; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر قمر واحد

23 June, 2022

پروفيسر ڊاڪٽر قمر واحد

پروفيسر ڊاڪٽر قمر واحد

هڪ تاريخي جي پڄاڻي

حاڪم چانڊيو ڄامشورو



سنڌ جي نامياري سماج سڌارڪ، انسانن جي بي لوث خدمتگار، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قمر واحد ۸۴ ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ موجود پنهنجي گهر اندر لاڏاڻو ڪري ئي آهي جيڪا ڪجھ ڏينهن کان بيمار ۽ پنهنجي گهر ۾ علاج هيٺ هئي. جنهن جي تصديق سندس ڀائٽي ناصر قاضي ڪئي آهي. 


ڊاڪٽر قمر واحد ۴ مارچ ۱۹۳۸ ع تي حيدرآباد جي ٽيون نمبر تلاءُ واري علائقي جي مصري شاھ پڙ محلي ۾ نصرپور جي تعليم دان گهراڻي جي حاجي پير بخش قاضي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري اسڪول ۽ ميٽرڪ پاڙي جي سرڪاري اسڪولن مان حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ ۱۹۵۵ع ۾ گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد مان، ايجوڪيشن شعبي ۾ ۱۹۶۱ ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي، ۱۹۸۱ ع ۾ پبلڪ ايڊمنسٽريشن مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، پاڻ حيدرآباد جي ڪاروباري شخصيت واحد بخش بلوچ سان شادي ڪئي ان ڪري قمر واحد بلوچ طور سڃاتي ويندي هئي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي حيدرآباد واري ماڊل اسڪول جي پرنسپال ۽ ايجوڪيشن فيڪلٽي جي ڊين ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. کيس ٻه پٽ زبير واحد بلوچ ۽ سهيل واحد بلوچ آهن جيڪي هن وقت پنهنجي خاندانن سوڌو آمريڪا جي ۾ رهائش پذير آهن، ان ڪري پاڻ رٽائرمينٽ کان پوءِ آمريڪا ۾ پڻ گهڻو عرصو رهي، پر پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان محبت هجڻ ڪري واپس سنڌ وطن ۾ رهڻ کي اوليت ڏني. سندس جي گهر تي سنڌ جي اهم مامرن توڙي علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ هميشه ميڙاڪا هوندا هئا، پاڻ لا تعداد نياڻين جون شاديون ڪرايون، بيمار ماڻهن جو علاج ڪرايو، ٻارن خاص ڪري نياڻين جي تعليم ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، سنڌ ۾ ۱۲ سال اڳ آيل ٻوڏ جي متاثر ماڻهن توڙي تازو ڪورونا جي وبا دوران هزارين خاندانن کي کاڌ خوراڪ پهچائڻ ۾ اڳڀري رهي. پاڻ پنهنجي پينشن جو گهڻو غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ گهر ۾ پاليل ٻلين ۽ ڪتن جي کاڌي پيتي تي خرچ ڪندي هئي، وڻن ۽ ٻوٽن سان بيحد پيار هو، ڪيترن ئي قسمن جا ناياب ٻوٽا ۽ وڻ سندس گهر ۾ موجود باغيچي جي سونهن بڻيل آهن، جن جي فائدن کان بخوبي واقف هئي. انهن جي فائدن حاصل ڪرڻ سان گڏ ٻين کي به انهن وڻن ۽ ٻوٽن مان فائدا حاصل ڪرڻ جو چوندي هئي. سندس وفات جي اطلاع تي سندس عزيز ڄامشورو، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ نصرپور کان عزيز، سياسي سماجي شخصيتون سندس تڏي تي سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي فيز ۱ تي پهچي ويون آهن، مرحومه جي جنازي نماز سج لٿي جي نماز بعد سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي قبا مسجد ۾ ادا ڪري سنڌ يونيورسٽي ورڪشاپ ڀرسان موجود قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. الله پاڪ کان دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سندس پونيئرن ۽ سوڳوارن کي صبر ۽ ڏک برداشت ڪرڻ جي سگھ بخشي. آمين ثم آمين.

 

(حاڪم چانڊيو ڄامشورو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


آپا قمر واحد

به موڪلائي وئي!

عبدالوھاب منشي

۴ مارچ تي سندس سالگرھ هئي ۽ ۴ مارچ تي منهنجي گهر ۾ ڪجھ مهمان، شهيد نذير عباسي جي گهر واري منهنجي ڀيڻ ادي حميده گهانگهرو، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ٻيا دوست نيراني تي گهرايل هئا، مون کي سندس سالگرھ جي دعوت مليل هئي. هڪ رات اڳ، اوچتو فون جي گھنٽي وڳي.

چيائين، “وهاب! تون منهنجو پٽ آهين، خراب صحت سبب ڪجھ خاص ۽ مختصر دوستن کي پنهنجي سالگرھ جي دعوت ڏني اٿم، سوچيم ته تو کي دعوت ڏيان، سو تون ضڙور اچجانءِ اڄڪلھ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي، ڪجھ فالج جو اثر به آهي، ته اکين جو آپريشن به آغا خان اسپتال مان ڊاڪٽر فهد ايف شيخ کان ڪرايو ڪرائي آهي پر هاڻي ته اک وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، سوچي رهي آهيان ۱۶ تاريخ کان پوءِ پٽ وٽ آمريڪا وڃان ۽ اتي پنهنجو علاج ڪرايان، خبر ناهي ڪيتري زندگي بچي آهي. تون ضرور اچ ۽ مون سان مل، پنهنجو خيال رکجانءِ... love u my son”.

اها اسان ٻنهي جي ٽيليفون تي آخري ڳالھ ٻولھ هئي ۽ مان ڪجھ مصروفيتن جي ڪري سندس ڊنر تي نه پهچي سگهيس، اهو ڏک مون کي سڄي عمر رهندو، ۽ اڄ مون کي خبر پئي ته هي لاجواب، باهمت ۽ سچي عورت ڊاڪٽر قمر واحدي به هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي، آپا قمر واحدي ڪنهن به تعارف جي محتاج نه هئي، هوءَ مشهور تعليمي ماهر، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر، سماجي اڳواڻ، سنڌ پرست عورت ۽ هڪ بهترين ليکڪا هئي.

هوءَ سڄي گهر ۾ نوڪرياڻيءَ سان گڏ اڪيلي رهندي هئي، هوءَ ڪڏهن تمام گهڻي پريشان ۽ مصيبت ۾ رهڻ جي باوجود ڪڏهن به ڪنهن کان نه ڊڄندي هئي، هميشه مسڪرائيندي رهندي هئي، هن عمر ۾ نوجوان کان وڌيڪ متحرڪ ۽ آئيڊياز جي بادشاھ عورت هئي. “آپا قمر واحدي” ڪير سڏرائي، هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن آهي، هڪ ادارو آهي، آپا کي اسان پنهجي ٻاروتڻ ۾ ماڊل اسڪول اولڊ ڪيمپس ۾ ايندي ويندي ڏٺو، کائنس سنڌ جي خاندانن بابت پڇبو هو ته ته هوءَ سنڌ جي اڪثريتي خاندانن جي فردن کي نالن سان سڃاڻيندي هئي ايئن ئي منشي خاندان بابت سندس معلومات ڪمال جي هئي. پير صاحب پاڳاري شاھ مردان شاھ مرحوم کان وٺي شيخ اياز کي آپا قمبر انتهائي ويجهڙائي کان ڏٺو،

آپا جي ڪچهريءَ بي شڪ وڏن ڪتابن پڙهڻ کان گهٽ ناهي.

سندس ڪچهري جو موضوع سنڌ جو ڪو ڳوٺ هجي وري دنيا جون حالتون هجن اها سڀني کان واقف هوندي هئي، منهنجي قلمي دنيا ۾ قدم رکڻ کانپوءِ آپا جي ويجهو اچڻ جو موقعو مليو، منهنجو لاڳاپو ۽ واسطو منهنجي دوست قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جي اليڪشن يا لانگ مارچ ۾ ٿيو، جڏهن مان ۽ اياز دعوت تان دير سان واپس آياسين ته اياز کي هن جي گهر واري اسانجي ڀيڻ ادي ڊاڪٽر صنم ٻڌايو ته رات جو دير سان آپا قمر واحدي تڪڙ ۾ گهر پهتي، رڳو پاڻي جو گلاس پيتائين ۽ اياز لطيف پليجو جي نالي هڪ لفافو ڇڏي هلي وئي. جنهن ۾ محبت سنڌ ريلي لاءِ ۲۵۰۰۰ رپيا آپا طرفان چندو هو، هوءَ بنيادي طور تي هڪ محب وطن عورت هئي، جنهن جي وجود ۾ هميشه سنڌ جي دوستن، سنڌ جي ماڻهن ۽ وطن لاءِ هر وقت نوان خواب ۽ هڪ هلچل هئي.

آپا قمر واحديءَ کي جيڪڏهن مان سنڌ جي ۸۵ سالن ۾ سچي ڌيءَ لکان ته اهو سچ ٿيندو، هوءَ مون ترقي پسند هائوس ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي هڪ پروگرام ۾ پڻ ملي هئي، مون سان ملندي پنهنجي پٽ وانگر ڀاڪر ڀري پهرين صف ۾ مونسان گڏ ويٺي، پوءِ آپا جي ڪچهري، آپا جي تنقيد ۽ پوءِ. آپا قمر واحديءَ جو پيار... هوءَ منشي خاندان جي همدرد ۽ وفادار ساٿي هئي، مان جيڪڏهن عمر جي فرق کي ڇڏي کين دوست لکان ته ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، مان سندس پٽ هئس ۽ هو منهنجي ماءُ، سندس دوستي، سندس محبت ۽ يقين منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هئي. اڄ آپا هن دنيا مان شب برات جي صبح موڪلائي وئي، آپا قمر تي ڇا لکان، هوءَ پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هئي منهنجو قلم ۽ منهنجا ڳوڙها هن عظيم عورت جي جدائي جو ٻڌي ڪري ساٿ نه پيا ڏين..

مان آپا قمر واحدي، سنڌ جي بهادر، وفادار ڌيءَ لاءِ دعاگو آهيان الله تعاليٰ سندس آخري سفر سولو بڻائي آمين

بس آخري جملو اهو لکي پنهنجي لکڻي کي ختم ڪريان ٿو ته هاڻي سنڌ جي عورتن ۾ جيجي زرينا بلوچ ۽ آپا قمر واحدي وارو اسپرٽ وري پيدا ٿيندي نظر نٿو اچي، سنڌ عظيم عورتن کان خالي ٿيندي پئي وڃي، جنهن جو خال ڀرڻ ڏاڍو مشڪل نظر اچي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا