غلام حسين نظاماڻي
لطيف سائينءَ جو عاشق ۽ صوفي
فقير
فقير حاجن نظاماڻي
صوفي فقير غلام
حسين نظاماڻي، جي ولادت ۱۹۳۶ع ۾ پير بخش نظاماڻي جي گھر ۾ ڳوٺ بخشو نظاماڻي ۾ ٿي، جيڪو لڳ سئي قندر شاخ
۽ ھن وقت تعلقو ٽنڊو آدم، ضلعي سانگھڙ ۾ آھي، صوفي فقير غلام حسين نظاماڻي جو وصال
خميس جي ڏينھن ۹ ذوالقعد، بمطابق ۲۲، ۱۱، ۲۰۰۷ع تي ٿيو، سندس آخري آرامگاھ معصوم شاھ جي مقام ۾ آهي جيڪو
ڳوٺ بخشو نظاماڻي جي لڳو لڳ آھي، قديم ڳوٺ بخشو نظاماڻي جي آبادي، نظاماڻي، رانا، رانگڙ،
(اردو) ڳالھيندڙن، خاصخيلي ۽ واڍا، مينگھواڙ وغيره تي مشتمل آھي، اُھي برادريون پاڻ
۾ پيار محبت سان ھن ڳوٺ ۾ رھن ٿيون، صوفي فقير غلام حسين نظاماڻي ابتدائي تعليم، ڳوٺ
ڪَرن وساڻ ۾ حاصل ڪئي، فائنل ڪرڻ جي لاءِ ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ ويو، پاڻ مونکي ٻڌائيندو
ھو ته فائنل جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سندس مدد سخي حاجي حيدر خان نظاڻي تمام گھڻي ڪئي
ھئي، رھائش، کاڌو پيتو، ايتري تائين جو بَتي گاسليٽ جي، جو گاسليٽ به روز انه جي
بنياد تي ملندو ھو، ڪپڙا عيد جي خرچي پڻ ڏني ويندي ھئي، جنھن وقت ۾ حاجي حيدر خان
نظاماڻي وٽ ۶۰ کان مٿي مسافر ٻار تعليم جي حصول لاءِ نجي ھاسٽل ۾ رھندا ھئا، انھن
کانسواءِ ڏينھن جو آس پاس جا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچي شام جو پنھنجي ماڳن تي موٽي
ويندا ھئا، انھن ٻارن جي سار سنڀال پڻ رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي جي ذمي ھوندي
ھئي، رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي سخاوت جي لحاظ کان پوري سنڌ، ھنڌ ۾ مشھور ھوندو
ھو، آڌي رات جو به مسافرن کي خواھش مطابق کاڌو ملندو ھو، چون ٿا ته (جنھن جي ماني،
تنھن جي ڪاني) صوفي فقير غلام حسين نظاماڻي فائنل جو امتحان، ڪرم خان نظاماڻي مان
پاس ڪري، ۱۹۶۳ع ڌاري پرائمري استاد جي ٽريننگ مٺياڻي ڪاليج مان حاصل ڪئي ھئي، پرائمري
استاد جي پيشي سان وابسطه ٿي ويا، سب کان پھرين صوفي فقير غلام حسين نظاماڻي
عبدالوحد ٻرڙا، تعلقه ھالا۾ استاد ٿيو، ان کان پوءِ ڪَرن وساڻ جي ڳوٺ ۾ به استاد ٿي
آيو جتي پاڻ پرائمري پڙھي ويو ھو، پوءِ صوفي فقير غلام حسين ڪنھن کپري جي اسڪول ۾
رھيو، ان کانپوءِ ڳوٺ سبڙ ڏاھري ۾ رھيو، شير خان لغاري لڳ شھدادپور ۽ پوءِ آخر ۾
پنھنجي ڳوٺ بخشو نظاماڻي ھيڊ ماستر ٿي ريٽائرمينٽ ورتي ھئائين.
صوفي صاف ڪيو، ڌوئي
ورق وجود جو،
تنھان پوءِ ٿيو، جيئري
پسڻ پرين سين.
بابا سائين فقير
غلام حيدر نظاماڻي جو فقير غلام حسين نظاماڻي جي وڏڙن سان تعلق ضرور ھو پر ويجهڙائپ
گھڻي ڪان ھئي پر ادا فقير علي ڏنو سان صوفي فقير غلام حسين سان تصوف جي بابت ڪچھريون
ٿيون جن جي ڪري فقير غلام حسين نظاماڻي اسان جي اوطاق تي اچڻ شروع ڪيو، پيار ۽
خلوص ڀريو پيارو، شفيق انسان اسان سان ائين ملي جلي ويو ڄڻ ته اسان جي گھر جو ڀاتي
ھُجي، ٻارن سان ٻار وڏڙن سان سمجھ ڀريو ٻولڻ، صوفي فقير غلام حسين نظاماڻي جي ڪمال
ڀري خصلت ھئي، بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي سان ملڻ کانپوءِ چوندو ھو ته ابا
حاجن مون تمام گھڻي دير ڪئي فقير غلام حيدر نظاماڻي سان ملڻ ۾، مونکي ڪجھ وقت اڳ
ملڻ گھرجي ھا ته منھنجي زندگي بدلجي وڃي ھا، اِھا مونسان فقير دلي ڪچھري ھڪ دفعي ڪئي
ھئي، جنھن وقت اسان وٽ صوفي فقير غلام حسين نظاماڻي اچڻ لڳو ھو ان وقت فقير تعليم
کاتي مان رٽائرڊ ٿيل ھئا، فقير غلام حسين نظاماڻي جي بيعت فقير تاج الدين جي ھٿ تي
ٿيل ھئي، جيڪو ملتان جو رھاڪو ھو، تاج الدين فقير جو تعلق قادري طريقي سان ھو، فقير
صوفي غلام حسين نظاماڻي کانسواءِ به ٻيا ڪيترائي مريد ڳوٺ بخشو نظاماڻيءَ ۾ فقير
تاج الدين جا مريد ھئا، ان سان گڏوگڏ شھدادپور شھر ۾ پڻ فقير تاج الدين جا مريد
رھندا ھئا، ھڪ دفعي فقير ڳالھ ڪئي ته پنھنجي مرشد تاج الدين کي چيم ته سائين مونکي
دُعا ڪريو سڄي ڳوٺ وارن وٽ زرعي زمين آھي، مونکي به ملي وڃي، فقير غلام حسين کي
سندس مرشد وراڻيو ته اوھان وٽ ڪا به زرعي زمين ناھي ڇا ڀلا؟ جنھن تي مون انڪار ڪيو
ته مون وٽ ھڪ ايڪڙ به ناھي، فقير تاج الدين يڪدم مونکي حڪم ڏنو ته غلام حسين ھن
وقت وضوع ڪري نماز نفل ادا ڪر، زمين جي ھڪ ھڪ اوڙ جو، ھڪ ھڪ ٻوٽي جو حساب رب سائين
کي ڏيڻو پوندو، باقي روزي اللّه کي ڏيڻي آھي ضرور ڏيندو زندگي گذري ويندي، پکين جي
به ڪا زمين ناھي، نه پئسا اٿن، رزق ان کي به ملي پيو، توڪل جا ٻيڙا پار ھوندا آھن،
انھيءَ رب پاڪ تي توڪل ڪجي ته سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو. صوفي فقير غلام حسين، ٻڌائيندو
ھو ته ھر جمع جي رات لطيف سائين جي درگاھ تي پيدل حاضري ڀريندا ھئاسين، ھي دور
فقير محمد ابراھيم خاصخيلي وارو دور ھو، ھن دور کي لطيفي راڳ جو سونھري دور پڻ ڪوٺيو
ويندو ھو. بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ سان ڪچھري تي ھر جمع رات صوفي فقير
غلام حسين ايندو ھو پر ڪو اھڙو ھفتو ھوندو ھو ته ٻه يا ٽي دفعا به اچي ويندو ھو، فقير
غلام حسين جي بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي سان روحاني محبت ھوندي ھئي، فقيرن
جي روحاني رمزن کي سمجھڻ لاءِ به فقيري جو علم درڪار ھجي ٿو، جنھن کي فقير ڄاڻن ٿا،
صوفي فقير غلام حسين نظاماڻي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ عربي، فارسي، اردو، سرائيڪي، پنجابي
ٻولين جو به ماھر ھو، فقير غلام حسين نظاماڻي جي شاعريءَ جو ڪتاب اڃان تائين ڇپجي
نه سگھيو آھي، پر ان ڪتاب تي ڪم جاري آھي، جنھن ۾ فقير غلام حسين پنھنجو تخلص ڪٿي ڪٿي
انور علي به استعمال ڪيو آھي.
لھج سيد تون سگھڙي
سار، اٿم آسرو تنھنجو دلدار،
ھمت ڏيج تون ھادي، آھين
ڪُل پيرن تون گادي،
آئون گناھن جو
آھيان عادي، ڪر ڪرم تون ڪلتار.
عبيدارن جا عيب ڍڪائين،
پنھنجي دامن ۾ پيارا لڪائين
ثابت سھڻل تون، سير
لنگھائين،
گداگر غلام حسين جو
ٻيڙو ڪر تون پار.
بابا سائين فقير
غلام حيدر نظاماڻي ۽ فقير غلام حسين نظاماڻي جنھن وقت لطيف سائين جا بيت جلال ۾ گڏجي
ويھي پڙھندا ھئا ته محفل ۾ ويٺلن ماڻھن مٿان روحاني ڪفيت طاري ٿي ويندي ھئي، ھر
اُھا محفل يادگار ٿي ويندي ھئي، فقير غلام حسين نظاماڻي تذڪره غوثيه ڪتاب ۽ تذڪرت
اوليا ڪتاب جا قصا ٻڌائيندو ھو، بابا سائين انھن قصن سان گڏ لطيف سائين جا بيت پڙھندا
ھئا، فقيرن جا الفاظ دلين تي راج ڪرڻ لڳندا ھئا، بابا جي وفات کانپوءِ فقير غلام
حسين، ادا علي ڏنو نظاماڻي سان گڏ گھڻو وقت گھاريندو ھو، بابا جي وصال کانپوءِ
فقير اسان وٽ گھڻو وقت ڏيڻ لڳو ھو، ھمت ۽ حوصلي ڏيڻ جو گُر ڪو صوفي فقير غلام حسين
نظاماڻيءَ کان سکي ھا، ھر وقت ٻين جي لاءِ پتوڙيندو رھندو هو، ھن آرٽيڪل لکڻ وقت
ائين لڳي رھيو آھي ته شايد صوفي غلام حسين نظاماڻي منھنجي ڪٿي آس پاس موجود آھي، پر
افسوس سان چوڻو پئجي ٿو ته فقير کي ظاھري طور الڳ ٿئي پندرھن سال گذري ويا آھن.
ھر سال جيان صوفي
فقير غلام حسين نظاماڻي جي پندرھين ورسي فقير صوفي علي ڏنو نظاماڻي (صدر صوفي
فائونڊيشن)، فقير صوفي غلام حسين نظاماڻي جو اولاد، فقير جي برادر، دوست ۽ صوفي
فقير غلاحسين نظاماڻي جا سوين مريد ۹ ذوالقعد جي شام جو گُلن جي چادر چاڙھيندا آھن، جتي راڳ
ويراڳ جي محفل پڻ ڪندا آھن، ان کانپوءِ سڄي رات صوفياڻي راڳ جي محفل فقيرن جي چانڊاڻ
سان ھلندي آھي، لطيف سائين جي روحاني پيروڪار فقير غلام حسين نظاماڻيءَ جو اولاد
ساڳي تصوف جي ريت کي قائم رکيو اچي، بي شڪ انھن ماڻھن جون رب پاڪ قبرون روشن ڪري
دنيا کي حق جو پيغام ڏنو آھي، جيئن لطيف سائين جي ھن بيت ۾ اسان جي لاءِ مثال آھي
ته،
ساري رات سبحان، جاڳي
جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف
چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو
آسڻ ان جي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا