; سنڌي شخصيتون: نصير سومرو

23 June, 2022

نصير سومرو

نصير سومرو

جنھن وٽ سائنس، فلسفو ۽ تخليق گڏجندا آهن

رکيل مورائي



مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئر ۽ هنڱورجا جي مذهبي عالم الھ بخش سومري جو شاعر پٽ نصير سومرو هڪ طرف اڌ درجن ڪتابن جو ليکڪ آهي، جن ڪتابن ۾ ڪجھ نثر جا ڪتاب به آهن ته ڪجھ نظم جا ڪتاب به آهن، پر سڀ کان اول ۽ آخر نصير اسانجو دوست آهي، سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري ته آهي ئي پر سندس نثر به اهڙو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ادبي طور نثر توڻي نظم جو هڪ جهڙو مزو هوندو آهي سنجيده پڙهندڙ لاءِ سندس هر نثري توڻي نظماڻي لکڻيءَ ۾ هڪ فلسفي، هڪ سائنسدان ۽ هڪ شاعر سان گڏ هڪ ويچارڪ هر وقت موجود رهندو آهي. اهڙو مشاهدو اسان ڪيترائي ڀيرا ماڻي چڪا آهيون.


ٻئي طرف نصير سومري کي پڙهڻ جو پنهنجو مزو آهي ڇاڪاڻ ته سندس لکڻ لڪير کي ڪٽڻ نه آهي، هن جو لکڻ ادب جي انهن قدرن وارو لکڻ آهي جن قدرن کي عالمي ادبي قدر ڪوٺي سگهجي ٿو. هونئن هر ليکڪ پنهنجي هڪ نجي/شخصي سڃاڻپ سان گڏ هڪ مقامي سڃاڻپ به رکندو آهي، اهو پهرين ان ٻوليءَ جو ليکڪ هوندو آهي، جنهن ٻوليءَ ۾ سندس پهريون لکڻ هوندو آهي، ان ڌرتي جو هوندو آهي، جيڪا سندس جنم ڀومي هوندي آهي. ان جي تهذيب، ثقافت، تاريخ، ريتون رسمون ان جي لکڻ مان ظاهر ٿينديون آهن ايئن انهن مڙني ڌرتين ۽ ٻولين جي دائري ۾ لکيو ويندڙ ادب اڳتي هلي عالمي ادب بڻبو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سموري لکڻ جا قدر جڏهن مڪانيت رکندي به هڪ جهڙو اظهاريندا آهن ته اهو گڏيل ادب هوندو آهي جيڪو انساني قدرن کي الڳ الڳ حوالن ۾ جوڙيندڙ هوندو آهي ۽ اهائي ان ذات جي گڏيل ميراث آهي.

اها ته پڪ آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به رهندڙ ڪوبه لکندڙ يا هڪ وڌيڪ لکندڙ هڪ جهڙو سوچي سگهندا آهن، ڇاڪاڻ ته انساني ڏک توڻي سک مسئلا توڻي مونجهارا، محبتون توڻي نفرتون ويڙهيون توڻي مصلحتون سڀني انسانن جون هڪ جهڙيون هونديون آهن، اهي اظهار الڳ الڳ ماڻينديون آهن. ڇو ته اهي اظهار ئي اڳتي هلي اسلوب جو درجو حاصل ڪندا آهن ۽ ڪنهن به ليکڪ کي هڪ نجو مرتبو ڏياريندا آهن، جيئن انسانن جا رنگ نسل، ٻوليون، مذهب ۽ وطن ته الڳ هوندا آهن پر کين لڳل گهاءَ مان ٽمندڙ رت جو رنگ مڙني جو ساڳيو ڳاڙهو هوندو آهي بلڪل ايئن ليکڪن جي ٻولي ڀلي ڪهڙي به هجي پر سندن الميا حاصلاتون ۽ حادثا هڪجهڙائي هوندا آهن جن سڀني معاملن کان نصير سومرو واقف آهي. هڪ سائنس جي شاگرد طور به هڪ محسوس ڪندڙ ليکڪ طور به!

ان ڪري نصير سومري جي لکڻ ۾ ڪڏهن به هڪجهڙائي نه هوندي آهي، جڏهن به سندس لکڻي پڙهبي آهي ته اها پنهنجو ساءُ توڻي ساڃاھ کڻي ايندي آهي، ساڳي وقت پنهنجو ويچار توڻي آواز کڻي ايندي آهي، هڪ اهڙو ويچار ۽ اسلوب پنهنجي نجي ملڪيت آهي اهو اسلوب جيڪو سندس همعصرن کان ڪوهين ڏور آهي ممڪن آهي ته اهڙو اسلوب سندس گهڻي مطالعي ڪري هجي ان ڪري مونکي آهي ته هو سنڌ جو اڪثر نوجوان لکندڙ وانگر عطائي ليکڪ بنھ نه آهي پر اهو طئي آهي ته ڪو به ليکڪ جيستائين پنهنجو نجپڻو لکڻ ۾ پيدا نٿو ڪري تيستائين هو ڪو ٽيبل ليکڪ نٿو ٿي سگهي. نصير سومرو ان معاملي ۾ خوشحال آهي. ڇو ته هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکي سگهندو آهي ۽ اها تخليقي انداز واري انگريزي!.

نصير جڏهن به لکيو آهي ته اهو سندس پڙهندڙ لاءِ ڏکيو پل محسوس ڪيو ويندو هجي پر اهو نجو سندس آهي ۽ هر نجو تجربو ڏکيو هوندو آهي. سولو فقط اهو هوندو آهي جڪو سمورو هڪجهڙو لکيو ويندو آهي، ان ڪري نصير کي جنهن به سنجيده پڙهندڙ پڙهيو آهي ان سندس لکڻ مان نه رڳو ماڻيو آهي پر سندس تعريف به ڪئي آهي پر تعريف به آهي جيڪا ناچن جو ڳائڻ ٻڌي جهمير هڻڻ واري هجي!

مونکي گمان ٿيندو آهي ته “توڻي جو ڳالھ اڳ ورجايل آهي پر ڪرڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته اها فيض احمد فيض صاحب جهڙي شاعر جي لکڻ ۽ چوڻ مان ظاهر ٿيل آهي ته “ن م راشد شاعرن جو شاعر آهي؟” ۽ ٻڌندڙ ڀرم ڪلاسيقي موسيقيءَ جو پاليندو هجي.

اسانجي نسل ۾ مونکي گمان آهي ته نصير سومرو” ليکڪن جو ليکڪ” آهي.

ان ڪري کيس پڙهندڙ جي جلسي کان وڌيڪ لکندڙن جي ننڍي ويهڪ وڌيڪ موهندي آهي، جنهن ۾ ادب ۽ شعر تي ڳالهايو ويندو آهي، ڪجھ ڳالهايو ويندو آهي، ڪجھ نئون ڳالهايو ويندو آهي، ڪجھ نئون لکيو ويندو آهي، ڪجھ نئون پڙهيو ويندو ۽ ڪجھ نئون ٻڌو ويندو آهي ان سڀ کي ماڻڻ لاءِ هڪ توفيق گهرجي جيڪا رب هر ڪنهن کي عطا نه ڪندو آهي. اها ڪنهن ڪنهن جي ڀاڳ ايندي آهي نصير ۾ اها ڪمال جي حد تائين موجود آهي. ايئن محسوس ٿيندو آهي. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، کيس اڻ ڳڻيون جنم ڏينهن جو مبارڪون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


محترم نصير سومرو

(سنڌي ٻوليء جي ٻھڳڻي شاعر ۽ ليکڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون)

وحيدمحسن

نصير سومرو بنيادي طور تي شاعر آهي ۽ ان سان گڏ ان کي نثرنويسي ۾ به پنهنجي قدرت حاصل آهي ۽ ان کان علاوه تنقيد سان به ان جي خاص دلچسپي رهي آهي جنهن جي ڪري ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاء نه ٿيندو ته نصير سومرو سنڌي ادب جو ٻھڳڻو خوبصورت ليکڪ ۽ شاعر آهي جنهن پنهنجي ادراڪ ۽ محنت سان ادب جي خدمت ڪئي آهي اسان کي سندس شاعري ۽ نثر ۾ ڪتاب شايع ٿيل ملن ٿا - ھي ترقي پسند شاعر ۽ ليکڪ آهي ان کان علاوه ھن جديد ادب جو مطالعو به چڱيء ريت ڪيو آهي جنهن جو اثر ۽ ادراڪ ان جي تحريرن ۾ پسي سگهجي ٿو! دنيا جي اندر اڀرندڙ ادبي تحريڪن ۽ ان مان تخليقي سرجندڙ ادب جي آشنائي کان به ھو روشناس آهي ۽ پنهنجي ڪمٽمينٽ سان تخليقي سفر ۾ روان دوان رهي ٿو!

نصير سومري جي ھڪ خوبي جيڪا مون کي تمام گهڻي اثرائتي لڳندي آهي ته ھو ڪنهن جي به ڊڪٽيشن تي ناهي لکندو ھن وٽ پنهنجو الڳ فلسفو آهي جنهن جي ڪري ھو ٻين ليکڪن کان مختلف نظر اچي ٿو ۽ اھا خوبي ھن کي سگھارو ليکڪ ۽ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي - دنيا ۾ ھونء به ليکڪ پنهنجي لکڻين سان سڃاتو وڃي ٿو ان ڪري ھن پنهنجي تخليق تي وڌيڪ توجھ ڏني آهي جيڪا ان کي ٻين کان ممتاز بڻائي ٿي!

نصير سومري اردو ۾ به شاعري ڪئي آهي جنهن جي ڪري ان کي اردو ادب جا ليکڪ ; شاعر به چڱي طرح سان سڃاڻن ٿا ۽ انهيَ سڃاڻپ لاء ھن وڏي رياضت ۽ جستجو ڪئي آهي - ڪو به ادب تيستائين سگھارو نٿو بڻجي سگهي جيستائين ان ۾ ليکڪ جو شعور ۽ ڌرتيَ جي ماڻهن جي ڳالھ نٿي ڪئي وڃي ٻيا باقي سڀ فلسفا ثانوي حيثيت رکن ٿا! ادب زندگيء سان سلھاڙيل ھوندو آهي جيئن زندگي تمام گهڻن پيچيدا مسئلن ۾ ڦاٿل ھوندي آهي اھڙي طرح اديب انهن مثئلن کي ظاهر به ڪندو آهي ته ان جو حل به ٻڌائيندو آهي مون جيتري قدر نصير سومري جي لکڻين کي پڙهيو آهي ته ان ۾ اھي ٻئي ڪيفيتون نمايان رھيون آهن ۽ سندس نثر پوپٽ جي رنگن جيان رنگين ۽ نفيس به آهي ته ان ۾ گلاب جي ڏانڊيء ۾ ڦٽل ڪنڊن وانگي مزاحمت به آهي جنهن جي ڪري ان جي نثر ۾ اھا ندرت ذهن کي سوچڻ لاء دعوت ڏئي ٿي ان ۾ اھڙي نفاست به آهي ته سماج جي درد جي رڙ به محسوس ٿئي ٿي جيڪا پنهنجي دور جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ اھا لکڻي پنهنجو اثر سالن ۽ صدين گذرڻ تائين قائم رکندي رهي ٿي - وحيدمحسن

 

(وحيدمحسن جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا