; سنڌي شخصيتون: ھارون چنو

15 June, 2022

ھارون چنو

سائين ھارون چنو

سنڌ ۽ آرٽ جو عاشق، استاد، شاعر، مصور ۽ ڪھاڻيڪار - ايءُ عشق اٻڪار

سرور سيف



ڪي ڪي ماڻھو پنھنجي اوصاف ۾ اھڙا ٿين ٿا جن سان پاڻ مرادو پيار ۽ احترام جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، اھڙن ماڻھن مان ھڪ سائين ھارون چنو به آھي، جنھن سان ڪيترن ئي نظرياتي اختلافن ۽سوچ وڇوٽين باوجود منھنجي پيار الفت ۽ احترام ۾ ڪڏھن به گھٽتائي نه آئي آھي ۽ نه ايندي.

ھارون چني سان محبت ۽ احترام جي جذبي سان سرشار صرف مان ناھيان پر سوين اھڙا ادب دوست سنڌ دوست سڄي سنڌ ۾ موجود آھن.


سال ۱۹۷۹ع ۾ جڏھن مان پھريون دفعو چڪ شھر محترم عنايت الله مکڻو مھر سان ويو ھوس ته مکڻي ٻن شخصيتن سان ملايو ھو جن مان ھڪ ھو جان محمد منگي مرحوم ۽ ٻيو ھارون چنو. ھارون چني جي گھر ۾ خوبصورت پينٽنگس ڏسي مان حيران ٿي ويو ھوس ته ايڏي اعلا پايي جو چترڪار ھن شھر ۾ رھي ٿو، انھي پھرين ويھڪ ۾ خبر پئي ته ڪچو ڌاڳو پڪي ڳنڍ جو خالق ڪھاڻيڪار سنيل چڪوي ۽ زھر جا ڍڪ جو ڪھاڻيڪار امرت به ھي ئي مصور دوست ھارون چنو آھي، جنھن لطيف سائين سان گڏ شيخ اياز جي شاعري تي به ڪيئي اسڪيچ سرجيا آھن

ان ڏينھن کان اڄ تائين مان ھن گھڻ پاسائين شخصيت جو مداح رھيو آھيان

مون کي اعزاز حاصل آھي ته ھارون صاحب منھنجي ڪتاب کير جھڙي ڪاري جو نه صرف ٽائيٽل ٺاھيو پر ڪتاب ۾ شامل سڀني ڪھاڻي جا اسڪيچ به ٺاھيا، مون کي اھو به اعزاز حاصل آھي ته پني عاقل ۾ ڪل سنڌ تعليمي ڪانفرنس ۱۹۸۱ع ۾ سائين ھارون چني جي تصويرن ۽ فني شھپارن جي نمائش ڪرائي جنھن جو افتتاح ان وقت جي وزير تعليم جسٽس رٽائرڊ غوث علي شاھ ڪيوھو شاھ صاحب چني صاحب جي تصويرن کان بيحد متاثر ٿيو ھو ۽ وزيٽر نوٽ ۾ ھارون صاحب لاء زبردست خراج پيش ڪيو ھو

سائين ھارون چنو ھڪ ئي وقت ڪھاڻيڪار، شاعر مقالا نگار تاريخدان خاڪا نگار ۽ مصور آھي پر سندس وڏي ۾وڏي سڃاڻپ مصوري آھي سندس ھر ھڪ تصوير ھڪ دور جي درد جي عڪاس آھي سنڌ جي سورن جي ڪھاڻي آھي، ھن پنھنجي تصويرن اسڪيچن ۾ھر موضوع کي انتھائي فنائتي نموني پيش ڪيو آھي

سائين ھارون چنو ھڪ ارڏو انقلابي وطن دوست شخص آھي جنھن ڪڏھن به آڻ نه قبولي آھي جيڪو ھر چئلينج جو خوب مقابلو ڪري ڄاڻي ٿو، جيڪو سنڌ سان سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شئ جاندار توڙي بي جان سان سنڌ جي مٽي پاڻي۽ ھوا سان محبت ڪري ٿو جيتري مارئي ملير سان ڪندي ھئي، مون ھن شخص ۾ ڪاوڙ به ڏٺي آھي ته رسامو به پر ڪنھن سان نفرت ڪندي نه ڏٺو آھي

ھو ھڪ مڪمل صوفي منش آھي لطيف سائين جي سر رامڪلي جي جوڳين ويراڳين ۽ ڪاپڙين جھڙو سچو کرو کاھوڙي

سندس ڪھاڻيون به سنڌي ادب جو اثاثو آھن، ھن تمام ٿوريون ڪھاڻيون لکيون آھن جيڪي سنيل چڪوي، امرت، ھارون ۽ تارڪ جي نالي سھڻي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون انھن ۾ حوازادي لاء، ڪچو ڌاڳو پڪي ڳنڍ، غريبي ھڪ گھاء، زھر جا ڍڪ، ھادو گونگو ۽ ھرداس پور جي ڀولڙي شامل آھن، سندس ڪھاڻي ڪچو ڌاڳو پڪي ڳنڍ کي ڪلاسڪ ڪھاڻين ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو، جيڪا خيالن جي وھڪري ۾ لکيل ھڪ پريت ڪھاڻي آھي، ھڪ نقاش جي جذبن جي پائمالي جي ڪھاڻي زر اڳيان پريت جي ھار جي ڪھاڻي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪيئن ڪنھنجا خواب سپنا ڪنھن سدوري اڳيان چڪنا چور ٿين ٿا ۽ مسڪين آرٽسٽ مجازي موھ تي ويساھ ڪري دل ڦرائي ۽ چين لٽائي ويھي ٿو ۽ پوء اھا اذيت ھن کان انتظار جھڙو چتر سرجائي ٿي

اھڙي طرح ھن جي ڪھاڻي زھر جا ڍڪ آھي جا ھن امرت نالي سان ڇپائي جنھن ۾ ھن گلڻ جھڙن ڪڌن ڪردارن کي وائکو ڪيو آھي جيڪي پاڻ عياشي ڪري پنھنجي گھر ٻار ۽ نياڻين جي حياتين کي وھ بڻائي ڇڏين ٿا

ڪھاڻي کيتر ۾ جيڪڏھن ھارون صاحب وڌيڪ دلچسپي وٺي ھا ۽ ڪھاڻي جي فن گھاڙيٽن جو مطالعو ڪري ھا ته بھترين ڪھاڻيون لکي ھا ڇو جو ھن ۾ ڏانٔ به ھو ته تز مشاھدو به

ان کان علاوه ھن وٽ وڏي ڊڪشن ھئي ھن جو شھر جي ٻولي سان به واسطو ھو ته ڪچي جي ٻھراڙين جي سادي سودي زبان سان به، ھڪ ته چڪ ڳوٺ نما شھر ڪچي ۽ ٻھراڙي جي ماڻھن جي آماجگاھ به ته گذر گاه به ۽ منڊي مارڪيٽ به ٻيو ته ھن جا مائٽ ڪچي ۾رھندڙ ھئا ان ڪري مٿس اھو رنگ گھاٽو ھو، جڏھن ته ھن جيون جا ڪيئي سال سڪرنڊ نوابشاه ۽ حيدراباد ۾ گذاريا ان ڪري ھن وٽ سنڌي ٻولي جو سري لھجو (شڪارپوري، ساکرو)۽وچولي جو لھجو ٻئي اثر انداز آھن جنھنجي جھلڪ ھن جي ڪھاڻين شاعري خاڪن مضمونن ۾ پسي سگھجي ٿي ته ھن جي ڳالھائڻ مان به. ھارون پنھنجي ڳوٺ چڪ سان بيحد محبت ڪري ٿو

ان ڪري چڪ جي ترقي ۽ چڪ جي ماڻھن جي معيار زندگي جي بھتري لاء ھن سدائين پئي پاڻ پتوڙيو آھي ۽ چڪ جي چڱائي لاء ٿيندڙ ھر سرگرمي ۾ ڀرپور حصو وٺندو رھيو آھي، ھن چڪ جي ماڻھن کي جيڪي مختلف ڪمن ڪارين نوڪرين يا ٻئي ڪنھن سبب ٻاھر رھن ٿا انھن سڀني کي گڏ ڪرڻ ۽ عيد براد تي سڀني کي ميڙڻ جا سعيا ڪندو رھيو آھي، چڪ ۾ علمي ادبي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاء چڪ ادبي سنگت ۽ س ا س سان به سلھاڙيل آھي ۽ شاھ لطيف لائبرري به ھن ۽ سندس ساٿين جو ڪارنامو آھي

ھارون سائين جي ايم سيد۽ شھيد الله بخش سومري جو نظرياتي عاشق آھي سنڌ کان پوء سندس عشق جو محور ھي ٻئي شخص آھن ھو ھو صوفي خيالن جو سٻاجھو شخص آھي، ھنباه جي صوفين کان متاثر ھرھڪ بنا ڪنھن ڀيد ڀاو جي محبت ڪندڙ سائين کي سمجھڻو ھجي ته ساڙي تراء، ۽ داسي ٻائي جي قاتلن کان ھڪ مطالبو پڙھڻ گھرجي سندس مقالا فيض دريا، حق محبوب سائين سندس شخصيت کي ايئن نکاري اڳيان آڻين ٿا جو سندس اندر جا سڀ اولڙا جرڪي ٿا پون سچ ته اھو آھي ته سائين ھارون سراپا سچ آھي پنھنجي چترن جيان ڪھاڻين ڪوتائن جيان

ھن کي پيار ڪرڻ ۽ پوڄڻ تي به دل چوندي آھي ان ڪري ڪڏھن ڪڏھن ھارون صاحب جا کھرا جملا ۽ رھڙون به امرت رس لڳنديون آھن

شال سدائين پنھنجي ھاتڪ، نياڻين پوٽاڻ ڏوھٽاڻ سان ڪٽنب سان ۽ سنڌ سان خوش وخورم رھي ۽ سنڌ جيان سدائين سائو شاد آباد رھي.

 

(ماھوار نئون نياپو ڪراچيءَ جي مئي ۲۰۰۹ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا