; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو

24 June, 2022

ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو

ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو

ابن مريم

سيد عرفان علي شاھ



ڏهه پندرنهن سال اڳ جڏهن آئون هائوسنگ اسڪيمز جا اشتهار ٽي وي ۽ اخبار ۾ ڏسندو هئس جن ۾ زور چار ديواري تي هوندو هوته آئون سوچيندو هئس ته اهو به وقت هو جڏهن ماڻهو قلعن جي اندر رهندا هئا، بازار به اتي ئي هوندي هئي، ان اندر شهر هوندو هو، باقي علائقو غير محفوظ هوندو هو، ڪاروان سان گڏ پنهنجي هٿياربند فورس هوندي هئي، ڇا هاڻي ٻيهر اهو ئي زمانو اچي رهيو آهي جو ماڻهن کي قلعن ۾ بند رهڻو پوندو؟


اڄ مونکي اهو ئي خيال ملڪ جي سياست جي باري ۾ اچڻ لڳو آهي، جمهوريت جي پوين ڏهه پندرنهن سالن ۾‌سياست بدترين شڪل اختيار ڪري وئي آهي، پهرين ڪرپشن هڪ خاص طبقي تائين محدود هئي، هاڻي هي معاشري جي جسم کان وٺي پير جي نهن تائين پهچي وئي آهي. انهن پندرنهن سالن ۾ نه صرف سياسي ڪارڪن ٺهڻ جون فيڪٽريون بند ٿي ويون بلڪه ماضي ۾ جيڪي ڪارڪن پيدا ٿيا اهي پنهنجي عمر پوري ڪري هن دنيا مان وڃڻ لڳا آهن، جنهن جي ڪري جمهوري نظام ۾ هڪ تمام وڏو بليڪ هول يا اوزون ليئر ۾ سوراخ ٿي ويو آهي، هاڻي ڪرپشن جي سج جي تپش ڊائريڪٽ ماڻهن تي پوڻ لڳي آهي. ستر جي ڏهاڪي ۾ سياست طاقتورن جي اوطاقن ۽ ڊرائنگ روم کان ٻاهر نڪري آئي هئي، هاڻي ٻيهر واپس اتي پهچي وئي آهي.

هي منهنجي خوشنصيبي آهي ته سياست جي حقيقي سياستدانن مان ڪجهه جو ساٿ نصيب ٿيو، انهن مان هڪ ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو صاحب به هو. ۲۰۰۲ کان ۲۰۰۷ تائين اسيمبلي ۾ هو منهنجو ڪوليگ رهيو، مون هن کان گهڻو ڪجهه سکيو. وفاداري جو انعام ٻڌو به ته ڏٺو به، شايد انهن قصن ۾ ڪجهه آئون ڪڏهن لکان ۽ شايد ڪجهه نه لکي سگهان. ڊاڪٽر صاحب جو تعلق بدين سان آهي، بدين سان منهنجو واسطو هن ريت ٿيو جو منهنجو سڳو چاچو اتي رهندو هو ۽ اتي جي سياست ۾ اڻ سڌي طرح حصو به وٺندو هو، انهي ڪري ڊاڪٽر صاحب جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌل هو، مون بدين جي ڪجهه معززن کي ڊاڪٽر صاحب جي باري ۾ شڪايت ڪندي به ٻڌو ته هو هڪ شريف انسان آهي ۽ پر سياسي طور تي ايترو ايڪٽو نه آهي جيترو هن کي هجڻ گهرجي ها، بس پنهنجي ننڍڙي ڪلينڪ وڌيڪ ڌيان آهي. جيڪڏهن هڪ ايم پي اي ڪلينڪ هلائيندو هو ته ان کان وڏي گواهي ٻي ڪهڙي هوندي ته جنهن شخص پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٺاهيو ته صاف ظاهر آهي ته هن ماڻهن جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪيو هوندو، نه ته سياست ۾ رهڻ جو ٽيون ڪو سبب ٿي نٿو سگهي. جيڪي پوين ٻارنهن چوڏنهن سالن ۾ سياست ۾ آيا ۽ انهن جي دولت جي جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جي ملڪيت سان ڀيٽ ڪجي ته شايد ڊاڪٽر صاحب جي ڏهه نسلن جي دولت هڪ طرف ۽ نئين زوري آيل جا پنج اٺ سال ٻئي طرف.

مون پنهنجا پنج سال اسيمبلي جي دور ۾ هن کي ويجهي کان ڏٺو، هو وقت ضايع ڪرڻ وارن مان نه هو، تمام هلڪي لهجي ۾ ڳالهائيندو هو، جنهن سان هن جي خاندانيت، شرافت ۽ لاڙ جو اثر نظر ايندو هو. بدين کي ايل بي او ڊي جي ڪري ٿيندڙ نقصان تي اسيمبلي ۾ نه صرف آواز اٿاريو بلڪه مختلف فورمز تي به هو بدين جو آواز بڻجندو هو. ڀٽو صاحب جو پيروڪار هو، ان جيان مائو ڪيپ پائيندو هو، ڀٽو صاحب کي جڏهن به ياد ڪندو هو ته ٻارن جيان روئيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي ٻارن سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي، هن جا ٻه ٻار آهن هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ، ٻئي ٻاهر رهن ٿا. ماڻهو شايد پئسي واري کي خانداني سمجهن ٿا، جنهن وٽ جدي پشتي پئسو هجي پر حقيقت ۾ ايئن ناهي، خانداني هجڻ جو مطلب گهر جي تربيت هجي ٿي، مونکي ياد آهي ته هڪ ڀيرو ڊاڪٽر صاحب زڪر ڪيو ته هن جي ڌيءَ ڪجهه ڏينهن جي موڪل تي آئي آهي، ٻن ڏينهن بعد چوي ٿي ته بابا آئون فارغ ويٺي آهيان، پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿي، ان لاڙ جي ڌيءَ رضاڪاراڻي طور ٽي سي ايف جي هيڊ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، وڃڻ کان اڳ ان ڪم جي معاوضي طور هن پنهنجي بدين ۾ اسڪول کولرايا، زمين پنهنجي والد کان ورتي، وڃڻ کان پوءِ به ٽي سي ايف وارن سان رابطي ۾ رهي ۽ ان کانپوءِ ٻيا به اسڪول کولرايا، اڄ ٻئي ٻار ٻاهر ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن، ٻئي آءِ ٽي جي فيلڊ ۾ آهن، هڪ شايد مائڪرو سافٽ ۾ آهي.

ڪجهه سال پهرين جي ڳالهه آهي جڏهن ڊاڪٽر صاحب صحت جو وزير هو، اسين هڪ ئي جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين، مونکي چيائين ته توهان گاڏي نه گهرائجو آئون توهان کي ڊراپ ڪري ڇڏيندس، ڊاڪٽر صاحب سان محبت جو رشتو هو مون هن سان شڪايت ڪئي ته اسان جي ڳوٺ ۽ جهلوري شهر ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ اپگريڊ ٿيو هو، ان جي مشينري به اچي وئي آهي اها پئي پئي سڙي رهي آهي، ڊاڪٽر صاحب اسان جي ڪري ماڻهن کي ته تڪليف نه ڏيو، ايس اين اِي ڇو نٿا منظور ڪريو، اسين توهان کان پنهنجي لاءِ ته ڪجهه نٿا گهرون. پوءِ جڏهن ڊاڪٽر صاحب پنهنجي روداد ٻڌائي ته يقين ڪريو مونکي هن سان پنهنجي جائز شڪايت ڪرڻ‌ تي به شرمندگي ٿي. ڊاڪٽر اديب جي اسپتال کي ان جي دور ۾ تمام گهڻو پئسو مليو. ڪورنگي ۾ ڊاڪٽر اديب جي نگرانيءَ هيٺ ٻارن جي هڪ اسپتال ٺهي رهي آهي. گمبٽ اسپتال کي به تمام گهڻي فنڊنگ ٿي، ٻيا به ڪيترائي ڪم هن ڪيا ۽ ڪيترائي هن کي ڪرڻ نه ڏنا ويا، يقينن انهن ماڻهن جي شڪايت ڊاڪٽر صاحب سان صحيح هئي ته محفلن ۽ ڪچهرين ۾ ڇو نظر نٿو اچي، جتي جي رنگينين ۾ اچڻ وارا ئي حقيقي نمائندا آهن، اڄ بدين جي هڪ نمائندي جي باري ۾ جيڪو سوشل ميڊيا تي اچي رهيو آهي، شايد اسان جا ماڻهو اهڙا ئي نمائندا ڊيزرو ڪن ٿا، نوجوان ڏينهن رات نشي ۾ غرق، نه ڪو هوش، نه شڪوه نه شڪايت.

اسان وٽ ڪنهن جي وڃڻ تي ان جي ٻارن جو خيال اچي ٿو يا ان جي ويجهن رشتيدارن جو خيال اچي ٿو، جنهن جو سڀ ڪجهه لٽجي وڃي ٿو ان جي باري ۾ اسان جو معاشرو ايترو نٿو سوچي. مثال طور مونکي هميشه کان اهو احساس رهيو آهي ته ڀٽو خاندان ۾ جنهن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو اها بيگم نصرت ڀٽو هئي، جنهن جو جيون ساٿي هليو ويو، جنهن جا ٻچا شهيد ٿي ويا پر ماڻهو اهو ئي چون ۽ لکن ٿا ته بينظير صاحبه جو سڀ ڪجهه لٽجي ويو. بي شڪ ان جو گهڻو ڪجهه لٽجي ويو پر جنهن جو سڀ ڪجهه لٽجي ويو اها بيگم نصرت ڀٽو هئي پر ان جي باري ۾ لکڻ ۽ چوڻ ۾ ماڻهن جو ڪوخاص فائدو فائدو نه هو.

اهڙي طرح آئون سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جي ٻارن جو ته نقصان ٿيو آهي پر جنهن جي دنيا اجڙي وئي اها ڊاڪٽر صاحب جي گهر واري آهي، ان جو درد، ان جي اڪيلائپ ڪو سمجهي ئي نه سگهندو. آئون سڀ کان پهرين ڊاڪٽر صاحب جي شريڪ حيات سان تعزيت ڪريان ٿو، ٻار ته پنهنجي زندگين ۾ واپس هليا ويندا پر ڊاڪٽر صاحبه جون اکيون، ڪن ۽ زبان ڊاڪٽر سڪندر جي لاءِ ترسندا رهندا. الله وارثن کي صبر ۽ ڊاڪٽر صاحب کي جنت الفردوس عطا فرمائي: آمين.

ڪجهه مهينا پهرين منهنجي آخري ملاقات ڊاڪٽر صاحب سان سندس ڪراچي واري گهر ۾ ٿي هئي، منهنجو هڪ عزيز دوست جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي بلڊنگ ۾ رهندو آهي، ان جي خواهش تي اسين ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ وياسين، هيشه جيان محبت سان مليو، منهنجي جڏهن پهرين نظر ڊاڪٽر صاحب تي وئي ته مون هن کي سڃاتو ئي نه، ڪافي عرصي کان طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. ڊاڪٽر سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون، مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته مون وٽ پنهنجي گڏيل تصوير ناهي، تصوير ڪڍرائڻ لاءِ اٿي بيٺو ته هن پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکيو ۽ چيائين ته هاڻي تصوير ڪڍو. هن پنهنجي نوجواني جو قصو ٻڌايو ته جڏهن هو شاگرد هو ته ڀٽو صاحب هن جي دعوت تي بدين آيو، سياستدان ڀٽو جي خلاف هئا، رستي ۾ هڪ ٻڪريون چاريندڙ ڇوڪري وڻ تي چڙهي جهنڊو لڳائي رهي هئي. ڀٽو صاحب هن کي سڏيو پيار ڪيو ۽ هن جو نالو پڇيو، هن پنهنجو نالو مريم ٻڌايو، هن ٻڌايو ته جڏهن ڀٽو صاحب وزير اعظم ٿيو.۽ بدين جي دوري تي آيو ته چيائين مونکي مريم جي گهر وڃڻو آهي، ڪنهن کي خبر به نه هئي ته مريم ڪير، سڀني مونکي اڳيان ڪيو، آئون نوجوان هئس، ڊڄي ڊڄي پڇيو ته سائين ڪير مريم؟ ڀٽو صاحب چيو ته جڏهن آئون فلاڻي ٽائيم بدين آيو هئس ته هڪ ڇوڪري ٻٻر جي وڻ تي پارٽي جو جهنڊو لڳائي رهي هئي، جڏهن ته بدين جا سڀ سياستدان منهنجي خلاف هئا. وڏي مشڪل سان مريم کي ڳوليو، جڏهن ڀٽو صاحب هن سان مليو ته هن ڀٽو صاحب جي آڱرين کي پڪڙي هن کي چيو ته منهنجي گهر هلو، جڏهن اسين پهتاسين ته اهو گهر نه هو، هڪ ٽينٽ هو، اهو چئي ڊاڪٽر صاحب روئڻ شروع ٿي ويو، جهڙو هن جي ڪنهن عزيز جو اڄ ئي انتقال ٿيو هجي. هي هئي محبت ۽ وفاداري ۽ هي هئي ماڻهن جي سياست. شايد سڄي زندگي ڊاڪٽر صاحب ڀٽو صاحب کي ئي ڳوليندو رهيو، ان جي نه ملڻ جي تڪليف شايد هن کي آخر تائين رهي.

هن مريم جو قصو ڪيترائي دفعا گهڻن ئي ماڻهن کي ٻڌايو، حضرت عيسيَ پنهنجي ماءُ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، الله هن جي هٿ ۾ شفا رکي هئي. هو جنهن مريض جي جسم تي هٿ ڦيريندو هو، اهو ٺيڪ ٿي ويندو هو. شايد ڊاڪٽر صاحب زندگي ڀر سياست جي ابن مريم کي ڳوليندو رهيو ۽ دل ۾ اهو چوندو رهيو.

ابن مریم ہوا کرے کوئی،

میرے درد دل کے دوا کرے کوئی۔

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۴ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا