; سنڌي شخصيتون: مٺل جسڪاڻي، اعظم ڀٽي، مخمور مهيري، حڪيم يوسف، صحافي، شاعر، مصري خان مخمور مهيري،
Showing posts with label مٺل جسڪاڻي، اعظم ڀٽي، مخمور مهيري، حڪيم يوسف، صحافي، شاعر، مصري خان مخمور مهيري،. Show all posts
Showing posts with label مٺل جسڪاڻي، اعظم ڀٽي، مخمور مهيري، حڪيم يوسف، صحافي، شاعر، مصري خان مخمور مهيري،. Show all posts

01 May, 2021

مصري خان مخمور مهيري

مصري خان مخمور مهيري

نالي وارو صحافي، ايوارڊ يافته ڪالم نگار ۽ عوامي شاعر جو تعارف ۽ پروفائل

حڪيم يوسف



آئون مصري خان المعروف ”مخمور مهيري“ ولد بهارو خان مهيري ۲۰ جنوري ۱۹۳۲ تي پنهنجي مٺڙي ڳوٺ ونگائي مهيري ديهه ملوڪ پور تعلقو ٽنڊو حيدر ضلع ٽنڊومحمد خان ۾ پيدا ٿيس. مون پنهنجي تعليم سنڌي فائنل ۱۹۵۲ع ۾ مڪمل ڪئي، ان کان علاوه مون پنهنجي سنڌي اديب واري امتحان ۾پوري سنڌ ۾ پهرين نمبر حاصل ڪيو. هن تر جا ۽ سموري سنڌ جا علم دوست ۽ادب دوست مونگي بحيثيت شاعر، اديب، تعليمي ماهر، مثالي استاد، ڪالم نگار، مبصر، تجزيه نگار، مثالي استاد ۽ سينئر صحافي  طور ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا. جيئن ته منهنجو اباڻو ڳوٺ ديهه ملوڪ پور آهي ”ملوڪ پور“ نالو مذڪوره ديهه تي ان ڪري پيو جو هن ديهه ۾ آڳاٽي وقت ۾سُٺا ۽ سُهڻا، نيڪ ۽ ملوڪ، انصاف پسند ۽ ايماندار ماڻهو رهندا هئا، جيڪي مهمان نواز، ملنسار، محبتي، مڻيادار، خوشبودار ۽ خدمتگار هوندا هئا، ملوڪ پور ۾ انبن، ٽالهين، ٻيرن، گيدوڙي، نمن ۽ ڄَمُن جا وڻ هوندا هئا، انهن وڻن تي چَتُن ۽ چيهن جون تنوارون، ڪوئل ۽ بلبل جون پوڪارون اصل من کي موهي وجهنديون هيون، کيتن ۾ فصل ڀلا ٿيندا هئا، پاڻي جام هوندا هئا، انهن خوبين جي ڪري ديهه جو نالو ملوڪ پور پيو.