; سنڌي شخصيتون: نصير سومرو

23 June, 2022

نصير سومرو

نصير سومرو

جنھن وٽ سائنس، فلسفو ۽ تخليق گڏجندا آهن

رکيل مورائي



مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئر ۽ هنڱورجا جي مذهبي عالم الھ بخش سومري جو شاعر پٽ نصير سومرو هڪ طرف اڌ درجن ڪتابن جو ليکڪ آهي، جن ڪتابن ۾ ڪجھ نثر جا ڪتاب به آهن ته ڪجھ نظم جا ڪتاب به آهن، پر سڀ کان اول ۽ آخر نصير اسانجو دوست آهي، سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري ته آهي ئي پر سندس نثر به اهڙو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ادبي طور نثر توڻي نظم جو هڪ جهڙو مزو هوندو آهي سنجيده پڙهندڙ لاءِ سندس هر نثري توڻي نظماڻي لکڻيءَ ۾ هڪ فلسفي، هڪ سائنسدان ۽ هڪ شاعر سان گڏ هڪ ويچارڪ هر وقت موجود رهندو آهي. اهڙو مشاهدو اسان ڪيترائي ڀيرا ماڻي چڪا آهيون.


ٻئي طرف نصير سومري کي پڙهڻ جو پنهنجو مزو آهي ڇاڪاڻ ته سندس لکڻ لڪير کي ڪٽڻ نه آهي، هن جو لکڻ ادب جي انهن قدرن وارو لکڻ آهي جن قدرن کي عالمي ادبي قدر ڪوٺي سگهجي ٿو. هونئن هر ليکڪ پنهنجي هڪ نجي/شخصي سڃاڻپ سان گڏ هڪ مقامي سڃاڻپ به رکندو آهي، اهو پهرين ان ٻوليءَ جو ليکڪ هوندو آهي، جنهن ٻوليءَ ۾ سندس پهريون لکڻ هوندو آهي، ان ڌرتي جو هوندو آهي، جيڪا سندس جنم ڀومي هوندي آهي. ان جي تهذيب، ثقافت، تاريخ، ريتون رسمون ان جي لکڻ مان ظاهر ٿينديون آهن ايئن انهن مڙني ڌرتين ۽ ٻولين جي دائري ۾ لکيو ويندڙ ادب اڳتي هلي عالمي ادب بڻبو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سموري لکڻ جا قدر جڏهن مڪانيت رکندي به هڪ جهڙو اظهاريندا آهن ته اهو گڏيل ادب هوندو آهي جيڪو انساني قدرن کي الڳ الڳ حوالن ۾ جوڙيندڙ هوندو آهي ۽ اهائي ان ذات جي گڏيل ميراث آهي.

اها ته پڪ آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به رهندڙ ڪوبه لکندڙ يا هڪ وڌيڪ لکندڙ هڪ جهڙو سوچي سگهندا آهن، ڇاڪاڻ ته انساني ڏک توڻي سک مسئلا توڻي مونجهارا، محبتون توڻي نفرتون ويڙهيون توڻي مصلحتون سڀني انسانن جون هڪ جهڙيون هونديون آهن، اهي اظهار الڳ الڳ ماڻينديون آهن. ڇو ته اهي اظهار ئي اڳتي هلي اسلوب جو درجو حاصل ڪندا آهن ۽ ڪنهن به ليکڪ کي هڪ نجو مرتبو ڏياريندا آهن، جيئن انسانن جا رنگ نسل، ٻوليون، مذهب ۽ وطن ته الڳ هوندا آهن پر کين لڳل گهاءَ مان ٽمندڙ رت جو رنگ مڙني جو ساڳيو ڳاڙهو هوندو آهي بلڪل ايئن ليکڪن جي ٻولي ڀلي ڪهڙي به هجي پر سندن الميا حاصلاتون ۽ حادثا هڪجهڙائي هوندا آهن جن سڀني معاملن کان نصير سومرو واقف آهي. هڪ سائنس جي شاگرد طور به هڪ محسوس ڪندڙ ليکڪ طور به!

ان ڪري نصير سومري جي لکڻ ۾ ڪڏهن به هڪجهڙائي نه هوندي آهي، جڏهن به سندس لکڻي پڙهبي آهي ته اها پنهنجو ساءُ توڻي ساڃاھ کڻي ايندي آهي، ساڳي وقت پنهنجو ويچار توڻي آواز کڻي ايندي آهي، هڪ اهڙو ويچار ۽ اسلوب پنهنجي نجي ملڪيت آهي اهو اسلوب جيڪو سندس همعصرن کان ڪوهين ڏور آهي ممڪن آهي ته اهڙو اسلوب سندس گهڻي مطالعي ڪري هجي ان ڪري مونکي آهي ته هو سنڌ جو اڪثر نوجوان لکندڙ وانگر عطائي ليکڪ بنھ نه آهي پر اهو طئي آهي ته ڪو به ليکڪ جيستائين پنهنجو نجپڻو لکڻ ۾ پيدا نٿو ڪري تيستائين هو ڪو ٽيبل ليکڪ نٿو ٿي سگهي. نصير سومرو ان معاملي ۾ خوشحال آهي. ڇو ته هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکي سگهندو آهي ۽ اها تخليقي انداز واري انگريزي!.

نصير جڏهن به لکيو آهي ته اهو سندس پڙهندڙ لاءِ ڏکيو پل محسوس ڪيو ويندو هجي پر اهو نجو سندس آهي ۽ هر نجو تجربو ڏکيو هوندو آهي. سولو فقط اهو هوندو آهي جڪو سمورو هڪجهڙو لکيو ويندو آهي، ان ڪري نصير کي جنهن به سنجيده پڙهندڙ پڙهيو آهي ان سندس لکڻ مان نه رڳو ماڻيو آهي پر سندس تعريف به ڪئي آهي پر تعريف به آهي جيڪا ناچن جو ڳائڻ ٻڌي جهمير هڻڻ واري هجي!

مونکي گمان ٿيندو آهي ته “توڻي جو ڳالھ اڳ ورجايل آهي پر ڪرڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته اها فيض احمد فيض صاحب جهڙي شاعر جي لکڻ ۽ چوڻ مان ظاهر ٿيل آهي ته “ن م راشد شاعرن جو شاعر آهي؟” ۽ ٻڌندڙ ڀرم ڪلاسيقي موسيقيءَ جو پاليندو هجي.

اسانجي نسل ۾ مونکي گمان آهي ته نصير سومرو” ليکڪن جو ليکڪ” آهي.

ان ڪري کيس پڙهندڙ جي جلسي کان وڌيڪ لکندڙن جي ننڍي ويهڪ وڌيڪ موهندي آهي، جنهن ۾ ادب ۽ شعر تي ڳالهايو ويندو آهي، ڪجھ ڳالهايو ويندو آهي، ڪجھ نئون ڳالهايو ويندو آهي، ڪجھ نئون لکيو ويندو آهي، ڪجھ نئون پڙهيو ويندو ۽ ڪجھ نئون ٻڌو ويندو آهي ان سڀ کي ماڻڻ لاءِ هڪ توفيق گهرجي جيڪا رب هر ڪنهن کي عطا نه ڪندو آهي. اها ڪنهن ڪنهن جي ڀاڳ ايندي آهي نصير ۾ اها ڪمال جي حد تائين موجود آهي. ايئن محسوس ٿيندو آهي. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، کيس اڻ ڳڻيون جنم ڏينهن جو مبارڪون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


محترم نصير سومرو

(سنڌي ٻوليء جي ٻھڳڻي شاعر ۽ ليکڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون)

وحيدمحسن

نصير سومرو بنيادي طور تي شاعر آهي ۽ ان سان گڏ ان کي نثرنويسي ۾ به پنهنجي قدرت حاصل آهي ۽ ان کان علاوه تنقيد سان به ان جي خاص دلچسپي رهي آهي جنهن جي ڪري ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاء نه ٿيندو ته نصير سومرو سنڌي ادب جو ٻھڳڻو خوبصورت ليکڪ ۽ شاعر آهي جنهن پنهنجي ادراڪ ۽ محنت سان ادب جي خدمت ڪئي آهي اسان کي سندس شاعري ۽ نثر ۾ ڪتاب شايع ٿيل ملن ٿا - ھي ترقي پسند شاعر ۽ ليکڪ آهي ان کان علاوه ھن جديد ادب جو مطالعو به چڱيء ريت ڪيو آهي جنهن جو اثر ۽ ادراڪ ان جي تحريرن ۾ پسي سگهجي ٿو! دنيا جي اندر اڀرندڙ ادبي تحريڪن ۽ ان مان تخليقي سرجندڙ ادب جي آشنائي کان به ھو روشناس آهي ۽ پنهنجي ڪمٽمينٽ سان تخليقي سفر ۾ روان دوان رهي ٿو!

نصير سومري جي ھڪ خوبي جيڪا مون کي تمام گهڻي اثرائتي لڳندي آهي ته ھو ڪنهن جي به ڊڪٽيشن تي ناهي لکندو ھن وٽ پنهنجو الڳ فلسفو آهي جنهن جي ڪري ھو ٻين ليکڪن کان مختلف نظر اچي ٿو ۽ اھا خوبي ھن کي سگھارو ليکڪ ۽ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي - دنيا ۾ ھونء به ليکڪ پنهنجي لکڻين سان سڃاتو وڃي ٿو ان ڪري ھن پنهنجي تخليق تي وڌيڪ توجھ ڏني آهي جيڪا ان کي ٻين کان ممتاز بڻائي ٿي!

نصير سومري اردو ۾ به شاعري ڪئي آهي جنهن جي ڪري ان کي اردو ادب جا ليکڪ ; شاعر به چڱي طرح سان سڃاڻن ٿا ۽ انهيَ سڃاڻپ لاء ھن وڏي رياضت ۽ جستجو ڪئي آهي - ڪو به ادب تيستائين سگھارو نٿو بڻجي سگهي جيستائين ان ۾ ليکڪ جو شعور ۽ ڌرتيَ جي ماڻهن جي ڳالھ نٿي ڪئي وڃي ٻيا باقي سڀ فلسفا ثانوي حيثيت رکن ٿا! ادب زندگيء سان سلھاڙيل ھوندو آهي جيئن زندگي تمام گهڻن پيچيدا مسئلن ۾ ڦاٿل ھوندي آهي اھڙي طرح اديب انهن مثئلن کي ظاهر به ڪندو آهي ته ان جو حل به ٻڌائيندو آهي مون جيتري قدر نصير سومري جي لکڻين کي پڙهيو آهي ته ان ۾ اھي ٻئي ڪيفيتون نمايان رھيون آهن ۽ سندس نثر پوپٽ جي رنگن جيان رنگين ۽ نفيس به آهي ته ان ۾ گلاب جي ڏانڊيء ۾ ڦٽل ڪنڊن وانگي مزاحمت به آهي جنهن جي ڪري ان جي نثر ۾ اھا ندرت ذهن کي سوچڻ لاء دعوت ڏئي ٿي ان ۾ اھڙي نفاست به آهي ته سماج جي درد جي رڙ به محسوس ٿئي ٿي جيڪا پنهنجي دور جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ اھا لکڻي پنهنجو اثر سالن ۽ صدين گذرڻ تائين قائم رکندي رهي ٿي - وحيدمحسن

 

(وحيدمحسن جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)



نصير سومرو

جنھن اردوءَ ۾ به لکي مڃتا ماڻي

رکيل مورائي

هو هڱورجا جو ڄائو آهي ۽ آئون موري جو، وچ ۾ گهڻو مفاصلو نه هجڻ باوجود اسان جي ملڻ جو هنڌ ڪراچي بڻي. عمر ۾ هو مون کان هڪ سال ۽ ڪجهه مهينا وڏو آهي، ائين ادب ۾، علم ۾، تعليم ۽ عهدي ۾ به هو مون کان وڏو رھيو آهي. جيتوڻيڪ ان سڀ باوجود مون سان ملڻ جو شوق هن کي هُئو، اهو هن جي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا لکت ٻڌائي چڪي آهي.

 جڏهن هو مون سان چنيسر ڳوٺ ۾ پهريون ڀيرو ملڻ آيو هُئو ته ساڻس ملڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو هُئو ته اسان ۾ ڪي ڳالھيون هڪجهڙيون آهن، جن اسان کي ايترو ويجهو ڪري ڇڏيو جو لڳو ته ڀٽائيءَ ٺيڪ چيو آهي ته: ”ڪِي وِيجها ئِي ڏُور، ڪي ڏُورِ بِه اُوڏا سُپرين.“ پر سچ اهو آهي ته هو مون کي ڪن موقعن تي ويجهن کان گهڻو ويجهو محسوس ٿيو آهي. مون کي لڳو آهي ته اسان ۾ هڪ ڳالهه جيڪا ڪامن آهي، اها هيءَ آهي ته اسان ٻئي شاعر آهيون، جيتوڻيڪ ادب ۾ مون کي هن جي نثر  وڌيڪ موهيو آهي شاعريءَ گهٽ! ڇاڪاڻ ته ان نثر ۾ سندس روحانيت ۽ جديديت جو ميلاپ آهي.

هو انجنيئر آهي، ان ڪري پڪ سان هو سائنسي رخ ۾ سوچيندڙ آهي. شاعر آهي، تڏھن دل سان محسوس ڪندو آهي، ان ڪري سندس دل، سندس چوڻ کان ٻاهر هلي وئي آهي ۽ کيس ادئون ڏيکاري رهي آهي، تنھن ڪري محسوس ڪرڻ جو بار مٿس نه وجهڻ گهرجي.

 سندس شاعريءَ ۾ اڌ درجن کن ڪتاب هوندي به مان هن جي آزاد شاعريءَ ۽ نثر کان وڌيڪ متاثر آهيان، ڇاڪاڻ جو هو هڪ نثري اسلوب جو خالق آهي. هن جي ڇهن ئي شاعراڻن ڪتابن تي سندس نالو ”نصير سومرو“ لکيل آهي، اها سندس اولين ۽ آخري سڃاڻپ آهي. هو منهنجو همعمر ۽ همعصر اهڙو دوست آهي، جيڪو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ادب لکي سگهندو آهي. هو جيترو سنجيدگيءَ سان لکي سگهندو آهي، اوترو ئي سنجيدگيءَ سان پڙهي سگهندو آهي.

هن زندگيءَ جو گهڻو حصو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي ۽ هو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ جو اُدم ۽ آدرش سانڍيندڙ آهي.

نصير سومري جي شخص ۽ ادب ۾ خوبين جو انگ گهڻو آهي. انسان هجڻ ناطي هو ڪي ڪمزوريون به سانڍي ٿو، جن کي هو پاڻ نه قبوليندو آهي، اُهي ٻيا قبوليندا آهن. هو پاڪستان اسٽيل ملز جي نوڪريءَ مان ان جي تباهيءَ اچڻ کان اڳ استعفيٰ سان گڏ دل جو مرض به کڻي نڪتو، دل جو آپريشن ڪرائڻ کان پوءِ هو سائنسي سوچ رکندي، روحانيت ڏانهن به نرم رويو رکڻ لڳو آهي.

نصير سان ملڻ کي ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود اسين شخصي دوست هوندي، ڪيترن اختلافن کي سانڍيندي به جڏهن مليا آهيون ته پرسنل نه ٿيا آهيون. سدائين اسان جي گفتگو ادب بابت رهي آهي. نصير سومري کي پڙهڻ جو پنهنجو ئي مزو ۽ اعتماد آهي، ڇاڪاڻ جو هن جو لکڻ لڪير کي ڪُٽڻ نه آهي. سندس لکڻ انهن قدرن وارو آهي، جن کي عالمي ادبي قدر ڪوٺبو آهي.

هونئن هر ليکڪ پنهنجي هڪ نجي سڃاڻپ به رکندو آهي، جيڪا هن جي مقانيت جي سڃاڻپ هوندي آهي، نصير جي لکڻ ۾ ڪا به هڪجهڙائي نه هوندي آهي. جڏهن سندس لکڻي پڙهبي آهي ته اُها پنهنجو نئون ساءُ ۽ ساڃاهه کڻي ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اِهو به محسوس ٿيو اٿم ته هو اسان جي نسل جي ليکڪن جو ليکڪ آهي. اسين ڪڏهن به ڪاوڙيا نه آهيون. ڪاوڙيا آهيون ته عارضي طور. هڪ ٻئي کي سهائڻ لاءِ ۽ محسوس ڪرائڻ لاءِ بھ ته ڪاوڙجي سگهون ٿا.

نصير سومري جي جيڪا وڻندڙ ڳالهه آهي، اها آهي پنهنجي نثر ۾ ڪابه ڳالهه چوڻ جو ڍنگ، پر سندس ھڪ ڳالھھ پڙھي سوچيندو آھيان تھ، جيڪر نصير ائين پاڻ نھ لکي: يعني هر ڳالهه ۾ پنهنجو حوالو شامل نھ ڪري.

نصيري سومري سان منهنجا ڪيئي سفر، ڪيئي مشاعرا ۽ ڪيئي ڪانفرنسون ڪراچيءَ کان ٻاهر، ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي دستوري ويهڪن ۾ گڏ اچڻ وڃڻ ٿيو آهي. هو سڀني وصفين هڪ نهايت شاندار شخص، دوستن جو دوست، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي دوستن تان به اعتماد وڃائي ويهڻ وارو، ساڻن تلخ ٿيڻ، شايد انهن حادثن جو ذهن تي وڌيڪ بار رکڻ سبب هُجي.

هو جڏهن ملي ته دلي طور خوشيءَ جو احساس ٿئي، گهڻو وقت گڏ هجڻ تي دل چوي ۽ ڪراچيءَ جون گهٽيون ماپڻ تي دل گهري. ڪتابن جا دڪان ڏسڻ اسان جي پسند جو مشغلو رھيو آھي.

نصير سومري جي لکڻ جي خوبي جيڪا مون کي پنهنجي يار انور ابڙي جي لکڻ جيان وڻندي آهي، گهڻو گهڻو اُها هيءَ آهي ته، هو اڄ جو ادب لکي سڀاڻ جي تاريخ محفوظ ڪندا آهن. سندن اڄ جو لکيل ادب سڀاڻي اسان کي ٻڌائيندو ته ڪالهه ڇا ٿي رهيو هُئو. اهڙو سڀ اردو ادب ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي، سنڌيءَ ۾ بنهه گهٽ. ڪڏهن ڪڏهن ائين ڀاسندو آهي ته سائنس، فلسفو ۽ تخليق هڪ ئي وقت نصير تي مهربان ٿيل آهن.

نصير سومرو، مان، واحد سومرو ۽ ڪجهه ٻيا دوست ممتاز مهر صاحب سان پڻ گهڻو ويجهو رهياسين ۽ سندس مزاج کان گهڻو وقف رهياسين. نصير هونئن ته سنڌيءَ جو لکندڙ آهي پر هن کي سندس هڪ اردو ڪهاڻين جي ڪتاب تي هڪ کان وڌيڪ جو ايوارڊ مليو، جيڪو سندس ڪھاڻين کي”سائنس فڪشن“ طور قبوليندي ڏنو ويو. اھو ڪنهن سنڌي لکندڙ لاءِ ته اهم آهي ئي، پر اھو مجموعي طور تي سنڌي ادب لکندڙ لاءِ بھ اھم آھي، تھ ان کي سندس اردو تحريرن تي انعام مليو. اها ڪنهن به طرح سنڌي ليکڪن لاءِ آبروءَ جي ڳالهه آهي، جنهن تي ڪنهن به پاسخاطريءَ جو گُمان ٿيڻ ٺيڪ نه آهي.

جيتوڻيڪ سنڌي ليکڪن ۾ مهم جوئي سانڍيندڙ ليکڪن جي به گھٽتائي نه آهي، پر منهنجو اعتماد اها ڳالهه قبول ڪري ٿو ته نصير سومرو اهڙي ڪنهن به مهم جوئي جو شڪار نه رهيو آهي، ان ڪري ڪنهن به سنڌي ليکڪ کي اردوءَ تي ملندڙ ايوارڊ ۾ نصير سومري کي مليل اردو ادب بابت ايوارڊ سئو سيڪڙو شفاف آهي، ڇاڪاڻ ته مان نصير سومري جي ائپروچ به ڄاڻان ٿو ته هن جو مزاج جي به ڄاڻ رکان ٿو، ۽ الڳ نموني جي سندس ڪمزورين کان پڻ گهڻو واقف آهيان، ان ڪري مون پهرين ئي لکيو آهي ته هو شاعر طور ڀل ٺيڪ نه لڳي، پر نثر طور هڪ ويچارڪ آهي، جنهن ڪري مون کي سندس نثر هڪ کان وڌيڪ حوالن سان به موهيندو آهي، ۽ ڪجهه ويچارڻ لاءِ پڻ ڪجهه ڏيئي ويندو آهي. اھو منهنجو خيال آهي، ٻين جو ٻيءَ طرح به ٿي سگهي ٿو.

نصير سومرو ڪنهن به وقت ڪجهه به نثر توڻي نظم ۾ لکڻ سگهڻ وارو ليکڪ آهي، اهو منهنجو پڪو مشاهدو آهي. ائين اسان جا ڪيترائي مشاهدا گڏيل پڻ آهن. ادبي تقريب ۾ گڏ هجڻ جا مشاهدا ۽ شرٽون ڦاڙائڻ تائين پراوا مسئلا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ تائين، ڪيترين ڳالهين تي حد کان وڌيڪ سهمت هجڻ تائين ۽ ڪيترين ڳالهين تي هڪ سيڪڙو به سهمت نه هجڻ تائين.

اسين ٻه اهڙا دوست آهيون، جن جي دوستيءَ جو اصل سبب شايد ادب ئي آهي، اسان جي ذات گهٽ، ان ڪري ذاتي طور آئيس ڪريم گڏ کائڻ کي ٻئي هڪجهڙو پسند ڪندا آهيون، سٺيون شرٽون ٻنهي کي وڻنديون آهن ۽ اهي پراون جهيڙن ۾ ڦاڙائڻ به وڻندو آهي. هن کي ڪنهن سٺي شرٽ لاءِ ڪپڙو وڻندو آهي ۽ وٺندو آهي ته، اهو مون کي بھ سوکڙيءَ طور ڏيندو آهي. جيتوڻيڪ مون هن کي ڪڏهن به شرٽ يا ڪڙتو سوکڙي ڪري نه ڏنا آھن، البت ڪيترا ڪتاب کيس ضرور ڏنا هوندا ۽ پڙهايا هوندا. سندس ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ادبي دوست ۽ شخصي دوست هوندا، پر مون کي ڪجهه وڌيڪ دعويٰ آهي ته هو منهنجو دوست آهي. توڻي جو نصير پنهنجي مائٽاڻن رشتن تي گهڻو تلخ رهندو آهي. سندس ايتري تلخي مون کي گهڻو ڏکوئيندي آهي ۽ سوچرائيندي آهي، پر مان هن کان پري ٿي نه سگهندو آهيان.

ڪوڙي نموني اسان ٻئي پاڻ کي هڪ ٻئي کان پري هجڻ جو ڪڏهن ڪڏهن ڀرم به پاليندا آهيون ۽ ڪنهن ادبي تقريب ۾ هڪ ٻئي کي اهو به محسوس ڪرائيندا آهيون ته، ڄڻ ٻئي، هڪ ٻِئي کي ڪو نه سڃاڻون، پر اها اسان جي پاڻ کي ٺڳڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ھوندي آهي، جنهن ۾ اسان ٻئي ڪامياب ويا آهيون، ته فقط هڪ ڏينهن تائين، وڌيڪ هڪ هفتو، هڪ مهينو ۽ هڪ سال، ڪڏهن به نه. مون کي پنهنجي ان ناڪاميءَ تي نهايت گهڻي شرمندگي آهي. پڪ اٿم ته مون کان ڪجهه رتيون وڌيڪ هن کي آهي.

۽ يقين سان منهنجو چوڻ اِهو آهي ته سڀاڻ جڏهن ڪنهن ادبي تقريب ۾ آمهون سامهون ٿينداسين، تڏهن محسوس ڪنداسين ته ”ساڳي ماني ساڳ سان.“ ان سڀ جو سبب مون لاءِ هن جي ادبي ذهانت آهي. هن جي خودداريءَ جي نالي ۾ منفي اثر ڪندڙ تلخي بنهه نه! ڇو ته اسين هڪ تلخ دور جي پيدائش آهيون، حالتن جو جبر ڀوڳيو اٿئون، ماڻڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي دور شايد گهٽ ئي ڏنو آهي، ان ڪري اسان پنهنجي دور سان ڪنهن به طرح شايد سمجهوتو ڪري نه سگهيا آهيون. مان ڀايان ته منهنجي مزاج ۾ ٺهڪي وڃڻ جي قوت ڪجهه سرس آهي، نصير جي مزاج جي ابتڙ!

ڪراچيءَ ۾ رهندڙ اديبن ۽ شاعرن جو اهو ئي ساڳيو حلقو آهي، جنهن سان هلندڙ آهيون. ڪٿي ڪٿي متان ادب جي چونڊ ۾ ڪو فرق هُجي، جنهن بابت سهمتي/اَسهمتي هڪ ٻئي لاءِ هُجڻ ضروري آهي. ادب کان ٻاهر هو منهنجو هڪ اهڙو سهڻو يار آهي، جو مان اڪثر هن کي پابلو نرودا ڪري مخاطب ٿيندو آهيان.

منهنجي زندگيءَ جو هڪ سچ اِهو به آهي ته مون جڏهن به هن سان گڏ مڌ پيتو آهي ته، ان جو مزو ڏهوڻو وڌيڪ محسوس ڪيو آهي. ٻيءَ طرح هن جي ڳالهين جا نشا پنهنجا آهن ۽ هن جي غصي جي گرمي به پنهنجي آهي، ڇو ته مون هن جي گهڻن دوستن جيان سندس غصو به ڀوڳيو آهي، جيڪو مون کي ڪڏهن به هن کان پري نه وٺي ويو آهي. پنهنجي اها ڳالهه مان پاڻ به سمجهي نه سگهيو آهيان، سندس ٻين اڪثر ناراض رهندڙ دوستن جي ابتڙ!

مان هن جي ڪاوڙ/غصي سان به پيار ڪندو آهيان شايد! جيئن ساڻس پيار ڪندو آهيان.

نصير سومري جي پهرئين ڪتاب جي مهورت ڪراچيءَ جي آواري ٽاور هوٽل ۾ ٿي هئي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي فورم تان، جنهن ۾ وڏن اديبن/شاعرن سان گڏ مون ننڍي شخص به هڪ ننڍڙو پيپر پڙهيو هُئو. نصير تڏهن پاڪستان اسٽيل ملز ۾ انجنيئر هُئو. پنھنجي گوري چهري تي ٺهڪندڙ ميڪسم گورڪي ٽائيپ ڪاريون نڀور مڇيون رکندو هُئو. گهرا ڪارا وار ۽ اڇو ڪاٽن جو وڳو.  منهنجي اکين ۾ اڄ به اهو نصير سومرو آهي، جنهن اڄ جي تاريخ ۾ نه پنهنجون مڇون بچايون آهن، نه وار بچايا آهن ۽ نه ئي اڇو ڪاٽن جو وڳو. اڄ ڪلهه هو پينٽ شرٽ پائڻ وڌيڪ پسند ڪري ٿو. جنهن ۾ هڪ جنٽلمين لڳندو آهي ۽ اهڙو ئي سهڻو آهي، جهڙو مون کي 35 سال اڳ تڏهن لڳو هُئو، جڏهن هو مون سان چاهه مان ملڻ آيو هُئو.

پڪ سان گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي جا اُهي پهريان سال هُئا. اڄ هو وڏو ليکڪ آهي، مان پنهنجي ننڍي هجڻ ۾ خوش آهيان، ڪنهن به خوشفهمي کان سواءِ!

هاڻ نصير اردو توڻي سنڌي جي، هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ آهي ۽ مان ان ڳالهه تي خوش آهيان ته وڏن ليکڪن مان هڪ وڏو ليکڪ منهنجو دوست آهي. ساڳئي طرح پاڻ تي اهو اعتماد رکان ٿو ته:

”جَڏهِانڪَرَ ٿِيامَ، سَاڃَاهَه سُپرين سِين،

تَڏَهانڪَرَ تِرَ جِيترو، وِيل نَه وِسِريام،

اَندر رُوح رَهَيام، سَڄَڻَ اُوطاقون ڪَري“. (ڀٽائي)

جيئن ته ۲۸ مارچ ۱۹۶۴ع، نصير سومري جي ڄمڻ جي تاريخ آهي، ان ڪري هن لاءِ نوجوان لکڻ ٺيڪ آهي. پڪ سان هو مون کان ھڪ سال ۽ ٽي مهينا وڏو آهي، ٻيءَ طرح سندس وڏي هجڻ جا حوالا هڪ کان وڌيڪ آهن منهنجي آڏو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي سنڊي مئگزين ۾ ۱۳ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا