ظفر سنڌي
هڪ ليکڪ جي پُراسرار زندگي
۽ پڄاڻي
جان خاصخيلي
سماجي ميڊيا تي
سندس گذاري وڃڻ جو مختصر پيغام ڇڏيو ويو. هڪ صحافي دوست هن جي وڇوڙي تي پنهنجي
ردعمل ۾ لکيو ”ظفر لساني ۽ مذهبي نفرتن کان آزاد هڪڙو يگانو شخص هو. منهنجي هن سان
ڪڏهن به ملاقات نه ٿي پر گذريل هڪ ڏهائيءَ کان فيسبوڪ انباڪس تي ساڻس لکت ۾ ڳالھ ٻولھ
ٿيندي رهي. هن پنهنجو خانگي اسڪول کوليو، ڪتابن جا ترجما ڪيا، ڪهاڻيو لکيون، ويڊيوز
بنايون ۽ ويبسائيٽس جا ڊومينس وڪرو ڪيا پر کيس ڪجھ پلئه نه پيو، ظفر هن سماج توڙي
پنهنجي گهر ۾ بلڪل انفٽ هو، هن افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته ڪاش زندگي ۾ تو سان ملي
سگهجي ها“.
