتان سنڌي جا ڪتاب خريد ڪبا هئا. " نواء انقلاب" اخبار جو ٻارن جو صفحو ايڊٽ ڪرڻ وقت اخبار جو مئنيجر آنجهاني هولا رام ۽ اخبار جي ايڊيٽر انعام الرحمان سان عليڪ سليڪ ٿيندي هئي. اتي ئي مرحوم رشيد ڀٽي، مقبول صديقي ۽ خواجا سليم منهنجي ادبي صلاحيت کي پرکڻ لاءِ منهنجي وت کان وڏا سوال ڪندا هئا. اتي ئي کاٻي ڌر جي دانشور ۽ پوءِ بيوروڪريٽ مرحوم نبي بخش کوسي سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي ۽ مرحوم ارشاد عباسي (تنوير عباسي جو ننڍو ڀاء) به لھ وچڙ ۾ آيو. نبي بخش کوسو، ممتاز مهر جو پيو ذڪر ڪندو هو، هيو ته سکر جو پر مون سان ملاقات ٿي نه سگهي. ممتاز مهر بنيادي طور تي مارڪسسٽ آهي، سندس انگريزي ڪتابن جي مطالعي کيس دنيا جي ادب سان روشناس ڪرايو، کيس ادبي ميدان م هڪ نقاد جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو.

 ______________________________

هاڻي وري سين بدلجي ٿو مان نظرياتي طور بدلجي سيد مودودي رح جي برپا ڪيل تحريڪ سان وابسته ٿي وڃان ٿو، شاگردي جي زماني ۾ اسلامي جمعيّت طلبه سان منسلڪ ٿي هر محاذ تي کاٻي ڌر جي سامهون ٿيان ٿو. ان وقت جي "شاگرد" رسالي کي جن پڙهيو هوندو، ان ۾ ڪميونزم جي خلاف منهنجا مضمون۽ اداريه ان ڳالھ جي شاهدي ڏيندا. انهيءَ ئي دور ۾ سکر مان "جهان نو" به ڪيترائي فڪري اديب پيدا ڪيا. ان دور ۾ کاٻي ڌر جي دوستن ۾ ارباب سنڌي، زاهد مخدوم مون کي ويجها رهيا. اهو زمانو مطالعي جو دور هو. هڪ ٻئي لاءِ نظرياتي مخالف هجڻ جي باوجود عزت احترام ۾ ڪو فرق نه ايندو هو.

 __________________________

روس جي ٽٽڻ بعد ڪميونسٽ ڪيمپ ۾ ماٺار اچڻ ۽ سرگرم کاٻي ڌر جي اديبن ۽ دانشورن ۾ هڪ ياسيت اچي وئي. ڪيترن ئي وڃي صوفي فڪر جي آڙ ۾ وڃڻ کي عافيت سمجهي. انهن مان هڪ منهنجو دوست ممتاز مهر به آهي، جنهن وڃي بقول دوستن جي محمد موسيٰ ڀٽو جي صحبت اختيار ڪئي (اهو زمانو جڏهن شيخ اياز به فڪري طور روحانيت ڏانهن روان ٿيو)

 ___________________________

سال ۱۹۸۲، ۱۹۸۴، ۱۹۸۶، ۱۹۸۸ع ڌاران ڇهن ڇهن مهينن لاءِ منهنجي ڪراچي پوسٽنگ رهي. ان کان پوءِ وري ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۸ع تائين ۽ آخر م وري ۲۰۰۶ع کان رٽائرڊ ٿيڻ تائين يعني ۲۰۱۰ع تائين ڪراچي ۾ ئي رهيس. ۲۰۰۷ع کان ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ئي فليٽ خريد ڪري ڇڏيو.

 ________-_____________________

بس پوءِ ته موجون ئي موجون، هر آچر تي گهڻو ڪري مرحوم جاويد کهڙو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پراڻو شاگرد مون کان سينيئر ڊاڪٽر عاشق بدوي مرحوم ۽ انجنيئر عبدالحسين موسوي اچي ريگل چوڪ تي ڪٺا ٿيندا هياسون. هر هڪ غواصن وانگر ٽٻي هڻي ماڻڪ، موتي ميڙيندو هو. ڪڏھن ڪڏھن ٿر جو اشرف آزاد ۽ ڄامشوري جا دوست آزاد قاضي به اچي رسندو هو. ان کان علاوه ٻه آڙيڪاپ پراڻن ڪتابن جي اچڻ کان اڳ ئي فوٽ پاٿ تي ويٺا هوندا هئا. انهن مان هڪ آهي منهنجو دوست مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس سنڌي ڪنڊيارو وارو، ٻيو هو مرحوم ڊاڪٽر يوسف ميمڻ ميرپور خاص وارو (جنهن جي لائبريري ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪتاب هئا)، مرحوم ته ڇنڇر ڏينهن ڪار ۾ ميرپورخاص مان هلندو هو ۽ ڪتابن واري گهٽيءَ ۾ ئي هوٽل جو ڪمرو وٺي اڳواٽ ئي رهندو هو.

 ____________________________

هي ئي اها بازار آهي جتي مان هر آچر تي هڪ انگريزي انداز وارو ٽوئرسٽ نما شخص ڳچيءَ ۾ خاڪي ٿيلهو هميشه پينٽ شرٽ ۽ اونهاري ۾ ڪڏهن مائو ٽائپ ٽوپي يا وري ڪائو بواء هئٽ پاتل، گهڻو ڪري فلسفي، آرٽ، جڳ مشهور ناول ۽ تنقيد تي انگريزي ڪتابن تي لامارا. پوءِ هڪ ڏينهن مرحوم ڊاڪٽر عاشق بدوي ساڻس تعارف ڪرايو. چي هي آهي سائين ممتاز مهر، بس پوءِ اهو ڏينهن اهو شينھن اسان جي پاڻ ۾ گهرائپ وڌي.

 ____________-______________________

ممتاز مهر هڪ معصوم ٻار وانگر مسڪراهٽ آڻي من موهيندو آهي. ڪتابن جي خريداري کان پوءِ ڀرسان چارلي هيئر ڊريسر جي ڀر ۾ ايراني هوٽل تي چانھ پاڻي، سگريٽ وغيره پيئڻ ۽ ورتل ڪتابن جو جائزو وٺڻ ۽ ادب کان وٺي نظرياتي تحريڪن تي خيالن جي ڏي وٺ هوندي هئي. مون کي محسوس ٿيو ته ممتاز اتي ئي بيٺل هو، ڪا به کيس پشيماني ڪانه هيس. دل جو ڪونئرو ڪڏهن مون سان ٺهي ته وري اچي جماعت اسلامي تي باهوڙ..

 ______________________________

هڪ ڏينهن موڊ ۾ هيو پڇيو مانس ڏي خبر ڪڏهن الله کي محسوس ڪيئه، کلي وراڻيائين ته ضياء جي زماني ۾ اسي جي ڏهاڪي ۾ بوهري بازار ۾ جيڪو بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون، ان وقت مان صدر ۾ بس تان لهي بوهري بازار جو رستو ڇڏي جيڪو عموماً استعمال ڪندو آهيان بي پاسي کان ريگل چوڪ آيم. هڪ پلڪ جي دير هئي، چي مان سوچ ۾ پئجي ويس ته اها سوچ ڪنهن وڌي، ان ڏينهن محسوس ٿيو بچائڻ وارو ئي الله آهي.

ممتاز مهر کي جيڪڏهن ڪي اهڙا دوست هجن ها ته کيس هن مهل تائين ساڻس ڪيتريون ئي شامون ملهايون وڃن ها.

 سندس پهرين ڪهاڻي" زندگي جو وهڪرو" ۱۹۷۷ع

"ويچار" تنقيدي مضمون ۱۹۸۰ع ۽ ۲۰۱۳ع

"منزل" ڪهاڻي ۱۹۸۳ع

"سنڌي ڪهاڻي جي اوسر جو تنقيدي جائزو" ۱۹۸۳ع

"جڏهن آئون چوهٽ جو هوندس" رومانوي ڪهاڻين جو مجموعو

"رولاڪ جي ڊائري " "راڪ منزل" فطرت جي حسن تي آهي. هنن ڪهاڻين کي مان بولڊ ڪهاڻيون چوندس.

ان کان علاوه هن عوامي آواز اخبار جي مئگزين ۾ "ڀلي نه بيهجي بازار ۾" آتم ڪٿا قسطن ۾ ڇپي. انتهائي دلچسپ آهي. سکر جي ڀٽا رود تي مڪراني ڪراڙي جي اوجهري، ڳوٺن ۾ قرباني جي گوشت ۽ شهر ۾ قرباني جي گوشت جي وڍڪٽ. بيو به گهڻو ڪجھ.

ممتاز مهر ۹ مارچ ۱۹۴۲ع ۾ پيدا ٿيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر ۾ ۱۹۵۳ع ۾ داخل ٿيو، وري ڪراچي يونيورسٽي مان ۱۹۶۶ع ۾ ايم اي فلاسافي ۾ ڪيائين. ڪيترن ئي انگريزي اخبارن جو نمائندو رهيو. صحافي به لاجواب. سندس سنڌين جيئري قدر نه ڪيو. مان سندس فن ۽ فڪر جو معترف رهيو آهيان.

هن وقت سندس عمر ۸۰ سال آهي. رب پاڪ کيس صحت سلامتي عطا فرمائي کيس عمر دراز فرمائي آمين.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ مارچ ۲۰۲۲ رکيل/ کنيل)



ممتاز مهر

سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ نقاد کي جنم ڏينهن مبارڪ

رکيل مورائي

اڄ سنڌ جي ان اڻاسي سالن جي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ نقاد جو جنم ڏينهن آهي، جنهن سنڌي تنقيد کي هڪ نهايت اعليٰ نموني واري آبرو بخشي آهي. سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ پنهنجي جاءِ تي پر سنڌي ادب ۾ جيترو به تنقيد جو حصو شامل آهي، ان جو اول ۽ آخر هڪ اهم حوالو اسان جو هيءَ نقاد آهي، جنهن کي پڙهي، سنڌ ۾ تنقيد تي ڪجھ اعتبار اچڻ لڳندو آهي ۽ اها سُڌ پوندي آهي ته تنقيد چئبو ڇا کي آهي. ٻيءَ طرح گذريل ٽيهارو کن سالن ۾ سنڌ ادب ۾ تنقيد جي نالي ۾ جيڪا زيادتي ٿي آهي، ان تنقيد لفظ جي معنيٰ مخالفت يا دشمنيءَ جي آس پاس واري لفظ جي معنيٰ لفظ واري ڏني آهي.

ڪيئن به مون اڳ به ڪٿي لکيو آهي ۽ هاڻ به ورجايان ٿو ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي حوالي ۾ منهنجو ذهن فقط ٻن اديبن ۽ نقادن کي قبول ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ انهن ۾ هڪ نالو ٻيو وڌيو آهي، مٿيان ٻه نالا آهن، هند ۾ پروفيسر هيرو شِيوڪاڻي ۽ سنڌ ۾ ممتاز مهر، پوئين نسل ۾ اڪبر لغاريءَ جو نالو اچي ٿو، پڪ سان ٻين پڙهندڙ جي سوچ ۽ چونڊ ٻي ٿي سگهي ٿي.

ڪيئن به ممتاز مهر جي اول ۽ آخر سڃاڻپ هڪ جديد ڪهاڻيڪار واري آهي، جنهن سنڌي ادب کي جيڪي به ڪهاڻيون ڏنيون، اهي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهن، نئين سنڌي ڪهانيءَ جي اوسر ۾ ۽ ان کي سگهارو ڪرن وارن لکندڙن ۾ ممتاز مهر جو نالو پهرين نالن ۾ شمار آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.

جيتوڻيڪ هو سنڌي ادب کي نئون ناول به ڏئي سگهيو پئي پر هو تخليقي ڪم بجاءِ تنقيدي ڪم ڏانهن آيو. هن پنهنجي تنقيدي لکيڪن سان نه فقط سنڌ ۾ پنهنجي همعصرن ۽ همعمرن کي متاثر ڪيو. پر هند جي ذهين تخليقڪارن ۽ تنقيد نگارن ۾ اهم ليکجڻ لڳو، جنهن جو ذڪر ستر ۽ اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ هند ۾ لکي ويندڙ نئين تنقيد جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڙهي سگهجي ٿو.

هن جي حوالي ۾ مون کي ٻه واقعا ته ياد آهن، پهريون ڀيرو سنڌ ۾ اچڻ وقت سنڌي ٻولي جي اعليٰ نقاد پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ فقط ممتاز مهر سان ملڻ جي خواهش ڪئي هئي. ساڳي طرح لکمي کلاڻيءَ به مون سان اهڙو ئي اظهار ڪيو هئو ۽ پوءِ مهنجو دوست ابڙو ۽ ممتاز مهر ساڻس مليا هئا.

ايئن سنڌ ۾ به هُن سنڌ جي نئين ادب ۾ پنهنجو هڪ نرالو اسٿان ٺاهيو. اهڙي مڃتا سندس همعصر رکندڙ به کيس ڏيندا رهيا آهن، جن مان گهڻا ته هاڻ تخليقي ڪم کان پري هليا ويا آهن، ۽ ڪي هن دنيا کان ئي پري هليا ويا آهن پر ممتاز مهر اڄ جي تاريخ تائين نه رڳو تخليقي ڪم ڪري رهيو آهي پر تنقيدي ليک به ڪڏهن ڪڏهن لکي سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو انهيءَ ئي آبروءَ سان روشن رکيون اچي.

ممتاز مهر سنڌي ڪهاڻيءَ توڻي تنقيد ۾ اهڙو نالو آهي، جنهن جو هڪ پاسي تخليقي ادب شاهدي ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي تنقيدي ادب اهڙي مڃتا قبولي بيٺو آهي.

اڄ تائين ايندي جيتوڻيڪ تنقيد جا معيار بدليا آهن پر اڄ به “ويچار” ۽ “سنڌي ڪهاڻي جي اوسر” نالي سندس ڇپيل ڪتاب تنقيدي معيار جا ضامن آهن ۽ اڄ به تنقيد تي اعتماد ڏيارين ٿا ته سنڌيءَ ۾ ڪڏهن تنقيد جي نالي ۾ به ڪجھ لکيو ويندو هئو، جنهن لاءِ اڄ سنڌي ادب سڪي رهيو آهي.

جيتوڻيڪ ممتاز مهر اڄ به پنهنجي سموري تخليقي توڻي تنقيدي تازگيءَ سان موجود آهي. اسان جي ادارن جي بدنصيبي هيءَ آهي، انهن اهڙن ماڻهن کان ڪو مناسب ڪم نه ورتو آهي، ڇاڪاڻ تگ ادارن ۾ پاسخاطرين جي هجڻ سبب سنڌي ادب ۾ تنقيدي حوالي سان ڪو فخر جوڳو ڪم نه ٿيو آهي، جنهن ڪري اسان جو اڄوڪو ادب تنقيدي نظرن مان نه گذريو آهي، جنهن ڪري پڪ سان اهو پنهنجي اعليٰ معيار ڏانهن نه وڃي. اعليٰ معيار کان پري ٿيندو پيو وڃي، خاص ڪري سنڌي شاعريءَ کي ته تنقيد جي گهڻي گهرج آهي، جيڪا جيئن جو تيئن موجود آهي، ان سلسلي ۾ ممتاز مهر صاحبجو ڪيترو ئي تنقيدي ڪم رهيل آهي، جنهن کي ادارن پاران ڇپائڻ گهرجي، خاص طور سنڌي ادبي بورڊ کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌي ادب کي اڄ تنقيد جي گهڻي گهرج آهي ۽ ممتاز مهر به موجود آهي.

اڄ ممتاز مهر جوجنم ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن تي هڪ ساکرو اديب ۽ نقاد ممتاز مهر کي جنم ڏينهن جون واڌايون، ان اميد سان ته هو پنهنجي زندگيءَ جا هاڻوڪا ڏينهن به سنڌي ادب ۾ خاص طور سنڌي تنقيد کي ڏيئي، ان جو معيار اعليٰ ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائيندو.


 

ممتاز مهر

سنڌي ادب ۾ تنقيد جو مرتبو وڌائيندڙ

رکيل مورائي

هڪ سنجيده ڪهاڻيڪار، ذهين نقاد، غير جذباتي ليکڪ ۽ ويچارڪ ان جو نالو ممتاز مهر صاحب آهي. سندس ويچار شڪتيءَ جو ثمر ڪتاب ”ويچار“ جيڪو تنقيدي سنڌي ادب ۾ اڪيلو آهي.

مون کي گمان نه پر يقين آهي ته ادب ۾ ترقي پسندي، رومانس پسندي، جدت پسندي ۽ پوءِ جدتي ادبي ڌارائن جي بنيادي ڄاڻ آهي، جن اديبن وٽ آهي ۽ ادب جو تنقيدي شعور پڻ، ممتاز مهر صاحب صاحب ان نسل جي آخري ليکڪن مان هڪ آهي، اهو سندس ادب تي لکڻ ٻڌائيندو آهي، ساڳئي وقت سندس ادب تي ڳالهائڻ پڻ! جيتوڻيڪ هو چڱي عرصي کان ڪجهه تخليقي توڻي تنقيدي لکڻ کان ڪنارو ڪيل آهي، تڏهن به سندس لکڻي جڏهن ڇپجي ايندي آهي ته گهڻو سوچرائيندي آهي. پر هو پڙهڻ کان پري ٿيو آهي، اهو قبولي نه سگهبو ڇو ته هو لڳاتار عالمي ادب باريڪيءَ سان پڙهندڙ آهي، اهڙا لکندڙ ۽ پڙهندڙ سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن.

 جيئن ڪالهه جديد ادب ۾ جيڪي ڪميون ليکيون ويون هيون اهي اڄوڪي جدت پوءِ جي ادب جون خوبيون يا خاصيتون بيان ٿي رهيون آهن ۽ چوڻ وارن جو زور نماءَ تي وڌيڪ ۽ مصنوعيت کان آجائيءَ يا نج پڻي تي گهٽ آهي، ان سڀ ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جي ۽ سماج جي ڪٿ ۽ حالتون غير موجود آهن بلڪل ائين جيئن هوا ۾ اڏامندڙ گئس سان ڀريل ڦوڪڻو.

سنڌي ادب ۾ ممتاز مهر صاحب جي ڪهاڻي توڻي تنقيد ان سڀ کان الڳ به آهي ته نج به، هن جي ڪهاڻي توڻي تنقيد ۾ عالمي تنقيدي اصولن سان گڏ مقانيت جا سڀ ادبي اصول محفوظ آهن جنهن ڪري هو ادب ۾ هلڪو نه بڻيو آهي، ٻئي طرف سنڌي ادب ۾ مقانيت رکندڙ تنقيد ممهتاز مهر جي تنقيد کان ڪجهه اڳتي وڌي آهي ۽ اها ايڪيهين صديءَ جي سنڌي تنقيد جو پوراءُ ڪري رهي آهي اهڙو ڪجهه سمجهڻ نه سمجهڻ برابر آهي يا وڏي سَڌَ سانڍڻ برابر آهي، ادب ۾ ان جي ضرورت گهٽ آهي.

ممتاز مهر صاحب تنقيد ۾ شخصي ڪڏهن نه بڻيو آهي، جڏهن ته اڄ جي تنقيد شخصي اظهار کان نڪري تخليقي توڻي مقاني بڻي آهي، اهو چوڻ گهڻو ڏکيو آهي ۽ ممتاز مهر صاحب سنڌي تنقيد کي جتي ڇڏيو هئو اها اتي ئي بيٺل آهي، ان کان ٻاهر حوال آهن، ادب تي سياسي تنقيد الڳ آهي جيڪا تخليقي تنقيد طرف وڌڻ گهرجي ها جيڪا اميد اڄ تائين اميد ئي رهيل آهي.

دنيا جو ادب گهڻو اڳتي اچي ويو آهي، جنهن ۾ تڪڙين سماجي تبديلين ۽ ڪميونيڪيشن تيز ٿيڻ جو عمل دخل پڻ آهي.

سنڌي ادب ۾ ممتاز مهر تخيلق توڻي تنقيد ۾ پاسخاطري ڪندڙ رهيو هجي، اهو گهٽ ئي ٿيو آهي، اڄ جڏهن تنقيد جي نالي ۾ پاسخاطريءَ جو راڄ آهي، اهڙي ماحول ۾ ممتاز مهر صاحب جهڙا ليکڪ ان سڀ کان پاسيرا آهن، اها کوٽ ادب ۾ ته رهڻي آهي، پر شخصي توازن ۾ شايد اها مايوسي آهي.

سنڌي ادب ۾ ممتاز مهر تخيلقي توڻي تنقيدي عمل ۾ ته موجود آهي، پر هو اڄ جي ادب ۾ شخصي نماءَ توڻي شور کان گهڻو پري بيٺل آهي، اها سندس هڪ سچيت ۽ سنجيده هجڻ جي اهم سڃاڻپ آهي. حيرت ڏيندڙ ڳالهه اها به آهي ته ڪن کي ممتاز مهر جي خاموشي به کُکي رهي آهي ادب ۽ تنقيد ۾ اهم ۽ غير اهم هجڻ جو سنڌو ميسارجي رهيو آهي، جيڪو پڪ سان سنڌي ادب جو الميو ئي ڳڻي سگهجي ٿو. اڄ جي حالتن ۾ ممتاز مهر صاحب جو بنهه ٿورو لکڻ به سنڌي ادب لاءِ گهڻو آهي. جڏهن گهڻا پنا لکندڙ ادب کي ٿورو به نه ڏيئي رهيا آهن اهڙين حالتن ۾ سنڌي ادب جو آئيندو روشن سمجهڻ وارا پنهنجي پر ۾ خوش آهن، ممتاز مهر اهڙي ادب جي اڻ هوند واري ۽ نمائشي ماحول مان پراُميد نه آهي هو ٺيڪ ئي سوچي رهيو آهي. خوشفهميون سانڍڻ کان ڪيئي ڀيرا بهتر آهي سچ جي ويجهو هجڻ! اهو سچُ جيڪو وقتي طور ڀل مايوس ڪندڙ ڇو نه هجي.

ممتاز مهر هڪ نقاد طور سنڌي تنقيد مان مايوس آهي، اهو هُن جو بنيادي حق سمجهڻ گهرجي هو سنڌي ادب ۾ تنقيد جو مرتبو وڌائيندڙ آهي ۽ تخيلق ۾ هڪ مضبوط ڪهاڻيڪار طور ڪنهن به ادبي پاسخاطريءَ کان سواءِ، هڪ قد آور ليکڪ طور موجود آهي، سنڌي ادب لاءِ اها اعزاز کان گهٽ ڳالهه نه آهي. سنڌي ادب ۾ سندس موجودگي گهڻن کان گهڻي آهي، وزندار آهي ۽ اٿينٽڪ آهي. سنڌي ادب کي سندس جنم جا ٽياسي سال مبارڪ هجن ۽ بس.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي آنلائن ڪاوش ميگزين ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا