ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي
(هند جي ٻال ساهت جو
سرموڙ نقاد، مني ڪهاڻيون جوڙيندر ۽ مُحقق)
ڊاڪٽر سنڌيا چندر
ڪندناڻي
هند جي ٻال ساهتيه
جو سرموڙ نقاد، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، ڪالم نگار، ترجمان، سمپادڪ، مُحقق،
شاعر، ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ، ممتا درجو ماڻيندڙ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيءَ جو جنم ۹ جنوري ۱۹۴۶ع تي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ شري ڪشچند بلواڻيءَ جي
گهر ۾ ٿيو.
هوندراج بلواڻي هڪ
سال جو مس هو جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي بعد سمورو ڪٽنب اچي احمدآباد ۾ وسيو. بلواڻي
اسڪولي تعليم پرائيندي، بي ايڊ، ايم اي، پي ايڇ ڊي ۽ هنديءَ ۾ ڪوود ڪئي. جڏهن ته ڊپلوما
ان جرنل-ازم ۽ ٻيا پڻ ڪيترا ئي ڊپلوما جا ڪورس ڪيائين.
