; سنڌي شخصيتون: پروفيسر احمد علي شيخ

24 June, 2022

پروفيسر احمد علي شيخ

پروفيسر احمد علي شيخ

حيدرآباد بار جي سينئر قانوندان جو وڇوڙو

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ



ترجمو: بيشڪ هر انسان کي موت جو ذائقو چکڻو آهي (القرآن) قادر جي قدرت سان خلقيل هن دنيا ۾ روزانو لکين انسان پيدا ٿي امڙ جيجل جي هنج وٺن ٿا ته گڏوگڏ انهي قادر جي خلقيل قدرتي نظام تحت لکين ماڻهو ساڳئي وقت پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي ملن ٿا. رب جي قدرت سان انسان ماءُ جي پيٽ ۾ تخليق جي مرحلن مان گذرڻ بعد هن فاني دنيا ۾ جنم وٺي ٿو ۽ لکين ۽ اڻ ڳڻين سببن جي ڪري مٽيءَ ماءُ سان ملي ٿو وڃي، اِهو قدرت جو نظام ۽ قانون آهي، جنهن جو قلم ۽ فيصلو الله رب العزت جي لوح قلم ۾ آهي. رب جي خلقيل انسان ذات جنهن کي مالڪ سائين مٿي جي وارن کان پيرن جي ننهن ۽ ترين تائين نوازيو، تنهن کي اِهو فيصلو قبولڻو پوي ٿو. ساڳي طرح هڪ نامياري شخصيت، قانوندان ۽ استاد پروفيسر احمد علي شيخ به انهن هيرن مان هڪ هو، جنهن جي وڇوڙي کي تسليم ڪرڻو پئجي ويو، پر جسماني طور سندس ڪردار امر بڻيل آهي. ان وقت منهنجي ذهن تي قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي، جڏهن سندس وڇوڙي جو ٻُڌو، اهڙي دل ڏکوئيندڙ ۽ جيءُ جهوريندڙ خبر رب جي رضا سمجهي هر انسان جيئان قبولڻي پوي ٿي. ڪاش انهي ڇنڇر جي رات جڏهن منهنجي مهربان استاد پروفيسر احمد علي شيخ کي پنهنجا پٽ اسپتال کڻائي آيا ته شايد ان چند گهڙين کان آئون باخبر هجان ها ته ماضي وانگر هميشه جيان زندگي جا ڪجھ لفظ شيئر ڪندي سندن وصيت به وٺان ها، خدا کي حاضر ناظر رکي چوان ٿو ته احمد علي شيخ پنهنجي اولاد جيان مون سان پيار ڪيو، اڄ سوڌو حيدرآباد بار جا اڪثر وڪيل مون کي احمد علي شيخ جو پٽ سمجهي شيخ صاحب ڪري ڪوٺيندا آهن، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”تاڙي هڪ هٿ سان ڪونه وڄندي آهي”جيترو سائين احمد علي شيخ مون سان پيار ڪيو اوترو پاڻ به نڀائي ڏيکاريو.


ايشيا جي وڏي نامور بار ۽ ٿڌڙين هوائن واري شهر حيدرآباد جي مکيه علائقي واڍن جو پڙ کاهي روڊ واري علائقي سان تعلق رکندڙ نامور قانوندان پروفيسر احمد علي شيخ به هڪ مڃيل ۽ قابل ترين وڪيل به هن بار لاءِ نه وسرندڙ خال پيدا ڪري وڃي خالق حقيقي سان مليو، مون وڪالت جا ۱۱ سال سائين سان گذاريا، جيڪو سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال هو، پاڻ ۲۶ جون ۱۹۴۰ع تي مرحوم محمد هاشم شيخ جي گهر ۾ اک کوليائون، سائين پنهنجي پرائمري کان ماسٽرس ڊگرين تائين تعليم حيدرآباد جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن مان حاصل ڪيائون، گڏوگڏ سائين احمد علي شيخ پنهنجي جواني کان وٺي انهي بدقسمت ڏينهن ڇنڇر تيرنهن نومبر تائين وڪالت جي مهذب پيشي سان سلهاڙيل رهيا، وڇوڙي وقت هن جي عمر لڳ ڀڳ ۸۳ سال هئي، ڇوته هلندڙ سال جڏهن ۲۶ جون هئي ته مون پنهنجي مهربان سائين کي صبح سوير جڏهن سالگرھ جون مبارڪون ڏنيون ۽ اِهو به مسڪرائيندي پڇيو هو ته سائين ڀلا ماشاءَ الله هي ڪائين سالگرھ آهي، سائين وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته ڇو نظر هڻندي ڇا ته؟ مون جواب ۾ چيو ته سائين اولاد جي نظر ڪونه لڳندي آهي ته هن ٻڌايو ته اڄ مون کي ۸۳ سال پورا ٿيا آهن پر توهان کان پهريان مون کي بئنڪاڪ مان لال سائين جيڪو احمد علي شيخ جو ڪلاس فيلو رهيو آهي، تنهن به صبح سوير ڪال ڪري توهان جيان ياد ڪندي ڏاڍو پيار ڏنو اٿس ۽ دعائون به ورتيون اٿم.

پروفيسر احمد علي شيخ وڪالت جي مهذب پيشي کي لڳ ڀڳ ۵۰ سال ارپيا، آئون جيڪڏهن پنهنجي مهربان سينيئر استاد جي قابليت تي ڪجھ لکندس ته شايد ڪجھ پڙهندڙ اُن کي خوش آمدي لفظن جي معنيٰ به ڏئي سگهن ٿا، ايترو ضرور عرض ڪندس ته منهنجي سائين جي ڪيس هلائڻ، معزز ججن اڳيان دليل پيش ڪرڻ، سول ڪيس، ڪرمنل توڙي جو روينيو ڪيس ۾ دليل ڏئي عدالت کي متوجھ ڪرڻ جو باب پوري دعويٰ ۽ يقين سان چوندس ته هن بار جو ڇنڇر ڏينهن کان بند ٿي چُڪو آهي. اهڙي حقيقت کي هر باضمير بخوب ڄاڻي ٿو، پاڻ جڏهن ڊائيس تي ڪيس هلائڻ لاءِ بيهندو هو ته اڪثر جج صاحبان احمد علي شيخ جي انگريزي ٻولي جا لفظ سمجهڻ ۽ سکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جنهن جو واضح ثبوت اِهو آهي ته مون ڪيترن ئي ججن جي زبان مان سائين سان ملاقات ٿيندي ٻڌو هُو ته سائين شيخ صاحب اڄ اسان حيدرآباد ڪورٽ مان بدلي ٿي ٻئي هنڌ ته وڃو ٿا پر سائين اسان اوهان مان اُهي انگريزي جا لفظ ٻڌا ۽ سکيا، جيڪي ڪڏهن پڙهيا به ڪونه هُئا. انهن جملن سان پڙهندڙ سمجهي سگهن ٿا ته احمد علي شيخ جي قانوني ٻولي انگريزي مٿان ڪيتري گِرپ ٿي سگهي ٿي، ڪيسن هلائڻ دوران پاڻ ڪڏهن به سنڌي يا اردو ٻولي استعمال ڪونه ڪندو هو ۽ هميشه مون سائين جي زبان مان اِهو ئي ٻڌو ته عدالتون سڀ برابر آهن. اُها عدالت هاءِ ڪورٽ جي هجي يا سول جج جي عدالت هجي، عدالت عظميٰ يا اعليٰ عدالت توڙي جو مئجسٽريٽ جي عدالت هجي، سڀني معزز ججن کي برابر جي عزت ۽ احترام کي يقيني بڻائڻو آهي، هن جي قابليت ايمانداري، سچائي، مخلصي ۽ وفاداري جو ڪهڙو مثال ڏجي، آئون تمام گهڻ رُخن مثالن کان هٽي ڪري مون کي اُها سياري جي ٿڌڙي صبح به ياد آهي، جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪنهن صبح سوير ساڍي اٺين وڳي هڪ ايمرجنسي ڪيس لڳل هو، آئون به هميشه پنهنجي سينيئر جي پهچڻ کان پهريان اچي انتظار ڪندو هئس، ڇو ته هن جي عمر جي تقاضا جي حساب سان مون کي هر طرح خيال رکڻو هوندو هو. هڪڙي ڀيري سائين سوير جو پهتو ۽ ڪيس هلائڻ کانسواءِ چانھ پيئڻ جي رڪشا تي وڃڻ روانا ٿيڻ لڳو ته مون چيو ته سائين ايتري ٿڌ پئي آهي، ڏاڍو ڪوهيڙو به هو، هلو ته بار ۾ ويهي چانھ ٿا پيئون يا هتي ڪينٽين تي ويهون ٿا ته فورن سائين جي اکين مان لڙڪ اچڻ شروع ٿي ويا ۽ مون چيو ته سائين ڇو ڀلا خير آهي، پاڻ فرمايائون عبيد صاحب آئون وڃان ٿو رات منهنجي وڏي پٽ محمد علي کي پنجن ڌيئرن کان پوءِ پُٽ ٿيو، جيڪو فوت ٿي ويو آهي. جنهن جي تدفين به ڪرائڻي آهي، اِها ڳالھ ڪنهن کي به نه ٻڌائجو، بس جيئن رب جي رضا. آئون حيران ٿي ويس ۽ عرض ڪيو ته پوءِ سائين اوهان ڇو اچڻ جي تڪليف ڪئي، آئون ايمرجنسي ڪيس هلائي تاريخ وٺي ڇڏيان ها. تنهن تي سائين احمد علي شيخ چيو ته بابا رات ڪلائينٽ ويچارو ڪيترو پري کان آيل هو، تنهن سان اچڻ جو ٽائيم رکيل هو، نه اچڻ سٺي ڳالھ نه هُئي، بس رب جي رضا هي پنهنجي ڊيوٽي آهي. سا ايمانداري سان نڀائي اٿم ۽ ڪوشش ڪجي ته پنهنجي فرض نڀائيندي سائلين سان سچو ثابت ٿي رهجي.

يقين ڄاڻو ته آئون حيران ٿيندو رهيس ته هي آهي اصل فرض شناسي، هن مهذب پيشي سان سلهاڙجي سچو ثابت ٿي رهڻ ئي ايمانداري آهي، اڳ جا مهذب وڪيل گهرن ۾ پيل پنهنجن پيارن جا مڙھ رکي عدالتي فرض نڀائيندا هُئا، يقينن مون وٽ پنهنجي مهربان ۽ همدرد استاد پروفيسر احمد علي شيخ جي ڪردار ۽ ڪيل خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لفظن ناهن، بهرحال، اهڙي عظيم شخصيت کي ڪهڙي لفظن سان ڀيٽا پيش ڪريان، الله رب العزت کان دعا اٿم ته هو اهڙي هر دلعزيز استاد وڪيل احمد علي شيخ جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صدمو سهڻ جي توفيق ڏي. (آمين)

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


پروفيسر احمد علي شيخ ڪير سڏائي!

عبدالوھاب منشي

هن شخص تي لکندي منهنجي سوچ ۽ منهنجو قلم منهنجو ساٿ نه ٿو ڏئي، منهنجي اکين مان ڳوڙها هن وقت ايئن وهي رهيا آهن، جيئن پنهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشي جي وفات کانپوءِ پهريون ڀيرو سندس تي ڪالم لکڻ وقت منهنجي اکين مان وهي رهيا هيا، هن ماڻهو سان پهريون منهنجا اختلاف ٿيا، پوءِ مان هن جو شاگرد بڻيس ۽ پوءِ ساڻس دوستي ٿي وئي. دوستي به اهڙي دوستي جو سنڌ لا ڪاليج جي پرنسپل جي ڪمري ۾ منجهند جي ماني وڏي عرصي تائين روز کائيندا هياسين، ڪڏهن اتي جسٽس غلام رباني، مظفر صادق ڀٽي، نعمت الله سومرو، علي محمد چنا، مسعود احمد جماڻي، اياز لطيف پليجو به اچي ويندا هئا، انهن سڀني ۾ ننڍي عمر جو مان هئس، هن مونکي پنهنجن پٽن محمد علي شيخ ايڊووڪيٽ، حيدر علي شيخ وانگي هميشه عزت ڏني، هن مون تي اصلاحي تنقيد به ڪئي، ته منهنجي رهنمائي به.

پروفيسر احمد علي شيخ جي ذات جا ٻه پاسا هيا، هڪ هو قابل وڪيل، خاندانن تي عبور رکندڙ سٺي پوشاڪ پهريندڙ انسان، ٻيو پاسو سندس شخصيت جو مولا علي عليه السلام جو يگانو فقير هجڻ، هو جتي عام ڏينهن ۾ لاجواب ڊريسنگ ڪندڙ، ڪوٽ پينٽ وارو ۽ هٿ ۾ سگار جو منفرد انداز وارو ماڻهو هو، ايترو ئي اسان هن کي محرم الحرام جي چاليهن ڏينهن ۾ مولا جي عزاداري، ماتمي قافلن ۾ کائي روڊ کان مولا علي جي قدم گاھ تائين پنڌ هلندي ڏٺو، منهنجي ساڻس ويجهڙائي ڪا ۱۵ سال پراڻي هئي.

اهو ۲۰۰۶-۲۰۰۷ع جو دور هو، مان پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪري سوچيو ته ڇو نه ايل ايل بي ڪريان، هونئن به منهنجي آزاد سوچ مونکي ڪڏهن نوڪري جو قيدي بڻجڻ نه ڏنو، انهيءَ لاءِ مان جڏهن به ڪنهن اخباري اداري ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيو، ڪالم نگاري شروع ڪئي ته اتي به پنهنجي ڳالھ، عزت نفس جو خيال ۽ ڪنهن جي غلط ڳالھ ڪڏهن قبول نه ڪئي. خير وڪالت پڙهڻ جو شوق ٿيو، مون پنهنجي گهر جي آڏو لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پوءِ شيخ صاحب کي اسان هڪ شفيق استاد واري روپ ۾ ڏٺو.

احمد علي شيخ صاحب سان گڏ هڪ سٺو دور گذريو، کيس ادبي دنيا ۽ مطالعي تي عبور هئو، روزانو صبح ڊان اخبار، پوءِ وڪالت، پوءِ جڏهن هو سمورين اخبارن جا ايڊيٽوريل پيج جا ڪالم پڙهي آڏو ويٺل کي جيڪا معلومات ڏيندو هو، سا سندس ڪچهري ٻڌي مان حيران ٿي ويندو هئس ته کيس حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي اصل خاندانن جي جيڪا معلومات هئي، اها هن دور ۾ تمام گهٽ ماڻهن ۾ نظر ايندي آهي، شيخ صاحب پنهنجي طبيعت ۾ کرو ۽ بهادر انسان هو، هو ڪڏهن ڪنهن به ماڻهو آڏو رک رکاءُ نه ڪندو هو، جيڪو سچ هوندو هو منهن تي چئي ڏيندو هو.

هڪ ڀيري عمران خان شايد ۲۰۰۶ع ۾ معراج محمد خان سان گڏ اسانجي گهر ڪجھ مخصوص دوستن سان گڏ لنچ تي آيو، اڃا ڪچهري هلندڙ هئي ته عمران خان، احمد علي شيخ صاحب کي ٻڌي کيس پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، شيخ صاحب سندس ٿورو مڃيندي چيو اوهان جي پارٽي ۾ هڪ ڪم وارو ماڻهو معراج محمد خان آهي، باقي سڀ کير پياڪ ٻارن جو گروپ آهي، اوهان سنڌ جي معاملي تي سنجيده ٿيو ته اسان اوهان جي حمايت ڪنداسين ڇو ته پنجاب ۾ اوهان ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪريو ٿا ۽ سنڌ ۾ مخالفت اهڙو ٻٽو موقف سياست ۾ نه ٿو هلي سگهي، اڃا شيخ صاحب ڳالھ هلي رهي هئي ته ته عمران خان ان وقت پي ٽي آءِ جي صدر زبير خان ۽ ڊاڪٽر صمد لبيا واري کي هدايت ڏني ته ۱۵ ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڪانفرنس رکو ۽ سڀني پارٽين کي دعوت ڏيو، عمران خان ان ڪانفرنس ۾ پاڻ شرڪت ڪندو، پوءِ ان ڪانفرنس جو بندوبست انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ٿيو، ۽ موسم خراب هئڻ باوجود عمران خان اسلام آباد کان حيدرآباد آيو، ۽ اسان ڪالاباغ ڊيم خلاف مشرف دور ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي،

احمد علي شيخ بنيادي طور تي سنڌ ڌرتي جو سچو پٽ هو، اسان کيس سدائين هر قدم تي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشين ۾ پهرين صف جي گمنام سپاهي وانگر ڏٺو، کيس ڏيکاءُ ۽ اداڪاري جي هٿرادو دنيا کان سخت نفرت هئي، هو مونکي اڪثر چوندو هو ته تون جيڪو ڪم ڪندين، تاريخ ان جو فيصلو پاڻ ڪندي، جڏهن ايم ڪيو ايم جو دهشتگردي جو زور اوج تي هو، ته هي ايم ڪيو ايم الطاف جو سخت مخالف هو، هن کي ان شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ جي خبر هئي.

هڪ ڀيرو مونکي عوامي آواز ۾ ڪو ڪالم لکڻو هو، شيخ صاحب ان ڪالم جو پروف پڙهي رهيو هو، مونکي چيائين توکي خبر آهي، ايم ڪيو ايم جسٽس غلام رباني جي فيملي سان لساني جهيڙن ۾ ڇا ڪيو، پوءِ هن مونکي جسٽس غلام رباني جي فيملي سان پڪي قلعي تي الطاف حسين مافيا جا ظلم ڏيکاري ته ڪهڙي طرح سندس گهر تي قبضو ڪري سڄو مال ۽ سامان چوري ڪيو ويو، اهو هڪ ظلم جو داستان به شيخ صاحب جي ذريعي مون لکيو.

شيخ صاحب يارن جو يار ۽ هڪ سچو انسان هو، جيڪو پنهنجي دوستن ۽ واسطيدارن لاءِ ڪنهن شفيق انسان کان گهٽ نه هو، احمد علي شيخ صاحب منشي هائوس تي هر دعوت ۾ پهرين مهمان طور پهچي ويندو هو، هڪ اهو ۽ ٻيو مرحوم ڪامريڊ ڄام ساقي هو جيڪي منهنجي هر محفل ۽ ڪچهري جا پاڻ ئي ميزبان بڻجي ويندا هئا.

هي سنڌ جي ماڻهن جو درد رکندڙ انسان هو، هو پڪو پاڪستاني هو، جيڪو ڪڏهن رنگ، نسل، مذهب ۽ ڌرم تي يقين نه رکندو هو. هڪ ڀيري عيد جي ٻئي ڏينهن پاڪستان جي مشهور شاعره، اديب، دانشور فهميده رياض پنهنجي ڀيڻ جي گهر ٽنڊي يوسف کان ڪال ڪيائين ته رات جي ماني مونکي تو وٽ کائڻي آهي، مان اوچتو ئي اوچتو ڪجھ دوستن اياز لطيف پليجو، صحافي مهيش ڪمار، جعفر ميمڻ، ڊاڪٽر دودو مهيري، پروفيسر احمد علي شِيخ، ايم پرڪاش، نعيم ملڪ ۽ ڪجھ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ دوستن کي گهرايو، ڪچهري هلندڙ هئي ته پتو پيو چڪ شهزاد واقعي ۾ ڪنهن وڏيري ٽن هندو ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي ڪندي قتل ڪري ڇڏيو، هيڏانهن اياز لطيف پليجو قومي عوامي تحريڪ جو نئون صدر بڻيو هو، اتي ئي اياز تجويز ڏني ته سڀاڻي پريس ڪلب حيدرآباد جي ٻاهران ڊاڪٽرن جي قتل تي احتجاج ۽ علاج بک هڙتال فهميده رياض جي اڳواڻي ۾ ڪئي ويندي، مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اتي به سڀ کان اڳ ۾ پروفيسر احمد علي شيخ پهتو، جيڪو وقت جي پابندي جو قائل هوندو هو، ۽ آخر ۾ پنهنجي پاران سڀني شريڪ ٿيندڙن کي پريس ڪلب جي ڪينٽين تي چانھ جي دعوت ڏني، هي ماڻهو پنهنجي دسترخوان جو سخي هو، اسان اڪثر جيمخاني ۾ ڪنهن نه ڪنهن مهمان کي گهرائيندا هيائسين ۽ شيخ صاحب کي ميزباني ۾ ڪڏهن به ارهو نه ڏٺوسين.

هو زندگي جي آخري ڏينهن ۾ به هن دنيا مان ٺهي سنڀري پنهنجي رب جي بارگاھ ۾ پهتو، مونکي الله اها سعادت ڏني، سندس زندگي جي آخري رات ۾ به مان ۽ هن جا پٽ جيجل ماءُ اسپتال ۾ ساڻس گڏ هئاسين، کيس ڏسي مونکي اندازو ٿيو ته هو موڪلاڻي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، نيٺ هو فاني دنيا کي الوداع چوندي ۱۳ نومبر جي صبح پنهنجي مولا جي بارگاھ ۾ پهچي ويو، واقعي احمد علي شيخ ڪير سڏائيندو، پر اسان دعاگو آهيون، الله پاڪ سندس پٽن محمد علي شيخ ۽ حيدر علي شيخ کي پنهنجي والد جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ مرحوم جي آخري منزل کي آسان فرمائي آمين.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ۽ ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا