; سنڌي شخصيتون: پرديسي انور

09 November, 2022

پرديسي انور

پرديسي انور

اديب ۽ شاعر جو علمي، ادبي سفر ‎‎

شفيق وساڻ



تعليمي ادارن ۾ سٺا استاد آھن، انھن جي محنتن ۽ ڪاوشن کي اجاگر ڪرڻ قلمڪارن تي فرض آھي پروفيسر انور پرديسي سان سندس ڪيل خدمتن ۽ تعليمي ۽ ادبي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي. ان ڪيل ڪچهري کي قلم جي ذريعي دوستن تائين پھچائڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ ۾ اھڙا انمول ھيرا آھن جنھنجو علم ۽ ادب کي وڌائڻ ۾ حصو آھي. انھن مان علمي ادبي شخصيت انور پرديسي به ھڪ آھي.


هن هميشه ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ واري زندگي گذاري آھي.

جڏھن به دوستن ۾ ڪچھري ٿيندي يا ادبي ۽ تعليمي پروگرام ھوندا ته پوءِ ھي مھڪندڙ چھرو ذھين ۽ زبان تي تري ايندو آھي. جيڪو تعارف جو محتاج نه آھي. سندس زندگي علمي جاڳرتا ۽ نوجوانن کي اتساھيندڙ ڪردار رھيو آھي. پاڻ جنھن ڪميونٽي سان واسطو اٿس ان معاشري مان ڦٽي نڪرڻ ۽ جاکوڙي ڪردار آھي پنھنجي نياڻين کي به تعليم ڏياري آھي. سندس ھڪ فرزند نثار ڪٽوھر به ليڪچرار آهي ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي.

اصل نالو سندس داد محمد ڪٽوهڙ آھي پر ھن نالي جي تمام گھٽ ماڻھن کي خبر آھي. سندس دوستن مٽن مائٽن ۾ ادبي نالو ڊاڪٽر انور پرديسي مشهور آھي، پرديسي سندس تخلص اٿس جو شاعري ۾ استعمال ڪندو آھي. هن ممتاز حسين ڪٽوهڙ جي گھر ۾ اک پٽي سندس جنم ۲۸-۹-۱۹۷۳ع ۾ ڳوٺ پنواڙي تعلقه ۽ ضلع خيرپور ۾ ٿيو. سندس تعليمي سفر ايم اي سنڌي ۽ پي ايڇ ڊي ۾ سنڌي شعبي ۾ ڪئي اٿس. پاڻ تعليمي خدمتن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر گورنيمنٽ سرائي پيارو خان ڪاليج ايٽ ڪوٽڏيجي ۾ به ڪم ڪيو. توڻي جو پرديسي صاحب کي تڪليفون سھڻيون پيون. ادبي دنيا ۾ لکڻ جي شروعات ۱۹۹۵ع ۾ ڪيائين.

شعر و شاعري ۽ تاريخ سان لڳاءُ اٿس، سندس شاعري ريڊيو ۽ سنڌي چئنل ڪي ٽي اين مھراڻ ڪشش سنڌ ۽ آواز چئنل تي ڳائي وئي آھي. سندس شاعري من موھيندڙ ۽ دلڪش آهي، هن کي پڙھڻ ۽ پڙھائڻ ۽ لکڻ سان دلچسپي آهي.

سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيل آهن، شاعري جو ڪتاب ”دل جي آڳر تي“ ۲۰۱۲ع ۾ ”جوڳيءَ کنيو جس“ (رسول بخش پليجو بحيثيت ادبي نقاد ۲۰۱۹ع شايع ٿيو آھي.

ادب جي دنيا ۾ سرگرم ڪارڪن ۽ سماجي ۽ ڀلائي ڪندڙن ادارن ۾ بنا لالچ لوڀ جي هن ڪم ڪيو آھي. هيءُ علم دوست ادبي سنگت سنڌ جو ٻه ڀيرا مرڪزي صدر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ شاخ خيرپور جو هڪ ڀيرو سڪريٽري جنرل ۽ هينئر ڪائونسلر آهي، سگا شاخ خيرپور ۾ پريس سڪريٽري جي حيثيت سان ڪم ڪري رھيو آھي. ڪافي ادبي پروگرامن ۾ ادبي پورھيو ۽ علمي جاڳرتا بيدار ڪرڻ ۾ سندس اھم ڪردار رھيو آھي. هن ۵ ايوارڊ به حاصل ڪيا آهن، پروفيسر انور پرديسي نه صرف فقيراڻي طبعيت جو مالڪ آھي پر پرڪشش ۽ دلربا سھڻو بااخلاف ۽ محبتي انسان دوست به آھي، سندس تعليمي ۽ ادبي پورھيو قابل تعريف آھي. سندس چواڻي تعليم ئي قومن کي زنده رکي ٿي جن قومن کي ختم ڪرڻو ھجي ان قوم جي تعليم ختم ڪيو، اھا قوم خود بخود ختم ٿي ويندي. تعليم شعور ۽ تبديليءَ جو نالو آھي سندس شاگردن کي پيغام آھي ته لڳاتار محنت ڪريو ۽ پنھنجي زندگيءَ جو ڪو مقصد رکو ته مون کي ڇا ٿيڻو آھي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪريو. ڇو ته الله پاڪ ڪنھن جي به محنت رائگان نه ڪندو آھي، محنت ۾ عظمت آھي ۽ اجايو وقت نه وڃايو، موبائل فون جو صحيح استعمال ڪريو. لائبررين۽ ڪتابن سان دوستي ڪريو. ڪتاب ئي توھان کي علمي شعور ۽ آسمان جي بلندين تي پھچائيندا.

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي،

متان ٿيئي اونداھ، پير نه لھي پرينءَ جو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا