مظفر منگي
حاڪم منگي
آتڻ اورانگھي ويا، آنء ٿي مران ماء،
پٿون ٿينديس پير تي، هيء ھيء ڪري هاء،
جيئڻ مون نه جڳاء، پرين تان پاسو ڪيو. (لطيف سائين)
مظفر منگيءَ جو جنم
۱۰ جنوري ۱۹۶۴ع تي، مثالي استاد غلام رسول منگيءَ جي گهر ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ٿيو، ٽن چئن
سالن جي عمر جو ٿيو ته سندس ڪٽنب ٻلهڙيجيءَ ڳوٺ کي ڇڏي اچي بگيءَ ڳوٺ ۾ آباد ٿيو. ۱۹۶۶ع ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ڳوٺ ٻنڊيءَ
مان پرائمري پنج درجا پاس ڪيائين، جتي سندس والد صاحب استاد هئا. ۱۹۷۰ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان مئٽرڪ
پاس ڪئي ۽ چانڊڪا سول اسپتال لاڙڪاڻو ۾ ڊسپينسرس ڊپلوما ۾ داخلا ورتي، جنهن جو
امتحان ۱۹۷۲ ع ۾ سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي بورڊ مان پاس ڪيائين.
۱۹۷۳ع ۾ ڪراچي ۾ وائرليس آپريٽر طور هڪ سال تائين سروس ڪئي، بعد ڇڏي ڏني، ۽ ۱۹۷۴ع ۾ پنهنجي ڀاءُ هدايت منگيءَ (جيڪو ان وقت
هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو) جي ڪوششن OGDC ۾ ڊسپينسر
طور مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۶ع OGDC
ڪمپني اداري سندس بدلي بلوچستان ڪئي، ته
مظفر منگي نوڪري ڦٽي ڪري ڇڏي. ساڳي ئي سال ڀاءُ هدايت منگيءَ جي ڪوشش سان سول
اسپتال ڪراچي ۾ ڊسپينسر طور مقرر ٿيو.
انهن ڏينهن ۾ مظفر
منگي هدايت منگيءَ سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ جي شروعات
ڪئي، ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ لکڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ هڪ نظم، جنهن جي شروعات هن
طرح سان ٿئي ٿي؛ “ڪڏهن يار ايندين مون وٽ، ڪڏهن منهنڙو ڏيکاريندين” سنگت جي گڏجاڻي
۾ پڙهيو، جنهن تي خاص طور تاج بلوچ سخت لفظن ۾ تنقيد ڪئي، جنهن تي مظفر منگي گهڻو
جذباتي ٿيو. هدايت منگي کيس بعد ۾ سمجهايو ته تنقيد اصلاح لاءِ ضروري آهي، ان ڪاوڙ
نه ڪبي آهي. ۽ پوءِ هن ڏاڍي محنت ۽ لڳاءَ سان وڌيڪ ڪيترائي نظم لکيا، جن مان هڪ
نثري نظم سنگت ڪراچي ۾ پيش ڪيو
هوءَ جنهن جا نيڻ
نماڻا
لٽا ليڙون، وار
وکريل
سا ڪير هئي؟
سندس ڀر ۾ ٻه جگر جا ٽڪرا
پر سندن نه ڪو پيءُ.
سوچان ٿو
جنهن جي عصمت کي ڪنهن
وکيريو هو
ڪو ته هوندو
جنهن کي پنهنجي ڀيڻ
ته هوندي
جنهن کي پنهنجي
ماءُ ته هوندي.
ان نثري نظم تي کيس
تمام گهڻو ساراهيو ويو، ۽ تاج بلوچ اٿي بيهي زبردست داد ڏنو. بعد ۾ شاعريءَ جي
مختلف صنفن ۾ لکندو رهيو ته ڪجھ ڪهاڻيون به سرجيائين. مختلف مئگزين ۽ رسالن ۾ سندس
لکڻيون ڇپجنديون رهيون آهن. مارچ ۱۹۸۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ بگيءَ جي سرگرمين جي شروعات ٿي، مظفر
منگي نه رڳو تخليقڪار طور سرگرم هو پر هو سنگت بگيءَ جو عهديدار پڻ رهيو
۱۹۷۸ع ۾ مظفر منگي ڪراچي مان ڊسپينسر جي نوڪري ڇڏي آيو، سندس سوٽ محمد رمضان
منگيءَ جي ميهڙ اسپتال مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ خالي ٿيل جڳھ تي کيس ۲۲ نومبر ۱۹۷۸ع تي مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي مختلف ضلعن خاص ڪري
دادو ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن ۾ ڊسپينسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين جتان ۲۰ جنوري ۲۰۱۱ع تي رٽائر ٿيو.
جڏهن مظفر ٿاڻي
بولا خان اسپتال ۾ سروس ڪري رهيو هو، ان وقت لاڙ اندر ڪجھ حلقن پاران “لاڙ بچايو
اترادي ڀڄايو” نعرن سان هڪ تحريڪ هلي رهي هئي. ان وقت مظفر منگي هڪ سماجي تنظيم “نوجوان
اترادي ايسوسيئيشن” ٺاهي ۽ ان جو مرڪزي صدر رهيو.
۱۹۸۶ع ۾ نامياري دانشور ۽ سياست دان جي عوامي تحريڪ سان سلهاڙجي ويو، هو پليجي
صاحب جي پارٽي ڪارڪن ته هيوئي پر پهرين سندس عاشق هو. ۱۹۹۰ ع سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ جيڪا سڀني
سياسي پارٽين ۾ مايوسي جي لهر اٿي، ته مظفر منگي به ان لهر کان متاثر ٿي سياست کان
عملي طور الڳ ٿي ويو ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي سان عملي طور گڏ نه رهيو، پر سندس سوچ
۾ سنڌ سمايل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا ڏک سور سندس ڪچهرين ۾ اهم موضوع رهيا.
۱۹۹۲ع ۾ سنگت بگيءَ جون سرگرميون معطل ٿيون ته مظفر منگي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري
سان سلهاڙجي ويو جتي تمام گهڻو سرگرم رهيو ۽ تخليقون پيش ڪندو رهيو. بگيءَ مان باڊھ
لڏي اچي آباد ٿيو ته سنگت باڊھ جي دستوري گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو. باڊھ سوشل
فورم سان به ڪيترائي سال جڙيل رهيو جتي خاص طور ڀٽائيءَ جي بيتن جي معنيٰ ۽ تشريح
وارين گڏجاڻين جو بنياد وڌو.
سندس لطيف سائينءَ
سان عشق جي حد تائين هڪ رشتو رهيو، اڪثر وقت لطيف سائين جي مختلف رسالن جو مطالعو
به ڪندو رهيو. سورهن سرن جي شرح ۽ سمجهاڻي لکي اٿائين. جنهن مان ڪجھ حصو فيس بڪ تي
“لطيفيات” گروپ تي شيئر به ڪندو رهيو.
چار سال اڳ کيس جگر
جي ڪينسر ظاهر ٿي جنهن جو علاج لڳاتار جاري رهيو، پر گذريل ٻن سالن کان تڪليف وڌندي
رهي جيڪا هن آخري درجي تي پهچي چڪي هئي. ۽ اهو مرض سندس وڇوڙي جو سبب بڻي، تاريخ ۹ جون ۲۰۲۲ع رات جو ڏھ لڳي پنجاھ منٽن تي سندس ساھ جو
سڳو ٽٽي پيو.
سندس شادي پهرين
نومبر ۱۹۷۷ع تي ڳوٺ جکرا مان غلام حسين منگيءَ جي نياڻي سان ٿي، اولاد ۾ پنج پٽ، وڏو
پٽ ناميارو شاعر ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري لاڙڪاڻو ياسر منگي، منصور منگي، آصف منگي، ڪاشف
منگي ۽ وقار منگي، ۽ چئن ڌيئن جو اولاد آهي.
(حاڪم منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا