سيد عبدالفتاح شاھ بخاريؒ
ٽنڊو محمد خان جو مجذوب درويش
ڪلثوم سيد
ھي درويش بخاري
خاندان جو چشم و چراغ، سال ١٩٠٥ع، غلام محمد شاھ جي گھر ۾ تولد ٿيو. ھي ٻه جاڙا ٻار
ھئا. ساڻس گڏ سندس ڀيڻ به ڄائي ھئي جا ٻن ڏينھن بعد گذاري ويئي ۽ ھفتي اندر سندس
والده گذاري ويئي. ھن يتيم ٻار جي پرورش جو بار سندن پڦيءَ پنھنجي ڪلھن تي کنيو. ھمايون
بادشاھ، شير شاھ کان ھارائي سنڌ مان ٿيندو ايران ويو. واپس ھندستان اچڻ تي ھي خاندان
به ساڻن گڏ ھو. ان وقت کان وٺي اڄ تائين، طب اسلامي سندن پيشو رھيو. ھن خاندان ۾ نَو
سؤ ھجريءَ جا قلمي لکيل ڪتاب اڃا به موجود آھن.
انھي خاندان ۾ ھميشه
ھر صدي ۾ ڪو نه ڪو درويش پيدا ٿيندو رھيو آھي. جھانگير بادشاھ جي زماني ۾ ھي سنڌ ۾
آيا، درازن ۾ رھيا، ھنن جو خانداني سلسلو حڪيم عبدالفتاح نمڪين سان ملي ٿو. جنھن
کي ھندستان جي طبابت جو ابو سڏين ٿا.
غلام شاھ ڪلھوڙي سان
تعلق پيدا ٿيو. غلام شاھ ڪلھوڙي جڏھن ڪڇ تي حملو ڪيو تڏھن ھن کي سنڌ جي بارڊر تي
پنھنجو معتمد مقرر ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي. ھن خاندان کي ضلعي بدين جي نندي شھر ۾
رھايو ويو. اُتي به ڪي درويش پيدا ٿيا ۽ اُنھن جون اُتي قبرون آھن. ۽ ٻارھو عرس ٿيندو
آھي پوءِ اھو سادات خاندان، نندي شھر مان لڏي پھريائين ڳوٺ ٽنڊو سائينداد ۾ اچي
رھيو. جيڪو ٽنڊو محمد خان کان ھڪ ميل جي مفاصلي تي آھي. جتي سائين عبدالفتاح شاھ
جو ڏاڏو سيد سخي مرتضٰي شاھ مدفون آھي. اُن ١٢٦٠ھ ۾ وفات ڪئي. ان وقت ٽنڊو سائينداد
۾ ماڻڪاڻي ميرن جو قبضو ھو.
سال ١٨٩١ع ۾ شاھواڻي
ميرن شھر ٽنڊو محمد خان جو پايو وڌو. ڪجھ عرصي کان پوءِ ٽنڊو سائينداد به زوال پذير
ٿيو. تنھن ڪري ھي سادات خاندان به لڏي اچي ٽنڊو محمد خان ۾ رھيو.
سائين عبدالفتاح شاھ
اڃا ننڍو ئي ھو ته سال ١٩١٢ع ۾ سندس والد گذاري ويو. تنھن ڪري سندس سنڀال وغيره جو
بار سندس چاچي عبدالله شاھ جي ھٿ ۾ رھيو.
شاھ صاحب ننڍپڻ ۾
مولوي خير محمد وٽ قرآن شريف ۾ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ بعد اسڪول ۾ سنڌي پڙھڻ لاءِ
ويٺو. ماستر قادر بخش وٽ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري شھر ٽنڊو محمد خان ۾
پرائمري استاد مقرر ٿيو.
سال ١٩١٩ع ۾ ڪي لاڏاڻ
وارا ماڻھو ٽنڊي محمد خان آيا. انھن جي ڪنھن مائي سان نظر اٽڪي وئي. ھفتي بعد لاڏاڻ
وارا لڏي ويا پر سائين عبدالفتاح شاھ ھنن جي ڳولا ۾ سرگردان رھيو. سندس چاچو عبدالله
شاھ کيس ڳولائيندو رھندو ھو. پاڻ اڪثر رات جو گھر مان نڪري ڪنھن قبرستان ۾ وڃي
رھندا ھئا ۽ ماڻھو کيس ڳولي وٺي ايندا ھئا. ڇھ مھينا سندن اِھا حالت رھي؛ کاڌي
پيتي، ڪپڙي گندي جو ڪوبه ھوش ڪونه ھوس. نيٺ ٽنڊي سائينداد ۾ سندن ڏاڏي سخي مرتضيٰ
جي روضي تي راتيون رھڻ لڳو. ماڻھو وٺي ايندا ھوس، وري به اُتي ھليو ويندو ھو. اھڙي
طرح عشق مجازي مان عشق حقيقي شروع ٿيو. سندن آواز تمام مٺو ھو. راڳ مان ڄاڻندو ھو ۽
راڳ جو شوقين ھو ۽ ڪافيون ۽ ڪلام به چيا اٿس.
سال ١٩٢٤ع ۾ سندن چاچو
گذاري ويو. پاڻ گھڻو وقت پينگھي ۾ ويٺو لڏندو ھو. ڪڏھن ڪو ماني ڳڀو کاڌو نه کاڌي
جھڙو، ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينھن ماني نه ملندي ھئس ته گھرندو ڪونه ھو. ڪو به واقف يا اڻ
واقف ماڻھو ايندو ھو ته پاڻ ان جو نالو وٺي چوندا ھئا ته فلاڻا! فلاڻي ڪم لاءِ آيو
آھين؟ وڌيڪ ڪو نه ڳالھائيندا ھئا. گھڻو ڪري ماڻھن سان ڳالھائيندا ڪو نه ھئا. ھميشه
سندن منھن مبارڪ الھندي طرف رھندو ھو. سال ١٩٢٦ع ۾ سندن پڦي صاحبه وفات ڪئي، پاڻ ڪوٺي
۾ منجي تي ويھي رھيا. ٻه سال انھي ڪوٺي ۾ در بند ڪري گذاريائون. ڪو نه ڪو پاڻيءَ
جو ڪرو ۽ چلمچي صفا ڪري سندن کٽ جي پيراندي کان رکي ڇڏيندو ھو. پاڻ ڪا به شيءِ گھرندا
ڪو نه ھئا. ماني ٽي وقت ڏيندا ھئا ته ڪڏھن کائيندا ھئا ۽ وري ڪڏھن نه به کائيندا ھئا.
ٻن سالن بعد ھڪڙو ماڻھو ساڻن ملڻ لاءِ آيو. عزيزن پھرين ته ملائڻ کان انڪار ڪيو،
پر پوءِ گھڻي زور ڀرڻ تي نيٺ ملارايائون ته سائين ھن کي ڏسندي ئي چيو ته؛ فلاڻو
آھين، تنھنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن جا نالا ھي آھن، تون فلاڻي ڪم لاءِ آيو آھين، اُھو ڪم
تنھنجي برخلاف ٿي ويو آھي، ھاڻي وڃ ڳوٺ. اُن کان پوءِ به اڪثر ماڻھو پري پري کان ايندا
ھئا، (سوالي) پر حويلي ۾ ھئڻ سبب مردن جو اندر اچڻ بند ھو. باقي عورتون روزانو ڪافي
انداز ۾ اينديون ھيون، جيڪي بھترين مٺايون، ميوا ۽ ٻيا کاڌا آڻينديون ھيون، پر فقير
انھن مان ڪابه شيءِ نه وٺندو ھو. جڏھن ڪو خيال ٿيندو ھوس ته چانورن جي ماني کائيندو
ھو. راڳ جو شوقين ھئڻ ڪري سوالي پاڻ سان ڳائڻ واريون به آڻينديون ھيون. چشتي طريقي
ھئڻ سبب راڳ کين ڏاڍو پسند ھو. راڳ تي خوش ٿي چوندا ھئا ته سؤ روپئي ۾ پٽ آھي، سائل
سؤ جا نوٽ ڪڍي ڏيندا ھئا، پاڻ اُھو نوٽ ڳائڻ واري مائي کي ڏيئي ڇڏيندا ھئا. ڪڏھن
موڊ سٺو ھوندو ھون ته ڪنھن کي چوندا ھئا تو کي پٽ ڄمندو نالو ھي رکجان.
اڪثر ريڊيو سنگر به
چوڪي ڏيڻ لاءِ اينديون ھيون، انھن کي به ڪافي ملندو ھو. درويش ڪا به لالچ ڪو نه
رکندو ھو، ڪا به شيءِ ڪو نه وٺندو ھو. سندن ڪرامتن جا ھزارين مثال آھن، پر طوالت سبب
ھت ڪو نه ٿا لکجن. سندن وفات ڏھين جون سال ١٩٧٨ع ڇنڇر جي ڏينھن ٿي. پاڻ ٽنڊي
سائينداد ۾ سندن ڏاڏي جي مقبري جي ڀر ۾ دفن آھن. جتي ھر سال ميلو لڳندو آھي.
نوٽ: ھي مضمون سيد
زادي ڪلثوم جو لکيل آھي. ھن ۾ لکيل آھي ته؛ حڪيم فتح جي اولاد مان ھو. اھو حڪيم غلام
مرتضيٰ الڳ ته جيلاني الڳ ٿي ويو ان حساب سان بخاري نه ٿيندا. ان کان سواءِ سيد مرتضي
شاھ رضوي سادات ھو بخاري نه ھو. محترمه جو ھيءُ مضمون ’الڪريم‘ ٽنڊو محمد خان ڪاليج
ميگزين ۱۹۹۰ع ۾ شايع ٿيو ھو. جيڪو عائشه کتريءَ ڪمپوز ڪيو آھي.
(حڪيم يوسف کتريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي، عائشه کتري طرفان ڪمپوز ٿيل، ۲۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا