; سنڌي شخصيتون: محمد اشرف “منصور” دائود پوٽو

22 June, 2022

محمد اشرف “منصور” دائود پوٽو

محمد اشرف “منصور” دائود پوٽو

(۱۵اپريل ۱۹۳۲ع. ۲۲نومبر۲۰۱۰ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون

مير حاجن مير



محمد اشرف منصور دائود پوٽو ولد حاجي محمد ادريس دائود پوٽو جو جنم سنڌ جي مشهور ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٽلٽيِءَ مان ئي حاصل ڪيائين وڌيڪ تعليم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود جي صلاح تي نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. ان بعد سنڌ مدرسي ڪراچي مان فائنل پاس ڪري، پرائمري استاد ٿيو. دادو ضلعي جي غزل گوشاعرن تي ايم فل پڻ ڪيائينن لکڻ جي شروعات ۱۹۵۲ع کان ڪيائين. محمد اشرف منصور صاحب سنڌ وڏن شاعرن ۽ اديبن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهيو جن ۾ حضرت محمد زمان طالب الموليٰ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، منظفر حسين جوش، عبدالله خواب، احسن الهاشمي، مرزا افضل بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، قلندر شاھ لڪياري، ميهر فقير، احمد خان مدهوش، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، پروفيسر محبوب علي چنا، شمشير الحيدري، استاد بخاري، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا سندس ساٿي هيا. پاڻ شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽو جي سڳي مامي حاجي محمد ادريس جا فرزند هئا، محمد اشرف منصور دائودپوٽي جي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.


دارورسن (غزلن جو مجموعو) (ڇپيل) ۱۹۷۱ع

رهنماءِ سالڪين (ڇپيل) ۱۹۷۶ع

نواردر الڪرامات (ڇپيل) ۱۹۸۵ع

نالئه سحر (ڇپيل) ۲۰۰۴ع

لاهوتين جي لات ننڍي سائز (اڻ ڇپيل)

لاهوتين جي لات وڏي سائز (اڻ ڇپيل)

نسيم سحر (اڻ ڇپيل)

مشڪ ختن (اڻ ڇپيل)

شعله سخن (اڻ ڇپيل)

لوڪ سخن (اڻ ڇپيل)

ديوان منصور (اڻ ڇپيل)

ابيات اشرف (اڻ ڇپيل)

ذاڪرِ حبيب (اڻ ڇپيل)

قلندر نامه (اڻ ڇپيل)

مرشد نامه (اڻ ڇپيل)

شانِ رسول صه (اڻ ڇپيل)

شان علي (اڻ ڇپيل)

گل هائي عقيدت (اڻ ڇپيل)

مثنوي محبوبي (اڻ ڇپيل)

سوز نغمان (اردو غزل)

افڪار پريشان (اڻ ڇپيل)

رهنماءِ طالبين (اڻ ڇپيل)

محبت ۽ عقيدت (اڻ ڇپيل)

نغمه وطن (اڻ ڇپيل)

ساروڻيون (آتم ڪٿا) (اڻ ڇپيل)

تذڪره خلفاءِ راشدين درگاھ ويهڙ شريف (اڻ ڇپيل)

تذڪره خلفاءِ راشدين درگاھ ملڪاڻي شريف (اڻ ڇپيل)

نعمت رسول صه (اڻ ڇپيل)

دادو ضِلعي جا غزل گو شاعر (ايم فل) (اڻ ڇپيل)

ڪليات منصور (اڻ ڇپيل)

محمد اشرف “منصور” جو تخلص منصور هو. پاڻ شاعري ۾ اصلاح حافط محمد احسن چنا کان ورتائون. سندس شاعري ۾ فارسي لفظ تمام گهڻا آهن ڪي ته کين کي فارسي شاعر به چوندا آهن. منصور صاحب غلام محمد ملڪاڻي جا مريد هيا. پاڻ حڪمت جا ڄاڻو، ماهر هئا پر حڪمت کي پيشو نه بنايائون، پاڻ اڪثر لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول هوندا هئا. بزم شهباز جا صدر پڻ رهيا. ۲۰۱۰ع ۾ عمري جي سعادت پڻ ماڻيائون، ان کان پوءِ سندس طبعيت ناساز ٿي پئي. هن يگاني شاعر، اديب محقق محب وطن ۲۲ نومبر ۲۰۱۰ع تي وفات ڪئي. کيس ٽلٽي جي “سندو سوائي” قبرستان ۾ والد جي ڀرسان دفنايو ويو. سندس مزار تي وصيت ڪيل هي شعر لکيل آهي.

ويو “منصور” ٿي خاموش آخر،

وڃي ٿيو نيٺ خلدِ آشياني.

سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

تاجدار مرسلين و انبيا توکي چوان،

احمدِ مختيار محبوب خدا توکي چوان.

دائما دلگير لئه مان دلربا توکي چوان،

صاحب جو دوسخا لطف و عطا توکي چوان.

باعث تخليق دو عالم سدا توکي چوان.

ابتدا توکي چوان ۽ انتها توکي چوان.

خالق هر دو جهان جي آھ ذات ڪبريا،

ڪشورِ مولا جو پرفا نروا توکي چوان.

 آھ فرق ازهيم ظاهر احد و احمد ۾ ڏسو،

عالم حيرت ۾ آهيان محو ڇا تو کي چوان.

دشت ويران آھ ۽ ٻيو پيش گرداب عميق،

رهبر منزل ۽ نرمل ناخدا توکي چوان.

آھ ڪافي مرض ڪنهن ڪئه نگاه ڪيميا،

هن مريض جان لئه دارون دوا توکي چوان.

حشر جي حالات آهي لرز ۽ انام ڪيو،

مان شفيق و شافع روز جزا توکي چوان.

آسرو آڌار اڙين جو، ڇورڙن جو تون ڇپر،

مونسِ جان محسن و مشڪل ڪشا توکي چوان.

قلب مضطر لئه تسلي آ سدا صلوات ٿي،

دائما ٿو رافع درد و بلا توکي چوان.

مدتن کان آرزو ۽ خاڪ بوسي ٿي اٿم،

ڪرنگاھ فيض و ڪرم ٿو بارها توکي چوان.

هي غلامي پنجتن ۽ خاڪ پاءِ اهلبيت،

مهر ڪر “منصور” تي مشفق مٺا توکي چوان.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا