; سنڌي شخصيتون: پروفيسر احمد علي شيخ، ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ، عبدالوھاب منشي،
Showing posts with label پروفيسر احمد علي شيخ، ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ، عبدالوھاب منشي،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر احمد علي شيخ، ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ، عبدالوھاب منشي،. Show all posts

24 June, 2022

پروفيسر احمد علي شيخ

پروفيسر احمد علي شيخ

حيدرآباد بار جي سينئر قانوندان جو وڇوڙو

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ



ترجمو: بيشڪ هر انسان کي موت جو ذائقو چکڻو آهي (القرآن) قادر جي قدرت سان خلقيل هن دنيا ۾ روزانو لکين انسان پيدا ٿي امڙ جيجل جي هنج وٺن ٿا ته گڏوگڏ انهي قادر جي خلقيل قدرتي نظام تحت لکين ماڻهو ساڳئي وقت پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي ملن ٿا. رب جي قدرت سان انسان ماءُ جي پيٽ ۾ تخليق جي مرحلن مان گذرڻ بعد هن فاني دنيا ۾ جنم وٺي ٿو ۽ لکين ۽ اڻ ڳڻين سببن جي ڪري مٽيءَ ماءُ سان ملي ٿو وڃي، اِهو قدرت جو نظام ۽ قانون آهي، جنهن جو قلم ۽ فيصلو الله رب العزت جي لوح قلم ۾ آهي. رب جي خلقيل انسان ذات جنهن کي مالڪ سائين مٿي جي وارن کان پيرن جي ننهن ۽ ترين تائين نوازيو، تنهن کي اِهو فيصلو قبولڻو پوي ٿو. ساڳي طرح هڪ نامياري شخصيت، قانوندان ۽ استاد پروفيسر احمد علي شيخ به انهن هيرن مان هڪ هو، جنهن جي وڇوڙي کي تسليم ڪرڻو پئجي ويو، پر جسماني طور سندس ڪردار امر بڻيل آهي. ان وقت منهنجي ذهن تي قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي، جڏهن سندس وڇوڙي جو ٻُڌو، اهڙي دل ڏکوئيندڙ ۽ جيءُ جهوريندڙ خبر رب جي رضا سمجهي هر انسان جيئان قبولڻي پوي ٿي. ڪاش انهي ڇنڇر جي رات جڏهن منهنجي مهربان استاد پروفيسر احمد علي شيخ کي پنهنجا پٽ اسپتال کڻائي آيا ته شايد ان چند گهڙين کان آئون باخبر هجان ها ته ماضي وانگر هميشه جيان زندگي جا ڪجھ لفظ شيئر ڪندي سندن وصيت به وٺان ها، خدا کي حاضر ناظر رکي چوان ٿو ته احمد علي شيخ پنهنجي اولاد جيان مون سان پيار ڪيو، اڄ سوڌو حيدرآباد بار جا اڪثر وڪيل مون کي احمد علي شيخ جو پٽ سمجهي شيخ صاحب ڪري ڪوٺيندا آهن، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”تاڙي هڪ هٿ سان ڪونه وڄندي آهي”جيترو سائين احمد علي شيخ مون سان پيار ڪيو اوترو پاڻ به نڀائي ڏيکاريو.