; سنڌي شخصيتون: نصير سومرو، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، رکيل مورائي،
Showing posts with label نصير سومرو، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، رکيل مورائي،. Show all posts
Showing posts with label نصير سومرو، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، رکيل مورائي،. Show all posts

27 June, 2022

ممتاز مھر

ممتاز مهر

پنهنجي عهد جو استعارو

نصير سومرو



”لوڪ ادب“ وانگر ”لوڪ ڌرم“ جو اصطلاح پڻ استعمال ٿيندو آيو آهي. لوڪ ڌرم جو مشهور اصطلاح پيگونزم آهي. دنيا جا وڏا ڌرم اڃا وجود ۾ نه آيا هئا ته لوڪ ڌرم جي رواجن جو سڪو چالو هو. پيگون،  جيڪي ڪنهن معلوم مافوق الفطرت قوت کي نه مڃيندڙ هئا،  بت پرست ليکبا هئا،  ڄم،  وهانءَ ۽ تدفين جون رسمون ديومالائي (آسماني/ فلڪياتي) داستانن جي تابع هيون. ڏينهن مهينن ۽ خاص تهوارن جا نالا ماروائي معاملات سان منسوب هئا. وچين دور ۾ مذهبن يعني تهذيب جي نالي ۾ انقلاب آيا. نوان نوان اصول ۽ فلسفا جنم وٺندا ويا. تهذيبون پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جي سبب ننڍيون/ وڏيون جنگيون لڳيون ۽ ان طرح سان ڇڪتاڻ ۽ متضاد عقيدن،  فلسفن ۽ مفادن جي آمهون سامهون اچڻ سان چٽا ڀيٽي جي شروعات ٿي. بدلجندڙ حالتن ۾ جن قومن پنهنجو پاڻ کي سلهاڙيو آهي اُنهن اڳواڻي ۽ راڄ ڌاني جي حيثيت ۾ پٺتي رهجي ويل لوڪن مٿان پنهنجي برتري قائم ڪري ورتي. موهن جي دڙي جي ريتن رسمن ۽ ٻوليءَ کي فلسفه حيات طور برقرار رکندڙ ٿري ڀيل اوڏ ۽ ڪولهي وغيره اڄ به ترقي يافته رهڻي ڪهڻي اختيار ڪرڻ بدران پاڻ کي روايت سان جوڙي رکيو آهي.