; سنڌي شخصيتون: هري سنگهه ڊنگو مل، سنڌي اشاعت، مختيار ملاح،
Showing posts with label هري سنگهه ڊنگو مل، سنڌي اشاعت، مختيار ملاح،. Show all posts
Showing posts with label هري سنگهه ڊنگو مل، سنڌي اشاعت، مختيار ملاح،. Show all posts

18 June, 2022

هري سنگهه ڊنگو مل

هري سنگهه ڊنگو مل

(سنڌي اشاعت جو باني)

مختيار ملاح



ان زماني ۾ ماستر هري سنگهه پهريون سنڌي پبلشر هو، جنهن اشاعتي ڪم شروع ڪري، ان کي اداري طور ڪاميابيءَ سان هلايو. کائنس اڳ ۾ ڪجهه پارسي ۽ ڪجهه سرڪاري اشاعتي ادارا هوندا هئا، سنڌ ۾ خانگي طور ڪتابن جي اشاعت جو سڀ کان اول رواج هري سنگهه وڌو. ماستر هري سنگهه ڊنگومل جو جنم سکر ۾ ٿيو. سندس باري ۾ پرسرام ويرومل لکي ٿو ته “وڏي همت، سمجهه ۽ بصيرت جو مالڪ ماستر هريسنگهه ولد ڊنگومل ۱۸۶۷ع ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر هو. آريه سماج جو پڪو پريمي ٿي رهيو، جنهن جو ڪيئي ورهيه صدر هو”. هن بنيادي تعليم سکر مان حاصل ڪري، سکر جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو ۽ سندس شاگرد، نالي وارا عملدار بڻيا.