سَنڀُو مل هميراڻِي
جنهن ڪڏهن سمهي سک نه ماڻيو
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
ٿر جي ڌرتي تي اڃا
سِجُ ٽامِڻي هَڻِي رهيو هو، اڃا ڪَتِي جي ڪاڙهن سان هر گس ۽ گهيڙ تي رِڻَ جهڙِي
ريت ڇانيل هُئي. اڃان انسانيت جي عظمت جو جهنڊو بلند ڪري هلندڙ قافلو پنهنجي منزل
تي پهتو ئي نه هو ته هي ڇا ٿيو....!! ڇپر ۽ ڇانوري جهڙو شخص، قافلي جو روحُ روان، موت
جدا ڪري ڇڏيو. هن جي جدا ٿيڻ سان حياتي جي حوصلي جا ڦُول وِکرِي ويا. روشنيءَ جو باب
اڌ ۾ رُڪجي ويو.