(تاريخ جو وسريل ورق)
پروفيسر
ڊاڪٽر محمد اشرف سمون
راڄو ڳوٺ-
سال
ٺٽي جي درياه واري
علائقي جي ٻنهي پاسي وڏي آبادي آهي، جنهن ۾ سوَن جي تعداد ۾ وڏا مشهور ڳوٺ آباد
آهن، ائين چئجي ته اهو ڪچي وارو علائقو آهي، ان ڪچي واري دريائي علائقي ۾ هڪ
علائقو ’سال‘ آهي ائين چئجي ته ٽنڊي حافظ شاهه کان وٺي جهرڪن تائين ڪچي واري پوري
علائقي کي سال سڏيو ويندو آهي. ڪن ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي علائقو درياء جي اُٿل تي
آباد ٿيندو آهي، جيڪا سال ۾ هڪ دفعو ٿيندي، ان ڪري کيس سال سڏيو ويندو آهي. ان
علائقي ۾ مختلف ڳوٺ برادريون آباد آهن، جيڪي پنهنجي تهذيب ڪلچر ريتن ۽ رسمن جي
حوالي سان ڪافي مشهور آهن، گڏوگڏ آبادي، هن علائقي جا پلا، فصل، گدرا مشهور رهيا
آهن، ڪنهن زماني ۾ حڪومت درياهه کي مقاطعي تي ڏيندي هئي، وڻج واپار سان به هي سال
مشهور معروف رهيو.
