; سنڌي شخصيتون: مولانا جان محمد ونگاڻي

22 June, 2022

مولانا جان محمد ونگاڻي

مولانا جان محمد ونگاڻي

(المناڪ وڇوڙو)

اعجاز ممنائي



ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته موت تاريخ جو هڪ عالمگير موضوع آھي جنهن جو تذڪرو هر دور هر زماني ۾ هر روز ٿيندو رهي ٿو. هڪ حوالي سان ته موت ماڻھوءَ کي ماري ٿو پر مرڻ خاتمي جو نالو آھي يا نه؟ ان تي سدائين بحث ٿيندو رهيو آھي. جڏهن هر شيءِ ختم ٿي ويئي ته ان جي باوجود ان شخصيت کي ياد ڪرڻ زنده هجڻ جو ثبوت آھي. زندگي، جيڪا ماڻھوءَ کي پياري آھي، ان جي پڄاڻي موت سان ڪيئن ٿي سگهي ٿي. قديم زماني ۾ جڏهن انسان موت جي طبعي ۽ مادي طور فطري سببن کان واقف نه هو، تڏهن موت کي وڌيڪ هيبتناڪ ۽ خوفائتو عمل سمجهندو هو. هونءَ به هڪ انسان جو وڇوڙو رڳو ان تائين محدود ناهي هوندو، پر ڪيترن ئي سماجي رشتن جو الميو بڻجي پوندو آھي. موت هڪ تاريخ ڀلي هجي پر موت هڪ اهڙي حقيقت بڻيل آھي، جنهن کان نه ڪنڌ ٿو ڪڍائي سگهجي ۽ نه ان کان انڪار ٿو ڪري سگهجي. اهو ئي سبب آھي جو دنيا جي هر ماڻهوءَ ان کي پنهنجو موضوع بڻايو آھي.


ٻئي طرف وري اهو چيو وڃي ٿو ته موت خاتمي جو نالو نه پر موت کان پوءِ جيڪا زندگي آھي، اها ئي حقيقي زندگي آھي. هن ظاهر ۽ اک ڇنڀ واري زندگيءَ ۾ موت کي به مات ڏيئي سگهجي ٿي. موت انسان کي ماري نه ٿو سگهي، بشرط ان جو مقصد بهتر هجي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اصل ۾ ماڻهو مري سگهي ٿو پر ڪردار کي موت ناهي. يعني ڪرداري زندگيءَ کي موت ناهي. جهڙيءَ طرح ڪردار زنده رهندو آھي، تهڙي طرح ڪرداري زندگي به سدائين حيات رهندي آھي. جيئن زندگي فطري آھي تيئن زندگيءَ جي ڪمن کي به فطري سمجهيو وڃي. ڇوته موت به فطري آھي، اهو موت به ڪنهن جي ڪم اچي سگهي ٿو. ان موت جي ڪري ڪيترائي ڪم آسان ٿي سگهن ٿا. موت منزل ۽ مقصد تائين رسائڻ جو ذريعو به بڻجي سگهي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي فڪر ۾ فنا هوندا آھن، اهي زندگيءَ وانگر موت تي به مڪمل اعتماد ڪندي ساڻس گڏ هلندا آھن. اهي موت کي خوفناڪ، ڀوائتو يا هيبتناڪ ناهن سمجهندا. سندن عشق اڳيان جسماني موت معمولي هوندو آھي. ڇوته کين پڪ هوندي آھي ته فڪري نظريا ماڻھن کي ڪردار بخشيندا آھن. بقول ڪنهن مفڪر جي ته فڪر جيترا گهرا ۽ ڳوڙھا هوندا، انهن کي سمجهڻ ۾ اوترو ئي وقت لڳندو، جيئن لطيف سرڪار فرمايو ته؛

مر مٿا ڏيئي، پنهونءَ ڪارڻ پٻ ۾،

ته سرتيون سڀيئي، دکائڻ ويٺيون.

ساهتي پرڳڻي جي نوشهرو فيروز کان ٺاروشاهه لنڪ روڊ تي واقع ڳوٺ ڇٽو ونگاڻي جي مشهور ۽ نظرياتي شخصيت مولانا جان محمد ونگاڻي پڻ هڪ فڪر سان لڳاءُ رکندڙ هو. سندس پيءُ جو نالو دوست علي ونگاڻي هو. پاڻ ۱۹۳۷ع ڌاري دادو ضلعي جي تاريخي ڳوٺ شيخ گلاب ۾ پيدا ٿيا (جيڪو ڳوٺ درياهه جي بند جي هيٺان ڪچي ۾ آباد آهي) پاڻ بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان پرائي ۽ اتي ئي قرآن مجيد مڪمل پڙهيائون. ۱۹۶۹ع ۾ پاڻ شادي ڪيائون، جنهن مان کيس ۵ پٽ ۽ ۵ نياڻين جو اولاد ٿيو. سندن علمي زندگيءَ جو آغاز ۱۹۸۰ع ۾ ان وقت ٿيو، جڏهن پاڻ سنڌ جي مشهور عالم دين مولانا غلام مهدي نجفي وٽ واگھڙجي ۾ علم پرائڻ شروع ڪيائون. ائين جلد ئي پنهنجي علائقي ۾ اچي کاهي ممن جي منهنجي والد بزرگوار زوار مولائي الهڏنو ميمڻ جي صحبت ۾ رهندي دين جي تبليغ شروع ڪيائون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو سندس تبليغ جي اثر هيٺ رهيا.

پاڻ غريبن مسڪينن ۽ بيواهن جي وس آهر مدد ڪرڻ عين عبادت سمجھندا هئا. ڳوٺ اندر سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ ۾ پڻ اڳرا رهيا. سندس يادگار ڪم ڳوٺ ۾ ٻارن لاءِ اسڪول قائم ڪري ڳوٺاڻن کي علم جي روشني ڏيئي جهالت مان ٻاهر ڪڍڻ هو. ان لاءِ پاڻ ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ وڏيرن جي مخالفت باوجود پنهنجي آباد ٿيل ذاتي زمين ڏيئي اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي. بعد ۾ پاڻ ان اسڪول ۾ سرڪاري چوڪيدار بڻيا ۽ ۶۰ سال سروس ڪري رٽائرڊ ٿيا. ائين ڳوٺ جون گھٽيون پڪيون ڪرائڻ، ڊرينيج سسٽم منظور ڪرائڻ سميت ڳوٺاڻن جي ننڍن ننڍن اختلافي مسئلن کي خوش اصلوبيءَ سان حل ڪندا رهيا ۽ کين محبت ۽ ٻڌيءَ جي اهميت بيان ڪندا رهيا. پاڻ ڳوٺ ۾ بهترين لئبريريءَ جو قيام عمل ۾ آندائون، جنهن ۾ اڄ به علائقي جا ماڻهو علم جي اڃ اجھائيندا رهن ٿا. پاڻ ضلعي اندر ڪيتريون ئي مسجدون، امام بارگاهون ۽ ديني سينٽر پڻ تعمير ڪرايا. خاص طور تي ٺاروشاهه شهر ۾ مسجد آل عمران ۽ بخاري امام بارگاهه جي تعمير ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو. پاڻ زيارات مقدسه ايران ويا جتي سندن طبعيت ناساز ٿي پئي، جنهن ڪري کيس اتي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، پر زندگي ۽ موت جي ڪشمش ۾ ۵ مئي ۲۰۲۲ع بمطابق ۳ شوال صبح بروز خميس تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي تي سموري سنڌ سوڳوار بڻجي ويئي. دعا آھي ته شال رب ڪريم سندس مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر و جميل جي توفيق فرمائي. آمين يا رب العالمين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا