; سنڌي شخصيتون: فتح الله عثماني

16 June, 2022

فتح الله عثماني

فتح الله عثماني

اڌ ڪميونسٽ جي آتم ڪٿا

حميد سومرو



ھن جو جنم ۱۹۲۴ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ ٿيو، جڏھن ھن جواني ۾ قدم رکيو ته ڀارت ۾آزادي جي تحريڪ زورن تي ھئي. سباش چندر بوس، ڀڳت سنگھه، اونڪار ناٿ پرشاد سماجي انقلاب جي ڳالھه پئي ڪئي ۽ گانڌي جي “ڪُئِٽ انڊيا” تحريڪ کي وڄ جو پاڻي آيل ھو. انھن تند ۽ تيزانقلابي لھرن کان حيدرآباد دکن به آجو به ھو جنھن جو نربدا(نرمدا) درياءُ اتر جي مٿانھين سرزمين ۽ ڏکڻ انڊيا ۾ سنڌو آباد ڪندو ھو. انھي حيدرآباد دکن جي عثمانيه يونيورسٽي ۾ موجود ادبي فڪري ھلچل نوجوان جذبن کي انقلاب جي مھڪار ڏيئي ڇڏي ھئي. انھي حيدرآباد دکن ۾ ڀارت جي مذھبي ڀائيچاري جي اھم شخصيت سروجني نائيڊو جنم ورتو جتي ھر وقت اديبن جو ميڙو متل ھوندو ھو، مخدوم محي الدين جا انقلاب سان معطر ۽ وجد ۾ رچيل گيت ڳايا ويندا ھئا، جتي تلنگانه جهڙيِ وشال تحريڪ جنم ورتو جنھن ۾ حسن ناصر، مشھور شاعر مخدوم محي الدين سميت ننڍي کنڊ جي انقلابي سياست داخل ٿي ته پورو ننڍو کنڊ انقلاب سان واسجي ويو، جنھن کان اتحاد بين المسلمين جي زير اثر بھادر يار جنگ جهڙا نواب به متاثر ٿيڻ کان نه بچي سگهيا ۽ انھي بھادر يار جنگ سان احترام ۽ محبت جي رشتي ھڪ بي لوث ۽ يگاني انقلابي کي اڌ ڪميونسٽ سڏجڻ تي مجبور ڪيو.



ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻي سان ھندوستان ۾ آزادي جي ھلچل تيز ٿي ھڪ نئين رخ تي ھلي پئي ۽ پوءِ بند ڪمرن ۾ راھه ھمورا ڪري فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ شامل ٿجي يا ڀارت ۾ ٽئين ڪا به واٽ ڪانھي. جيئن ته حيدرآباد دکن نظام دکن جي مسلم حاڪم جي عملداري ھيٺ ھڪ راجائي رياست ھو انھي ڪري نظام دکن سميت روايتي مسلم سياست پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪيو ليڪن وچ ڀارت ۾ اھو سڀ ڪجھه ولڀ ڀائي پٽيل ۽ جواھر لعل نھرو سميت ڪانگريسي سياست ۽ برطانوي راڄ لاءِ ڪيئن ممڪن ھو ءِ پوءِ نواب ڇتاري ڀارت سان الحاق جي معاھدي تي صحيحون ڪيون ورھاڱو ٿيو ۽ حيدرآباد دکن ۽ اورنگ آباد جي تاريخي ماڳن، غارن “اجنتا “۽ “الورا “جو پريمي اڌ ڪميونسٽ شرڻارٿي بنجي پاڪستان جي شھر سکر پھتو ۽ اتي “پريم ڪُنج” اچي آباد ڪيائين ۽ مرندي گهڙي تائين سکر جو سنڌِي ۽ سنگِي ٿي رھيو. انھي اڌ ڪميونسٽ جو نالو فتح الله عثماني ھو. حيدرآباد دکن ۾ اڍائي ڪميونسٽ مشھور ھئا جن ۾ ھڪ نوح صديقي ٻيو خواجه معين الدين ۽ ٽيون فتح الله عثماني جنھن کي نواب بھادر يار جنگ سان تعلق ۽ رشتي جي ڪري اڌ ڪميونسٽ سڏيو ويندو ھو.

جنھن سياست ۽ تحريڪ سان فتح الله عثماني جو حيدرآباد دکن ۾ تعلق ھو انھي جو پاڪستان ۾به جوڀن ھو ۽ سکر پھچڻ سان ئي سکر ۽ پسگردائي جي ٽريڊ يونين، ھاري ڪميٽي، سکر جي ادبي ۽ فڪري سوچ ذريعي حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، مولوي نذير جتوئي، غلام محمد لغاري، علي محمد قريشي، ڪامريڊ عبدالخالق آزادبرڪت علي آزاد، نواز خان ايڊووڪيٽ، روھڙي سيمينٽ فيڪٽري ۽ زير زمين ڪميونسٽ سياست سان سلھاڙجي ويو. جڏھن سجاد ظھير ڪميونسٽ تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ خيرپور پھتو ته ھن جي به ساڻس ملاقات ٿي. انھي دوران ھن جي سوڀِي گيانچنداڻي سان ملاقات ٿي. سوڀوگيانچنداڻي کي ھو علم جو درياءَ ڪوٺي ٿو جنھن جي سياست معاشيات، سماجيات، ادب تي گھري نظر ھئي. سوڀو جڏھن به سکر ايندو ھو ته ھر ميڙ ۾ ھر ڪچھري ۾ ھي ساڻس گڏ ھوندوھو. ۱۹۶۱ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي ڪريڪ ڊائون شروع ٿيو۽ ۱۹۶۴ ۾ ان تي بندش پئي ۽ ھي لياقت علي خان مخالف سياست جو حصو بڻجي ويو. جنھن ملڪ ۾ لياقت علي خان جي مقابلي ۾ ڪنھن کي به سياست ڪرڻ غلط سمجھيو ويندو ھو انھي ملڪ جي سکر شھر ۾ ھن سنگت سان گڏجي لياقت علي خان جي روايتي مخالف بنگالي سياستدان حسين شھيد سھروردي کي گهرائي ليوڪس پارڪ ۾ جلسو ڪرايو. ھن جي ھوندي سکر ۾ ڏسندي ڏسندي ھڪ سئو اديبن جو حلقو جڙي ويو جنھن ۾ مظھر جميل، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، پيڪر نقوي، حمايت علي شاعر، خالد عليگ، محسن ڀوپالي، حسن حميدي جا نالا شامل آھن جن جو ادبي سياسي ميلان ترقي پسندي ڏانھن مائل ھو ۽ پوءِ انھي سٿ ڊسمبر ۱۹۶۳ع ۾ ريلوي انسٽيٽيوٽ سکر ۾ شاندار ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي.

 

انھي اڌ ڪميونسٽ مقامي سطح تي سوڀي جي صلاح سان “ترجمان” نالي اخبار جاري ڪئي جنھن ۾ مقامي مسئلن، مزدورن ھارين تي ظلم ۽ استحصال سميت ادبي خبرون ھونديون ھيون، ملڪي، زرعي، سياسي صورتحال تي مضمون ھوندا ھئا جيڪي ڪميونسٽ پارٽي جي پروگرام جو ئي خاڪو ھوندو ھو. اھا اخبار ھٿو ھٿ يا پوسٽ ذريعي موڪلي ويندي ھئي ۽ انھي اخبار لاءِ اشتھارسکر جي مقامي ڪاروبارين کان ورتا ويندا ھئا. فتح الله عثماني ھاري حقدار آفيس ۾ ان ميٽنگ جو ذڪر به ڪري ٿو جنھن ۾ سيد ۽ جتوئي گڏجي متحدہ محاذ ٺاھڻ تي اتفاق ڪيو، انھي دوران ميان افتخارالدين “آزاد پاڪستان پارٽي”، سرحد ۾ خان عبالغفار خان “سرخپوش”، عبدالصمد اچڪزئي “دواور پختون” ۽ قلات جي شھزادي عبدالڪريم، غوث بخش بزنجو “اتمان گل” ٺاھي جن کي ۱۹۶۴ع ۾ھڪ ڪري”نيشنل پارٽي”ٺاھي ويئي جنھنجو پروگرام جمھوريت، برابري، زمينداري جو خاتمو، انسان دوستي، سامراج کان نجات ھو. جنھن جي ڪري سکر جي سياست ۾ وڏيون ڏوررس تبديليون آيون ۽ ھر ھنڌ نيشل پارٽي جون برانچون قائم ٿيون. انھي موڙ تي ئي ون يونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ٿيو. “نيشنل عوامي پارٽي” به درحقيقت نيشنل پارٽي جي وسعت ھئي جنھن ۾ بنگال مان مولانا عبدالحميد ڀاشاني به شريڪ ٿيو.

سکر ۾ انھي” نيپ” جي پليٽ فارم تان زبردست سياسي سرگرميون شروع ٿيون جنھن ۾ پوري ملڪ جا ترقي پسند قومپرست روشن خيال ماڻھو شامل ھئا. سکر سميت حيدرآبار ڪراچي نوابشاھه، جيڪب آباد ۽ ٻين ڪيترن شھرن ۾ بي شمار سياسي ثقافتي اجتماع ٿيا جن ۾ شيخ اياز جي شاعري اتساھه سان ڳائي ۽ ٻُڌي ويندي ھئي. انھي ھلچل ۾ سکر مان اعزاز نظير، حسن حميدي، مظھر جميل فتاح ملڪ، نبي بخش کوسو، عبدالقادر انڍڙ، حفيظ لاکو، رشيد ڀٽي سرگرم رھيا. انھي اڌ ڪميونسٽ جي غريب خاني تي خان عبدالغفار خان، محمود علي قصوري، پروفيسر مظفر، ولي خان، اجمل خٽڪ، ميجر اسحاق، محمودالحق عثماني، ڄام ساقي، مير ٿيٻو، امام علي نازش جي اچڻ جو ذڪر به آھي. عوامي ھلچل ۽ مزاحمت جي نتيجي ۾ نيٺ ون يونٽ ٽٽو ۽ ان جي ٽٽڻ جو سکر ۾ شاندار جشن ملھايو ويو. پاڪستان ٻه اڌ ٿيو ۽ جڏھن ڀٽي جي حُڪومت آئي ته انھي ۾ اڌ ڪميونسٽ کي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رياستي ڏاڍ استعمال ڪيو ويو۽ آخر ايئن ئي ٿيو ته ھو پنھنجي سموري سياسي انقلابي ورثي کي تياڳي جنھن سان ھن جا اڳ ۾ ئي اختلاف ٿي چڪا ھئا، پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو ۽ ۱۹۹۰ع ۾ مرڻ گهڙي تائين ان جو حصو رھيو. مٿي ڄاڻايل ڪو ھٿ جو ٺاھيل قصو يا وارتا ناھي بلڪه ھي حيدرآباد دکن کي تياڳي، سکر کي پنھنجو جيون دان ڪندڙ سنڌي سِکي سنڌي ٿِي ڏيکاريندڙ فتح الله عثماني جي آتم ڪھاڻي “نربدا کان مھراڻ “جو وچور آھي جنھن جو اردو ايڊيشن ته ۲۰۰۴ع ۾ سامھون آيو ھو جنھن جي سکر جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ مھورتي تقريب ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڄام ساقي، شيام ڪمار، رحيم بخش جعفري، رڪن دين قاسمي، مسلم شميم، ممتاز مھر۽ مظھر جميل شريڪ ٿيا ھئا انھي ڪتاب جو ئي پروفيسر سرور سيف پاران سنڌي ترجمو ٻه سال اڳ ڇپجي منظر تي آيو.

انھي ڪتاب جو مھاڳ ڊاڪٽر مبارڪ علي لکيو آھي جنھن ۾ ھن آتم ڪٿا کي ھڪ تاريخي دستاويز سڏيو آھي. ڪتاب تي پڙھڻ جهڙا ۽ معلوماتي ٻه اکر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي به لکيا آھن ته ڪيئن نه حسن ناصر جو قتل سندس حيدرآباد دکن واسي فتح الله عثماني سميت انوقت جي ڪامريڊن تي اثر انداز ٿيو. ھن آتم ڪٿا ۾ اڌ ڪميونسٽ نالي سان حيدرآباد دکن ۾ سڃاتو ويندڙ فتح الله عثماني جي صرف آتم ڪٿا ناھي بلڪه ھڪ عھد جو بحث آھي جيڪو ھڪ شخص سميت ھڪ انقلابي عھد جي جوڀن ۽ زوال جي ڪٿا آھي جنھن ۾ پاڪستان ٺھڻ سان ھڪ معياري ڇال آيو، انقلابي سياست تيزي ورتي ڪميونسٽ پارٽي ۾ اڀار آيو ان تي پابندي پئي ۽ ڪميونسٽن سميت سمورا انقلابي ترقي پسند قومپرست سياسي ڪارڪن عوامي نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿي ويا جنھن سان سنڌ جي قومي ۽ فڪري سياست جو جوڙ ٿيو ته ھڪ عھد ساز تحريڪ جو جنم ٿيو ۽ ايوب خان سميت ون يونٽ جو به خاتمو ٿيو. انھي عھد کان پوءِ بنگال حق نه ملڻ ۽ جدوجھد جي نتيجي ۾ الڳ ملڪ جي نالي سان وجود ۾ اچي ٿو ۽ ھن ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت قائم ٿئي ٿي، “نيپ” تي پابندي لڳي ٿي آخر ڀٽي جي حڪومت جو به خاتمو ٿئي ٿو. جنرل ضياءَ جي مارشلا خلاف زبردست مزاحمت ٿئي ٿي ليڪن ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ۱۹۶۸ع ۽ ۱۹۶۹ع جي انقلابي تحريڪ جي برعڪس ۱۹۸۳ع جي ايم آرڊي تحريڪ صرف سنڌ ۾ ئي وسعت اختيار ڪري ٿي.

عوامي نيشنل پارٽي تي فتح الله عثماني اصولن تان ھٽي ويل پارٽي جو الزام ھنيو. انھي پارٽي تي بندش پئي ته ان جي ڪک مان اھڙي پارٽي اين ڊي پي جي صورت ۾ برآمد ٿي جنھن جوانديشو نيپ کان الڳ ٿيندي عثماني ڪيو آھي. ھن پنھنجي سياسي انقلابي ورثي تي شھري بابو ۽ شھري قيادت جي غلبي جو الزام لڳايو آھي. ڪتاب ۾ ھاري ۽ مزدور سياست تي قلم کنيو ويو آھي ته ھن سکر جي اردو ڳالھائيندڙ آبادي تي به لکيو آھي ته ڪيئن انھي ھر سنڌ دشمن سياست جو حصو بڻجي ظالمن ۽ سنڌ دشمنن جا ھٿ مضبوط پئي ڪيا آھن. ھن تاشقند ۾ پاڪ ڀارت معاھدي جي حمايت ڪندي لکيو آھي ته ان معاھدي سان ننڍي کنڊ جي ماڻھن وچ ۾ امن جي اميد پيدا ٿي ھئي. ھن تاريخي سڪرنڊ ھاري ڪانفرنس جو ذڪر ڪيو آھي جنھن ۾ٻه ھزار مندوب شريڪ ٿيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي موت کانپوءِ ٿيندڙ انھي ڪانفرنس ۾ شھري ڪامريڊن پاران پنھنجي مرضي جي ورڪنگ ڪميٽي آڻڻ جو ذڪر ٿيل آھي ته ڪامريڊ عبالقادر انڍڙ ۽ رمضان شيخ جي جذباتي ٿيڻ، مايوس ڪن ڪانفرنس جي خاتمي تي ڪامريڊن جو روئي ڏيڻ جو ذڪر به آھي. ڪتاب جو نالو” نربدا کان مھراڻ “آھي. نربد ا درياءَ ڏکڻ ۽ اتر ڀارت جي وچ مان گذري اولھه ۾ کنڀات جي نار وٽ ھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ درياءِ مھراڻ به سمورو پاڪستان لتاڙي انھي ساڳي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري نربدا جي پاڻي سان ھڪ ٿي ويندو آھي. فتح الله عثماني به حيدرآباد دکن ۽ موھن جي دڙي جي تھذيب ۽ سياست کي ھڪ ڪري ھڪ آدرشي انسان جي خصلت ظاھر ڪئي آھي، جنھن خصلت پنھنجي سنگت ۾ اڌ ڪميونسٽ سڏيو ويندڙ فتح الله عثماني کي ھڪ مڪمل انقلابي ۽ اعليٰ انسان بڻائي ڇڏيو آھي جنھن کي سنڌ، ان جو سکر ھميشه ياد رکندا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا