; سنڌي شخصيتون: رفيق احمد جوڻيجو

22 June, 2022

رفيق احمد جوڻيجو

رفيق احمد جوڻيجو

عوام دوست ڪردار

ساجد مسڻ



اهي ماڻهو ڪيڏا نه خوش نصيب، بخت ۽ ڀاڳ وارا ٿين ٿا، جيڪي پياري زندگي ۽ قيمتي وقت جو قدر ڪرڻ ڄاڻين ٿا. يقين زندگي به اهڙن ئي ڪردارن کي وقتائتو ساٿ ۽ سهارو ڏيندي آهي. زندگي خدا طرفان مليل انمول تحفو آهي، اهي اعلي آدرشي انسان هوندا آهن، جيڪي زندگيءَ کي صحيح رخ ۾ استعمال ڪندا آهن، جڏهن حضرت انسان زندگي کي حقيقي معني’ ۾ سمجهڻ شروع ڪندو آهي ته زندگي باقي وڃي بچندي آهي، پر اهي خوشنصيب ۽ خوش قسمت انسان ٿين ٿا، جيڪي زندگيءَ کي شروع ۾ ئي سمجهي وٺن ۽ بقايه زندگي بامقصد ۽ با معني طريقي سان گذارين.


اهڙن ئي خوشنصيب ۽ خوش قسمت انسانن ۾ رفيق احمد جوڻيجو صاحب جو شمار به ٿئي ٿو، ڀلا ڇونه ٿئي، پاڻ انهيءَ ڪري به وڌيڪ بخت وارو آهي جو سندس اک هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان ۾ کلي آهي، سندس طبيعت، مزاج ۽ تربيت انهيءَ ڪري به سلڇڻو، سنجيده، سريلو ۽ مستقل مزاجي وارو آهي، جو سندس والد صاحب پاڻ پنهنجي دور جو هڪ اعلي آدرشي انسان، اصول پرست، حق پسند، عادل ۽ انصاف پسند بيروڪريٽ ٿي گذريو آهي، جنهن جي سهڻي تربيت، مثبت سوچ، وسيع ويچار ۽ اعلي’ نظريي جو مٿس ڀرپور اثر پڻ ٿيو آهي. هونئن به مشهور چوڻي آهي ته ٻار جي تربيت جو پهريون اسڪول سندس ماءُ جي هنج آهي، اها سندس خوشنصيبي چئبي جو رفيق احمد جوڻيجو صاحب کي پيدائشي اهڙو ماحول مليو جو پاڻ پنهنجي زندگيءَ کي ننڍپڻ ۾ ئي صحيح رخ ۽ معني خيز روپ ۾ سينگاري، سنواري ۽ بامقصد ٺاهيو آهي.

رفيق احمد جوڻيجو صاحب جو جنم ۵ اپريل ۱۹۷۲ع ۾ ڳوٺ شير محمد جوڻيجو، تعلقه ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محترم پير بخش خان جوڻيجو جي گهر ۾ ٿيو.

کيس ننڍپڻ کان ئي سماجي ڪمن سان بي انتها دلچسپي ۽ لڳاءُ هوندو هيو، جڏهن پاڻ ڪاليج واري زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهيا هئا ته انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ڀلائي ۽ بهبودي واسطي سچل سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌائون، پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ همعصر دوستن کي شعور، سجاڳي، بيداري جو پيغام ڏيندا رهيا، مختلف وقتن تي پنهنجي ڳوٺ ۾ اسٽڊي سرڪل جا پروگرام پڻ ڪرائيندا رهيا ۽ هر طرح سان پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ همعصرن کي شعور ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش اڄ تائين ڪندو رهيو آهي.

انهيءَ ئي جذبي کيس يونيورسٽي ۾ به خاموش رهڻ نه ڏنو، پاڻ جڏهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليم پرائي رهيا هئا ته انهن ڏينهن ۾ پڻ سماجي تنظيمن ﺳﻨﮅ ڪلچُرل ايسوسيئيشن ۽ لاڙڪاڻو فرينڊس ايسوسيئيشن جا ﺻﺪ ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا. پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي ۾ بيچلر ۽ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائون.

جئين ئي پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان سند ورتائون ته کين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سرڪاري نوڪري ملي وئي. انهيءَ نوڪري دوران پاڻ مختلف ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا آهن، جن ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ، هوم ڊپارٽمينٽ، انڊسٽريز ۽ اوقاف ڊپارٽمينٽ شامل آهن، جڏهن ته هن وقت پاڻ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ بطور سيڪشن آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

سندس والد محترم پير بخش جوڻيجو به پنهنجي دور جو عادل ۽ ميرٽ پسند ڪامورو رهيو آهي، جنهن پنهنجن ٽينيوئر دوران غريبن کي وڏي انگ ۾ مفت ۾ نوڪريون ڏنيون ۽ فلاحي ڪم ڪري ڏيکاريا، والد صاحب جي نقشي قدم تي هلندي پاڻ به انسانيت واري خدمت واري جذبي کي جاري و ساري رکندا پيا اچن. هن وقت به پاڻ سماجي ڪمن ۾ اڳ کان اڳرا آهن، پاڻ پنهنجي ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ واقعي پرائمري اسڪول شير محمد جوڻيجو کي ترقي وٺرائي مڊل اسڪول تائين اپ گريڊ ڪرايو اٿن، پنهنجي ڳوٺ ۾ ڊسپنسيري جو بنياد پڻ وجهرايو اٿن، انهيءَ کان علاوه پنهنجي ڳوٺ ۾ سي سي بلاڪ، ڊرينج سسٽم، پلون، روڊ رستا جوڙايا اٿائون.

کيس انسانيت جي خدمت ۽ سماجي ڪمن سان ته شروع کان ئي دلچسپي رهي آهي، انهيءَ کي وڌيڪ عملي جامعو پارائڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ مٽن مائٽن کي سرڪاري توڙي پرائيوٽ نوڪريون وٺرائي ڏيڻ ۾ ڪليدي ڪرادر ادا ڪيو اٿائون، اڄ به ساڳي جوش جذبي سان عوامي ڀلائي واري منشور سان نڀائيندا پيا اچن. سندن جي ان جذبي کي مدي نظر رکندي جوڻيجا برادري سائين جن کي آل پاڪستان جوڻيجا ويلفيئر ايسوسيئيشن جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي، جنھن ۾ هن وقت تائين وڏي تعداد ۾ فلاحي ڪم ڪيا اٿن، جھڙوڪ مفت ميڊيڪل ڪئمپس لڳائڻ، اکين جون آپريشن ڪرائڻ، غريب ماڻهن کي اکين ۾ لينس لڳرائڻ، جنهن عمل سان ڪيترين ئي بي پهچ ۽ غريب عوام کي وڏو فائدو پيو آهي، اڄ به غريبن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪافي تعداد ۾ پروجيڪٽس شروع ڪيا اٿن، جنهن عمل کي اسان مثبت تبديلي ۽ بھترين عمل سمجهون ٿا.

سندس والد محترم پير بخش جوڻيجو به پنهنجي دور ۾ غريبن کي وڏي انگ ۾ نوڪريون ڏنيون ۽ فلاحي ڪم ڪري ڏيکاريا، والد صاحب جي نقشي قدم تي هلندي پاڻ به انسانيت واري خدمت واري جذبي کي جاري و ساري رکندا پيا اچن. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، جنم ڏينهن جي موقعي تي سندس لاءِ کوڙ سارين دعائن ۽ نيڪ تمنائن جو دلي اظهار ڪجي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا