; سنڌي شخصيتون: عبدالغفور سومرو - ناصر قاضي

04 January, 2015

عبدالغفور سومرو - ناصر قاضي

عبدالغفور سومرو
مينديءَ جي سرهاڻ جهڙا گيت آلاپيندڙ گڻائتو گلوڪار
ناصر قاضي
ڪنهن کيس ’شهرن جي راڻي‘ ٿي سڏيو ته ڪنهن وري مٿس ’سنڌ جي پئرس‘ جو نالو ڏنو. حقيقت اها آهي ته هن شهر جي تهذيب ۽ تمدن شاهوڪار ۽ سڀني وصفين شاهڪار هجڻ جي ڪري ئي اتر سنڌ جي اها سهڻي وسندي سچ پچ ته ’شاهوڪارپور‘ ۽ ’شاهڪارپور‘ به آهي، جنهن کي سڀ ’شڪارپور‘ جي نالي ۽ حوالي سان سڃاڻين ٿا. سنڌ ڌرتيءَ جي هن سهڻي شهر کي ڪوتا توڙي ڪلا جي ٻن ڏاهن ڏات ڌڻين شيخ اياز توڙي خانصاحب استاد منظور علي خان جي جنم ڀومي هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. اهائي شڪارپور جي سرزمين ساميءَ جي سڃاڻپ کي صدين کان پنهنجي سيني ۾ سانڍيندي پئي اچي.


نه رڳو هي شهر، پر پوري شڪارپور ضلعي ۾ شايد قادر پنهنجي قدرت سان هڪ روحاني رمز سمائي ڇڏي آهي. شڪارپور جي ڀاڳن ڀري ڌرتي منچر شاهه غازي، فخرالله شاهه علوي، پير ڪمال شاهه، سيد ولايت شاهه، صوفي فيض درياهه، ٻڍل فقير، غمدل فقير، سيد قلندر شاهه جيلاني، سيد بگن شاهه، صوفي حاجن شاهه (لونگاڻن واري) توڙي ٻين ڪيترن ئي اهل الله صوفي درويشن جي آخري آرامگاهه بڻيل آهي. ساڳئي سر زمين پنهنجي صدين واري سفر ۾ سنگيت جي سرن جي سخا جو به مرڪز رهي آهي. ان ئي شاهڪار ديس سان واڳيل ڪلاڪارن مان خانصاحب استاد گامڻ خان، خانصاحب استاد بيبو خان، خانصاحب استاد منظور علي خان، استاد هادي بخش خان، سورڳواسي وريل داس ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا ڪلا جا ڪردار پنهنجن سريلن آواز سان سنڌي سنگيت جي خدمت ڪري، پنهنجو واهه جو وارو وڄائي ويا.
هلندڙ وقت ۾ سنڌي موسيقيءَ جي سريلي راڳيءَ عبدالغفور سومري جو واسطو به ضلعي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ وانڍ قلب علي خان پٺاڻ سان آهي، جتي هن 22 فيبروري 1964ع تي محترم ساجن خان سومري جي گھر ۾ جنم ورتو. تعليم جي ميدان ۾ اٺ درجا تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پڙهائيءَ وارو سلسلو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين، جنهن جي ڪافي عرصي کان پوءِ تعليم جي اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي، ساڳيو سلسلو ٻيهر شروع ڪري، بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين.
عبدالغفور سومري کي هڪ حوالي سان موسيقيءَ جي ميراث ورثي ۾ ملي، ڇاڪاڻ ته سندس چاچي پير بخش سومري عرف ’پيراڻي فقير‘ جو درگاهه ٻڍل فقير سان طريقت جو تعلق هو، جنهن حوالي سان پاڻ يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي رڌم تي صوفي راڳ ويراڳ آلاپيندو رهندو هو، ننڍپڻ ۾ پنهنجي چاچي کي ڏسي ۽ ساڻس ڪچهريون ڪندي عبدالغفور جو روح به ريجھندو رهيو. ٻالڪپڻ وارن انهن ڏينهن ۾ وندر لاءِ سندس گھر ۾ ريڊيو هوندو هو، جنهن تي پاڻ موسيقيءَ جا پروگرام وڏي چاهه سان ٻڌندو هو، موسيقيءَ جا اهڙا پروگرام ٻڌندي، عبدالغفور تنهن وقت جي ريڊيي جي نامور ڳائڻن ٻڍي فقير ۽ غلام قادر لنجواڻيءَ جي آواز ۽ انداز کان بيحد متاثر ٿيو ۽ انهن راڳين جا ڳايل ڪلام ياد ڪري پنهنجي منهن جھونگاريندو رهندو هو. اهڙيءَ طرح ٻاروتڻ  ۾ ئي پاڻ آهستي آهستي راڳ طرف راغب ٿيڻ لڳو.
اڳتي هلي اٽڪل 1972ع ۾ عبدالغفور سومرو جڏهن ڪجھه سمجھه ڀريو ٿيو، ته راڳ سان سندس شوق ۽ دلچسپي ڏسي، سندس چاچو پيراڻو فقير کيس ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ ’پير بخش ٽالاڻي‘ وٺي ويو، جتان جي رهاڪوءَ، پنهنجي وقت جي سدا سريلي صوفي راڳيءَ ڪمال فقير ٽالاڻيءَ سان پنهنجي ڀائيٽي جي شناسائي ڪرائيندي، شاگرد بڻائڻ جو عرض ڪيائين، جنهن گذارش کي ڪمال فقير اکين تي رکيو ۽ عبدالغفور کي سنگيت جي بنيادي سکيا ڏيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح عبدالغفور سومري، ڪمال فقير ٽالاڻيءَ جي صحبت ۽ سرپرستيءَ ۾ صوفياڻي صنف، يڪتاري جي يڪ تار ۽ چپڙيءَ جي چاهه سان پنهنجي سنگيت واري سفر جي شروعات ڪئي.
ماضيءَ ۾ عبدالغفور جي ڳوٺ جي ڀرسان ’ميان جي ڳوٺ‘ نالي هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ ڪثرت سان راڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون، جن محفلن جا ميزبان پڻ سندس ذات ڀائي يعني ’سومرا‘ هوندا هئا. سندن ذوق جو معيار ڪجھه اهڙو هوندو هو، جو هو سدائين پنهنجين محفلن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي مهان راڳيءَ خانصاحب استاد گلزار علي خان کي ئي ڪانڍيندا هئا. اهڙين ئي محفلن مان هڪ محفل ۾ هڪ ڀيري عبدالغفور پڻ ٻڌڻ لاءِ شريڪ ٿيو. هن جڏهن استاد گلزار علي خان کي روبرو ٻڌو ته دل ئي دل ۾ استاد گلزار علي خان جو مداح ٿي پيو ۽ سندس دل ۾ ان خواهش جنم ورتو ته ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا حاصل ڪبي ۽ اها استاد گلزار علي خان جهڙي عظيم ڪلاڪار کان حاصل ڪبي. ساڳي محفل تمام ٿيڻ کان پوءِ پاڻ استاد گلزار علي خان سان ملاقات واسطي، محفل جي تڏي ڌڻين جي اوطاق جو رخ ڪيائين، جتي استاد گلزار علي خان ترسيل هو. اتي پهچي، استاد کي ادب سان سلام ڪري، همت ڪندي، سندس خدمت ۾ راڳ ۾ رهنمائيءَ واري خواهش عرض رکيائين، جنهن تي شفيق ۽ محبتي استاد شفقت ۽ محبت سان موٽ ڏيندي کيس چيو ته: ”مون وٽ هن وقت مختيار علي شيخ نالي هڪ شاگرد اول ئي سکي پيو، ان ڪري في الحال توهان کي ٻه سال انتظار ڪرڻو پوندو.“
ان وقت هن استاد گلزار علي خان جي صادر ڪيل پهرين امر کي آمنا صدقنا ڪندي قبول ڪيو ۽ بدستور پاڻ ڪمال فقير جي سرپرستيءَ ۾ راڳ جي راهه تي گامزن رهيو، پر سندس دل ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي حاصلات جو جنون حد کان لاحد واري عروج تي پهچي چڪو هو. نيٺ عبدالغفور جي اندر جي ان آسيس کي سندس استاد ڪمال فقير پنهنجي استاديءَ واري تجربيڪار اک سان پرکي ۽ پروڙي ورتو ۽ سندس اهڙيءَ حسرت کي حقيقت جو جامو پارائڻ واسطي کيس جيڪب آباد وٺي آيو، جتي نامياري سنگيتڪار استاد ارباب علي خان کوسي جي هٿن ۾ عبدالغفور جو هٿ ڏيندي ڪلاسيڪي ڪلا جي عطا جي منٿ سان گڏ پنهنجي پياري شاگرد جي لاءِ پارتون پڻ ڪيائينس. اهڙيءَ طرح عبدالغفور، سنڌ توڙي بلوچستان جي هن قدآور راڳيءَ استاد ارباب علي خان کوسي جي شاگرديءَ ۾ اچي ڪافي ڪجھه پرايو.
هوڏانهن پورن ٻن سالن جي عرصي کانپوءِ عبدالغفور جي حسرتن، حقيقت جو ويس پاتو ۽ هڪ ڏينهن پاڻمرادو استاد گلزار علي خان پاران اماڻيل خوشين ڀريو خط کيس مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته: ”اي نيڪ نيت شاگرد! اسان وٽ راڳ جي حوالي سان جيڪو اسڪول آهي، ان ۾ هاڻي جڳهه خالي آهي، اگر تون اچڻ چاهين ته هليو اچ... .!!“
پرينءَ جو پيغام ملڻ شرط ئي عبدالغفور پنهنجي اڳئين استاد ارباب علي خان کوسي کان اجازت وٺندي، کانئس موڪل طلب ڪئي، موٽ ۾ عظيم استاد به اجازت ڏيندي دعائن سان کيس رخصت ڪيائين. اهڙيءَ اجازت ملڻ بعد عبدالغفُور، لاڙڪاڻي شهر ۾ استاد گلزار علي خان جي قائم ڪيل موسيقيءَ جي مڪتب تي اچي حاضر ٿيو، جنهن ڏينهن کان استاد گلزار علي خان کيس پنهنجي شاگرديءَ ۾ آندو، تان جو استاد گلزار علي خان جي لاڏاڻي تائين عبدالغفور سندس سرپرستيءَ هيٺ رهيو. ان دؤران هو استاد جي صحبت ۽ شفقت هيٺ رهي نه رڳو فن سان فيضياب ۽ سنگيت سان سرشار ٿيو، بلڪه پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان پنهنجي استاد جي دل ۾ اهڙو ته ملهائتو مقام ماڻيائين، جنهن جو اندازو هن واقعي مان لڳائي سگھجي ٿو، جو استاد گلزار علي خان جي وفات پڄاڻان سندس چاليهي جي موقعي تي ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر محرابپور ۾ هڪ موسيقيءَ جو مانڊاڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن موقعي تي روزاني ’جنگ‘ اخبار جي ڪنهن شماري ۾ استاد گلزار علي خان پاران ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ سندس ڪيل وصيت جو حوالو ڏيندي، استاد جي پونئيرن ۽ وقت جي استاد راڳين پاران سندس استاديءَ واري پڳ ۽ ٻيون استاديءَ واريون مڙوئي ذميواريون سندس سڀني شاگردن مان اتفاقِ راءِ سان عبدالغفور سومري جي حوالي ڪيون ويون.
عبدالغفور سومري عملي طور تي 1974ع کان عوامي محفلن، شادين مرادين توڙي بزرگن جي ساليانن ميلن ۽ عرسن جي اسٽيجن کان پنهنجي فن جي شروعات ڪئي ۽ انهن محفلن ۾ پنهنجي پهرين استاد ڪمال فقير سان گڏ هم ڪلام ٿيندي، صوفياڻن سازن ۽ آوازن سان ويراڳ جو ورد پچائيندو رهيو، جنهن بعد اهڙن ئي عوامي ميڙاڪن ۾ پنهنجي عملي استاد خانصاحب استاد گلزار علي خان سان پڻ همنوا ۽ همسفر رهيو.
اهڙن موسيقيءَ جي محفلن جو سفر ڪندي هڪ ڀيري 1980ع ڌاري ٽنڊي ڄام لڳ، ڳوٺ موسى خان کٽياڻ ۾ نامياري شاعر ۽ درويش محمد فقير کٽياڻ جي ميلي جي محفل ۾ استاد گلزار علي خان سان گڏ عبدالغفور به موجود هو ۽ ان وقت سندس عمر اٽڪل سورنهن سال هئي، جتي سندس آواز ۽ انداز ٻڌي استادن جي استاد، خانصاحب منظور علي خان مٿس راضي ٿيندي، دعائن سان گڏ انعام طور ريڊئي حيدرآباد تي آڊيشن جي لاءِ کيس سفارشي خط پڻ عطا ڪيو. عبدالغفور اهو خط کڻي ريڊئي حيدرآباد پهتو، جتي نامياري براڊڪاسٽر ۽ پروڊيوسرغلام حسين شيخ ۽ استاد محمد جمن کانئس آڊيشن ورتو، جنهن آڊيشن ۾ ڪاميابيءَ باوجود صرف ان ڪري کيس واپس ڪيو ويو، جو ان وقت سندس عمر سورنهن سال هئي، جيڪا عمر ريڊيو جي آڊيشن جي لاءِ ناڪافي هئي.
ان کانپوءِ 1982ع ڌاري، جڏهن استاد گلزار علي خان هڪ موسيقار جي حيثيت سان ريڊئي خيرپور جي عملي جو حصو هو، تڏهن پنهنجي شاگرد عبدالغفور سومري کي هڪ اسٽاف آرٽسٽ (هارمونيم وڄائيندڙ) طور ساڳئي ابلاغي اداري ۾ ڀرتي ڪرايائين. ان کانپوءِ 1992ع ۾ پاڻ ريڊئي خيرپور تي هڪ ڀيرو ٻيهر آڊيشن ڏيئي سوڀارو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد الله بخش شاهه بخاريءَ منظوري ڏئي، سندس آواز کي ريڊيائي لهرن رستي متعارف ڪرايو، ان وقت هن ريڊئي تي سڀ کان پهريان موسيقيءَ جو جيڪو اسم رڪارڊ ڪرايو، ان جا ٻول هئا: ”محبوبان ني ميندي لائي هي... “
سال 1982ع جي اوائل ۾ عبدالغفور سومرو پاڪستان ٽيليويزن ڪوئٽيا سينٽر پهتو، جتي پنهنجي هڪ دل گھرئي دوست شاهه محمد جوڻيجي جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ دعا سلام سان نامياري پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ سان مليو، جنهن کيس آڊيشن جو موقعو ڏنو، جنهن آڊيشن ۾ پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ سان گڏ نامياري هدايتڪاره سلطانه صديقي ۽ نامور موسيقار استاد صادق علي خان پانڊي پڻ موجود هئا. استاد عبدالغفور سومري انهن ٽنهي ماهرن جي موجودگيءَ ۾ هڪ ڀرپور آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ کيس ڪاميابي نصيب ٿي، ان آڊيشن کان پوءِ پاڻ پي. ٽي. وي ڪوئيٽا تي هڪ بلوچي پروگرام ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس صلاحيتن جو قدر ڪندي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ کيس هڪ سرڪاري خط ڏئي پاڪستان ٽيليويزن جي ڪراچي سينٽر تي سنڌيءَ ۾ نشر ٿيندڙ موسيقيءَ جي پروگرام ’سنڌ سينگار‘ لاءِ ان پروگرام جي ميزبان، نامياري ڏاهي، لطيف شناس ۽ سنڌي ثقافت جي پارکوءَ محترم ممتاز مرزا ڏانهن اماڻيو، جنهن به ساڳئي نموني کيس آڊيشن جو موقعو ڏنو، جنهن آڊيشن ۾ ممتاز مرزا سان گڏ اتفاق سان پروڊيوسر سلطانه صديقي ۽ ناليوارو ڍولڪ نواز محمد بچل شامل هئا. هن آڊيشن ۾ به عبدالغفور کي ڪاميابي ملي ۽ پاڻ سنڌي پروگرام ’سنڌ سينگار‘ ۾ حصو ورتائين، جنهن کان پوءِ لڳاتار چڱي عرصي تائين پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تان نشر ٿيندڙ سنڌي موسيقيءَ جي پروگرامن لاءِ کيس مدعو ڪيو ويو. اڳتي هلي کيس پي ٽي ويءَ جي نامياري پروڊيوسر ۽  شاعر سميع بلوچ جي ڪوششن سان ٻارڙن جي سنڌي پروگرام ’روشن تارا‘ ۾ موسيقار طور مقرر ڪيو ويو، جنهنجي نتيجي ۾ پاڻ  1991ع کان 1993ع تائين پي ٽي ويءَ تي ميوزڪ ڪمپوزر طور پنهنجيون خدمتون انجام ڏنائين.
فني سفر ۾ عبدالغفور سومري ڪجھه آڊيو البم به ڏنا. سندس آواز ۾ پهريون آڊيو البم اٽڪل 1988ع ڌاري ’امامِ انقلاب‘ جي عنوان سان جاري ٿيو، جيڪو مڪمل طور تي سنڌ ڌرتيءَ جي شان ۾ ڳايل قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٻڌل هو. هي البم سندس زندگيءَ لاءِ هڪ اهم امتحان پڻ هو، ڇاڪاڻ ته 1988ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي سخت مارشل لا واري دؤر ۾ قومي گيتن تي مشتمل سنڌي ڪيسيٽ جو مارڪيٽ ۾ اچڻ، وڪرو ٿيڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانه هئي. هن ڪئسٽ جي مشهور گيتن مان نالي واري شاعر ۽ صحافيءَ سائين انور پيرزادي جو جڳ مشهور قومي گيت ’اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان‘ پڻ شامل هو. هن ڪيسيٽ جو مهورت، ڀٽائي سرڪار جي روضي تي سائين جي. ايم سيد جي هٿاران يادگار ۽ شانائتي نموني سان تنهن موقعي تي ٿيو، جڏهن ٽوڙهي ڦاٽڪ جا اسير آزاد ٿيا هئا. ان البم سميت هن وقت تائين سندس آواز ۾ ڏهاڪو کن آڊيو البم جاري ٿي چڪا آهن.
عبدالغفور سومري شروع ڏينهن کان وٺي مقبوليت ۽ مڃتا کان وڌيڪ موسيقيءَ جي ميدان ۾ تنظيمي ۽ تدريسي خدمتن طرف توجھه ڏنو آهي. تنظيم ڪاريءَ جي حوالي سان پاڻ 80ع واري ڏهاڪي ۾ ’سنڌ ميوزيڪل گروپ، شڪارپور‘ جو بنياد وڌائين، جنهن بعد 1993ع ۾ سنڌ جي ڪجھه سڄاڻ ڏات ڌڻين انور پيرزادي، حنيف لاشاريءَ، اشفاق آذر، غلام قادر ’گھايل‘، حاجي خان پهوڙ، غلام علي سنديلي، شمن علي ميراليءَ ۽ ٻين عبدالغفور سان گڏجي ساڳئي تنظيم کي ’آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن‘ (آسا) جي نئين نالي سان تبديل ڪري، فعال ڪيو، جنهن جون شاخون سڄيءَ سنڌ ۾ قائم ٿينديون رهيون ۽ ان ئي تنظيم جي پليٽ فارم تان هيل تائين ڪيترائي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا سهڻا پروگرام منعقد ٿي چڪا آهن.
اڳتي هلي عبدالغفور جي قلبي ڪوشش ۽ جگري جاکوڙ سان 1998ع ڌاري خيرپور ۾ ’استاد منظور علي خان ميوزيڪل اڪيڊميءَ‘ جو بنياد عمل ۾ آيو، جنهن اڪيڊميءَ پاران 2003ع ۾ خيرپور جمخاني ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن موقعي تي تڏهوڪي ضلعي ناظمه ڊاڪٽر نفيسه شاهه پنهنجي تقرير دؤران ’استاد منظور علي خان ميوزيڪل اڪيڊميءَ‘ کي ضلعي حڪومت جي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ آڻڻ جو وچن ڪيو هو، پر اهو ادارو هيل تائين سرڪاري نگرانيءَ کانسواءِ، عبدالغفور سومري ۽ ڪجھه سڄاڻ ساٿين جي ڪوششن سان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن اڪيڊميءَ ۾ موسيقيءَ جي معلم طور عبدالغفور سومرو مستقبل جي موسيقارن ۽ آئيندي جي استادن جي فني آبياري ڪرڻ ۾ رُڌل آهي.
عبدالغفور سومري کي 1993ع ۾ اتر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي درسگاهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ماڊل اسڪول خيرپور ۾ ”ميوزڪ ٽيچر“ طور مقرر ڪيو ويو، جتي اڄ ڏينهن تائين پندرهين اسڪيل ۾ ڪم ڪندي، موسيقيءَ جي تعليم ڏيڻ ۾ مصروف آهي.
عبدالغفور سومري کي سندس ڪيل فني پورهئي جي عيوض موسيقيءَ جي مداحن پاران اڻ مين مُحبتن کانسواءِ 2005ع ۾ ’سچل سرمست ايوارڊ‘، 2012ع ۾ ’بيدل ايوارڊ‘، تازو 2014ع ۾ لطيف سائين جي عرس جي موقعي تي ‘شاهه لطيف ايوارڊ‘، ’سنڌي ادبي سنگت محرابپور‘ پاران ’استاد گلزار علي خان ايوارڊ‘ سميت ٻيا به ڪيترائي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ ملي چڪا اٿس. ٻين مڙني اعزازن سان گڏ کيس اهو پڻ اعزاز حاصل آهي ته پاڻ ملڪي سطح جي وڏي ڪلاسيڪي ڪاڄ ’آل پاڪستان ميوزيڪل ڪانفرنس‘ ۾ ٻه ڀيرا ڪراچي ۽ لاهور ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پوري ملڪ کان علاوه هڪ ڀيرو ڀارت ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.

عبدالغفور سومري پنهنجي پريم جي پت اهڙي نموني ته پاڙي آهي، جو پنهنجي راڳ جي رهبر خانصاحب استاد گلزار علي خان جي ٻڌايل ڏس ۽ گس تي عمل ڪندي، سندس ٻاريل شمع جو پروانو بڻجي، ان شمع کي وسامڻ نه ڏنو اٿائين، جنهن جي محنتن جي نتيجي ۾ سندس جي تڏي تي ڪهي آيل ڪيترائي موسيقيءَ جا متلاشي فيضياب ٿيندا رهن ٿا. ڌڻيءَ در اها وينتي آهي ته عبدالغفور سومرو سرهي صحت سميت ڊگھي ڄمار حاصل ڪري ۽ پنهنجي آواز، آلاپ توڙي انداز سان پوري سنڌ سان گڏ سموري سنسار کي ’محبوبان ني ميندي لائي هي‘ جهڙا سرها گيت ارپيندو رهي – آمين!

No comments:

راءِ ڏيندا