; سنڌي شخصيتون: هولارام “پورن”

15 June, 2022

هولارام “پورن”

هولارام “پورن” 

سندس پريمي پٽي

حسيب ناياب منگي



انگريزن جي دور ۾ سنڌي شاعريءَ جا رخ گهڻن ئي پاسن ڏانهن ڦرندا نظر اچن ٿا. شاعرن جي ڪلام جو مضمون سماجي، سياسي، مذهبي ۽ اصلاحي تمام گهڻو آهي. اهو به سچ آهي ته گهڻن ئي شاعرن هڪ ٻئي جو اثر به قبول ڪيو آهي. مختلف دورن جي ادبي تحريڪن ۽ وقتي حالتن جو به شاعرن تي اثر ٿيل نظر اچي ٿو. نوان لاڙا ۽ رجحان به انهن ڏينهن ۾ نظر اچن ٿا. جيڪڏهن پنهنجي موضوع ڏانهن اچجي ته سنڌي شاعريءَ ۾ اصلاحي پهلوءَ تي به تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي. سندن ڪلام ۾ نج سنڌي لفظن جي استعمال سان نه صرف ٻوليءَ جو بچاءُ ٿيو پر لفظي ڪمال به شاعريءَ جي روح کي تازو رکيو. سنڌ ڌرتيءَ جي اهڙن مانوارن سخنورن مان هڪ درويش شاعر هولارام “پورن” به هڪ ٿي گذريو آهي. جيڪو پنهنجي ڏينهن ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ پنهنجو ڪلام پيش ڪري پنهنجي جذبن کي خوب بيان ڪندي نظر ايندو هو. سندس اندر جي پيڙا انساني امنگن جي به بهترين عڪاسي ڪري رهي آهي. هن وٽ تصوف جا نقطا بيان ٿيل آهن. جن کي پڙهي اسان کي نه صرف پنهنجي سنڌي شاعريءَ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جي خوشبو اچي ٿي پر حضرت سچل سر مست رح، ڀائي چين راءِ بچومل لنڊ ۽ حضرت قادر بخش “بيدل” جي شعرن جي سڳنڌ جهڙو احساس پيدا ٿئي ٿو. هولارام “پورن” جو شمار به سنڌي ٻوليءَ جي انهن شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. هنن واحد جي واکاڻ سان گڏ عاجزي اختيار ڪرڻ جو به درس ڏنو آهي. هولارام “پورن” جي پريمي پٽيءَ تي به ڪجهه اهڙا سبق درج ٿيل آهن جن ۾ هو زور ٿو ڏيئي ته غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ٿي عاجزيءَ سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪر:


ڪر ندوري ننڊ ڦٽي، گهري لهه گهر جي گهٽي،

پڙهي ڏس پريمي پٽي، ڪجهه نينهن ۾ نروار ٿي.

سج چڙهي آيو مٿي، اٿ ننڊ مان بيدار ٿي،

سفر ۾ ڇو ٿو سمهين؟ اٿ هوش رک هوشيار ٿي.

سنڌ جي هن درويش شاعر هولارام “پورن” جو ڪلام سليس ته آهي ئي آهي پر سندس ڪلام ۾ سلاست به آهي. شاعريءَ جي فني خوبين کان واقفيت به اٿس ته وري مختلف شعرن ۾ اشاري ئي اشاري ۾ ڳجهه جي ڳالهه ڪرڻ جو طريقو به استعمال ڪري ٿو.

عشق عشق هر ڪو چوي عشق پاڻ الله،

آهه عشق شهنشاهه “پورن” دڳ ڏيکار دل مان.

منهنجي آڏو جڏهن هن ڪويءَ جي سخن طرازي آئي تڏهن مطالعي کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته هولارام “پورن” جي ڪلام ۾ معاشري جا اهي عڪس عيان آهن جيڪي ظاهري طور تي انسان کي پنهنجي خالق ۽ مالڪ جي ويجهو ڪن ٿا. هو پنهنجي دور جي انهن شاعرن ۾ مٿانهون مقام رکي ٿو جن هميشه ڪوڙ ۽ فريب، دوکي ۽ دغا کي نفرت ڪرڻ جهڙو بيان ڪري ٻڌايو. هولارام “پورن” حقيقت کي پنهنجي ڪلام ۾ ڀرپور نموني سان پيش ڪيو آهي. هن انسانن لاءِ سٺي سبق سان گڏ مفت خورن کي پڌرو ڪرڻ جي به “پورن” جي پريم پٽيءَ ۾ ڪوشش ڪئي آهي:

سکي هن سنسار ۾ مفت خور ٻاوا،

هڪ مال کائن ٿا مفت جا ٻيو پڪل پراوا،

ٽيون پنيون وجهن پيٽ ۾کير پڙيون ماوا،

توڙي ڪم ڪن لاوا، ته به “پورن” پڌرو نه ٿئي.

هولارام “پورن” جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ايترو لکي سگهجي ٿو ته هو هر قسم جي گُهٽ کان آزاد ۽ روايتن جي پاسداري ڪرڻ واري خفي ۾ ڦاٿل نه هو. هن وٽ جهڙيءَ طرح خيالن جي سُڃائي نه هئي تهڙيءَ طرح هو ڪوڙ لکڻ جي پريشاني کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ کان ڇٽل هو. هن جو پيغام انسانيت جي حوالي سان هو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ انسان جي اهميت ۽ ضرورت کي هن ريت بيان ڪري رهيو آهي: بهتر آهي فرشتي کان به انسان بڻجڻ، مگر انهيءَ لاءِ گهرجي ٿي محنت زياده. هولارام پورن سنڌي شاعريءَ جي صنفن ۾ ڪافيءَ جو سٺو شاعر آهي. هڪ هنڌ هو پنهنجي لکيل هڪ ڪافيءَ ۾ تمام گهرائي سان سٺو پيغام ٿو ڏيئي. هونءَ به صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي پنهنجو پاڻ وڃائي، من کي برائيءَ کان پاڪ ڪرڻ، خالق جي خلق جو خيال رکڻ، غرور ۽ تڪبر کي فنا ڪري پنهنجو پاڻ کي مالڪ حقيقيءَ جي ياد ۾ غرق ڪري ڇڏڻ جو سنيهو مليو آهي.

من مـــنــــدر ۾ گــــــنـــــگا جــــمـــــــنا گوڪل ۽ گرنار وي،

تنهن ۾ ٻهڳڻ ٻوليون ٻولي، لعلن جي للڪار وي بندا.

دل جـــــي انـــــــدر دلــــــبر سائــــيـــن، الک روپ اپار وي،

پــاڻ ٻـــــڌي ۽ پــاڻ ٻـــــڌائي هــــوتن جي هٻڪار وي بندا.

ساجن منهنجو شانت سرو ور تنهن ۾ ٽٻڪي مار وي،

ٽٻڪي ڏيندين لعل جو ٿيندين هيرا لهين هزار وي بندا.

هولارام “پورن” جي ڪافيءَ کانپوءِ بيت پسنديده صنف رهي آهي. جنهن ۾ معياري خيال ۽ سٺن لفظن جو استعمال بيت کي اڃان وڌيڪ بهتر بڻائي ٿو. هن پنهنجي من جا اجرا احساس صاف ۽ سٺي طريقي سان پيش ڪيا آهن. سندس تخيل جي گهرائي اونهائي ۾ گم ڪري ڇڏي ٿي ۽ لامحدود سوچ حقيقت جي واٽ ڏيکاري ٿي. مون کي سندس ڪجهه بيت تمام گهڻا پسند آيا آهن.

من ماري مهين ٿيءُ پريت پرين سان پاءِ،

دشــــمــــن ڪـــــڍ دل مـــــــان حــــليمي هلاءِ،

ته سهجي ڪم سنداءِ ستگر سڀيئي ڪري.

ــــــــ

الــــــک الله ۾ رتي نــــــــــــاهي فــــــرق،

طالب پنهنجي تن ۾ ويهي پڙهه ورق،

دغا ڪڍ تون دل مان غصو ڪر غرق،

محبت تن مرڪ، خاوند پسيو جن خلق ۾

ــــــــ

حــــقــــيــــقـــــــت ۾ هڪ ٿيو خالق خلقڻهار،

هوت وسي هر جاءِ تي دلــــــين جـــــــو ڏاتار،

جيڪي ڏسو جهان ۾ صاحب جـــــو سينگار،

هـــنـــدو مــــومـــــن پــــــارسي اکـــــري آ اسرار،

هڪڙو پس هروار ته “پورن” پهچين پرين کي.

ــــــــ

حــــقــــيــــقــــت ۾ هــــڪ ٿـــيـــو، ٻولڻ ۾ ٿيا ٻه،

جي کولين دل جا تهه، ته “پورن” پسين پاڻ ۾.

هولارام “پورن” جو شاعراڻو لهجو سندس شاعريءَ جي خوبين کي ظاهر ڪري ٿو. سندس ٻول پڙهڻ وارن جي دل تي اثر ڇڏين ٿا. واقعي هو لفظن جي جڙاءَ جو ڪاريگر ٿو ڏسڻ ۾ اچي. “پورن” جي پنهنجي ڪلام ۾ ورجايل هر وائي قابل قدر آهي.

هـــڻ ٽٻي دل جي اندر، پيهي پسج هُن پار ڏي،

کڻ اعمالن جو عطر، صاحب واري سرڪار ڏي.

ڇــــڏ وساري ڏينهن ســــــارو، يـــادگيري يار ڏي،

پريم ۾ “پورن” پيهي وڃ، هوت جي هٻڪار ڏي.

ــــ

بره وارا بره ۾ خواري ملامت ٿا کڻن،

تير طعنا منهنجا جانا سر مٿان ئي ٿا سهن.

اي “پورن” جي ٻاجهه پورن ٿي اچي ٻانهي مٿان،

لاج ســــاري تـــــو اڳيان ديــــــدار جا ڪي در کلن.

هولارام “پورن” سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر شڪارپور ۾ پنهنجي پتا تيجڀانداس کتري جي گهر ۾ هاٿي در لڳ ۱۸۸۹ع ڌاري تولد ٿيو هو. ننڍپڻ ۾ ئي هوشيار ۽ بزرگن جي صحبت اختيار ڪرڻ وارو هو. سندس لاڙو فقيري طبيعت وارو ۽ خيال انسان دوستن وارو هو. هن وٽ هر اهو شخص مان وارو هو جنهن جي اکين ۾ حياءُ هو. وڏن جو ادب ۽ ننڍن سان پيار ڪندو هو. شڪارپور مان ابتدائي تعليم حاصل ڪري ڪراچي ويو ۽ سنڌ مدرسي ۾ به پڙهيو. واپس جڏهن شڪارپور آيو ته هتي سنڌي فائينل پاس ڪري ڌنڌو ڪرڻ لڳو. هن جو شڪارپور جي مشهور هاٿي در تي ناس جو دوڪان هوندو هو. جڏهن ته سندس والد ڪاروبار سان گڏ ٺيڪيداري پڻ ڪندو هو. هولارام “پورن” تي ساميءَ جو به اثر هو. چيو پيو وڃي ته شڪارپور ۾ هولارام “پورن” سامي جو حافظ هوندو هو. وقت به وقت مختلف ڳالهين ۾ سامي جي سلوڪن مان مثال پيش ڪندو هو. ساميءَ جيان هن کي به مايا جي لالچ پنهنجو بڻائڻ ۾ ناڪام رهي:

پيسو چوي ٿو سڀ کي، سڀ ڪي سو مان ڪريان ٿو،

ڀـــل خـــــون ٿين خـــــرابـــيـون، وک وڌندڙي ڌريان ٿو.

مــنــهــنــجو آ نـــالــــو روپيو، جيڪي اچي سو اڳ پيو،

نچندو کــــڻــــي ســـو گهر ويو، خالي سي گهر ڀريان ٿو.

“پورن” چــــــون جــــي زر آ، کـــــــوٽــــــــــــي سندن نظر آ،

ســـــاٿــــــي نه ســــيـــــم و زر آ، ڏاتـــــر ڪــنـــان ڏران ٿو.

هولارام “پورن” جي روهڙيءَ واري سنت ماستر نيڀراج سان تمام گهڻي لڳندي هئي پاڻ کي سندس شاگرد چورائيندو هو. صوفي جي طبيعت جو مٿس گهرو اثر پيل هو. سنڌ جي بزرگن جي ڪلام جو مطالعو ۽ پوءِ وري دوستن اڳيان انهن جو ورجاءُ سندس عادت هوندي هئي. سنڌ جا وڏا وڏا ناليوارا شاعر وٽس ايندا هئا ۽ هاٿي در تي ناس واري دوڪان تي ساڻس علمي ادبي رهاڻيون رچائيندا هئا. منهنجي والد مرحوم “نقش” ناياب منگي کي به سندس ڪچهريون نصيب ٿيون هيون. بلڪه ائين چئجي ته ڪو وڌاءُ ناهي ته حق نواز منگي کي اگر شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ته ان جو پهريون اثر هولارام “پورن” جي رس ڀرين ڪچهرين جو اثر هو. ورهاڱي کانپوءِ سندس ٻار ته هندستان هليا ويا مگر هولارام “پورن” شڪارپور ۾ ئي رهيو. جڏهن هندستان پنهنجي گهر ڀاتين سان ملڻ ويو ته اتي ۴ جون ۱۹۶۶ع تي گانڌي دام ڪڇ هندستان ۾ ديهانت ڪري ويو. افسوس جو سرڳواسيءَ جي ڪڏهن به ڪا ورسي نه ٿي سگهي نه ئي سندس ڪلام ڪٺو ٿيو. سنڌي ادب جا تاريخن وارا ڪتاب ۽ نصاب توڙي تذڪرا ههڙن صوفي شاعرن جي احوال ۽ ڪلام کان بلڪل خالي نظر اچن ٿا. پر ها جن به پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي تن جون محبت ڀريون محنتون ڪڏهن به ضايع نه ٿينديون.

هُت رکيو جن پريم “پورن” ڏس مليو تن کي پڪو،

لڪي لنگهي سي لعل ٿيڙا، وهم غم تن کي نه ڪو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۲ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا