; سنڌي شخصيتون: اعجاز ممنائي

19 June, 2022

اعجاز ممنائي

اعجاز ممنائي

نوشهرو فيروز جو سماج سڌارڪ ۽ گھڻ طرفي شخصيت

عبداللطيف سولنگي



صحت کاتي جھڙي سخت ڊيوٽي ۽ مصروفيت واري زندگيءَ سان سلهاڙيل گھڻ رخي شخصيت، ادب دوست ۽ سماج سڌارڪ اعجاز ممنائي ذات جو ميمڻ ۽ سندس ڳوٺ نوشهروفيروز ڀرسان کاھي ممن جي نالي سان آھي۔ ان ڳوٺ ۽ مٽيءَ سان پيار ۽ انسيت جي ڪري پنھنجي نالي اعجاز پٺيان ”ممنائي“ چورائڻ شروع ڪيائين. پاڻ بنيادي طور مذهبي ۽ علمي گهراڻي سان وابسته آھي. ننڍي ھوندي کان ئي سماجي اثر هيٺ رهيو آھي سندن علائقي جي اڳوڻي سيڪريٽري اشفاق احمد ميمڻ جي اڻ ڳڻين خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. خاص ڪري نياڻين جي تعليم، طبي سهولتن جي فراهمي، بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي، غربت ۽ مفلسيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪيل عملي جدوجهد ۾ اعجاز ممنائي جو وڏو ڀاء منير احمد ساڻس گڏ رهيو. جنهنڪري اعجاز ممنائي پڻ ان سماجي خدمتن ۾ پنهنجي ڀاء سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺو رهيو۔


اشفاق ميمڻ جي والد جي نالي پٺيان ٺهيل سماجي تنظيم صادق فائونڊيشن ۽ يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت هن علائقي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آھي جنهن ۾ اعجاز ممنائي هڪ سرگرم سماجي ڪارڪن طور سڃاتو وڃي ٿو. جڏهن ته ادبي دنيا ۾ پڻ ننڍي هوندي کان ئي داخل هو ۽ تقريبن ستين ڪلاس ۾ شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ ھوندو هيس. پاڻ شاعر هئڻ سان گڏ نثر نگار پڻ آھن. سندس شاعري توڙي تحريرون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون۔ ان سان گڏ لطيف سرڪار جي مختلف سرن تي تحقيقي مضمون ۽ مقالا پڻ لکندو رهي ٿو. جڏهن ته عام طور تي سندس موضوع موجوده ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال آھي۔

علمي توڙي ادبي شخصيت هجڻ ڪري منھنجي ساڻس ڪافي سالن کان واقفيت ۽ ويجھڙائي رهي آهي ۽ اسان جڏھن به پاڻ ۾ ملندا رھيا آهيون ته لطيف سرڪار، ادب، اسپتال جي صورتحال، شھر جي مسئلن ۽ سماجيات تي ڪافي ڪچهريون ۽ بحث ڪندا رھيا آھيون

ھڪ ڏينھن اعجاز ممنائي منھنجي آفيس آيو ۽ چيائين ته ادا اڄ آئون ڪو خاص مقصد کڻي آيو آهيان، مون کانئس عجب مان پڇيو ته سائين حڪم ڪيو ڪھڙو خاص مقصد آهي جنھن تي اعجاز عجيب خوشيءَ واري انداز ۾ چيو ته ادا آئون مرشد لطيف تي ڪتاب آڻڻ چاھيان ٿو. ان سلسلي ۾توھان سان ڪچھري به ڪرڻي آهي ۽ توھان کان صلاحون به وٺڻيون آهن مون کيس چيو ته ادا تون ڪم ته تمام سٺو ۽ وڏو کڻي آيو آهين ۽ کيس چيم ته، لطيف سرڪار فرمايو آهي ته

گھڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،

مئي مٿي مھراڻ ۾، گھڙ ٽپو ڏيئي،

ته ساھڙ مليئي، سنڀوڙو سيڻاھ سين.

ھن بيت ۾ لطيف سرڪار فرمايو آهي ته جيڪڏھن ڪو انسان پختو ارادو ڪري ڪو ڪم شروع ڪندو ته الله ان کي ڪامياب ضرور ڪندو اھو انسان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو .مون اعجاز ممنائي کي صلاح ڏني توھان بسم الله ڪريو ۽ توھان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندا۔ ۽ اعجاز ممنائي جا هڪ سال اندر چار ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن جن ۾ پهريون ڪتاب اندر جا اندوهه، ٻيو ڪتاب جنين جيءُ جياريو حصو پهريون، ٽيون ڪتاب رند پروڙين راز جڏهن ته تازو چوٿون ڪتاب جنين جيءُ جياريو حصو ٻيون، شايع ٿي آھي جنهن جي مھورتي تقريب نوشھرو فيروز جي شارجه ريسٽورنٽ ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ مون سميت ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان تقريب ۾ سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر خادم علي مڱريو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اعجاز ممنائي ھڪ سوشل ورڪر ماڻھو آهي جيڪو اسپتال سميت شھر جي ھر مسئلي کي پنھنجو مسئلو سمجھي ان کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو . مون پاڻ اعجاز ممنائي کي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ اکين جون ڪئمپون، ميڊيڪل ڪئمپون ھجن، رت جي عطئي جون ڪئمپون، هيپاٽائٽس بي۔ سي جون ڪئمپون، ايمرجنسي ۾ ضرورتمند ماڻھن جي واهر ڪندي ڏٺو آھي ان کانسواءِ مختلف اين جي اوز سان گڏجي ڏورانهن علائقن ۾ غريب ماڻھن لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون آھن ۽ کيس ھر وقت سماجي خدمتن ۾ نمايان ڪردار اپنائيندي اڳي کان اڳرو ڏٺو آهي ۽ ھن اڄ تائين پنھنجي محدود آمدني کي پنھنجي سماجي خدمتن ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏنو آهي ۽ ھن نيڪ ڪمن لاءِ سٺن دوستن ۽ مخير حضرات کان مدد وٺڻ ۾ ڪڏھن به نه ڪيٻايو آهي بلڪه پاڻ سدائين فخر محسوس ڪندو رهيو آهي بلڪل ائين جيئن اڳوڻو ڊائريڪٽر انفارميشن در محمد ڪمال ڪيترين ئي تقريرن ۾ فخريه طور چوندو ھو ته؛ ”مان ان آخوند / معلم جو پٽ آهيان جنھن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ پنھنجي علائقي ۾ علم جو ڏيئو ٻاريو ۽ ماڻھن کي تعليم جي زيور سان سينگاريو ۽ انڪري ماڻھو کيس استاد سمجھي مانيون ڏيندا هئا ۽ اھي مانيون پاڻ ننڍي هوندي پنھنجي گڏھ تي چڙھي ورتيون جنھن تي اڄ به مونکي فخر آهي۔ پاڻ اھو به چوندو ھيو ته؛ ”اسان کي علائقي ۾ استاد گھراڻي جي ڪري عزت ملي ٿي.“ بلڪل در محمد ڪمال وانگر مون اعجاز ممنائيءَ کي سماجي ڪمن توڙي علمي و ادبي ڪمن ۾ ڪڏھن به نه ڪيٻايو آھي.

 

 (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا