; سنڌي شخصيتون: قاضي اختر حيات

11 January, 2015

قاضي اختر حيات

قاضي اختر حيات

سنڌ ڌرتيءَ جو هاڪارو مصور ۽ تعليمدان

ناصر قاضي



جنوري ۲۰۱۵ع جي آمد ۾ اسان جون وڏيون اميدون واڳيل هيون. ڇاڪاڻ نئين سال جي نون اجرن صبحن مان ئي هڪڙو صبح مون سميت منهنجن سڀني رشتيدارن، دوستن، پرين پيارن ۽ واقفڪارن لاءِ خوشين جا خزانا کڻي اچڻ وارو هو، منهنجي گھر مان هو جمالن جي هوڪن سان گڏ مينديءَ جي مهڪار، توڙي ڳانن جي ڳاڙهاڻ سموهجڻ واري هئي، دهلن جي ڌڌڪار ۽ جھمرين جي جھنڪار ۾ امڙ ابي جي آسيسن ۽ دوستن جي دعائن سان اسان جي گھر ڀاتين ۾ اضافو ٿيڻ وارو هو، مون کي نئين زندگي ملڻ واري هئي ۽ آئون ٽيٽيهن سالن تي محيط پنهنجي اڪيلائيءَ واري عمر اڪارڻ بعد هڪ مان ٻه ٿيڻ وارو ئي هيس ته ڊسمبر ۲۰۱۴ع جي چوٿين اڀاڳي ڏينهن تي منهنجي گھر ڀاتين ۾ اضافو ٿيڻ بجاءِ گھاٽو ٿي ويو ۽ اسان کان اسان جي مٺڙي ڀائيجان، منهنجي پياري چاچي، سنڌ ڌرتيءَ جي هاڪاري مصور ۽ تعليمدان قاضي اختر حيات موڪلاڻي ڪندي، گھر ۾ سوڳوار تڏو وڇرايو.

اڄ منهنجي ان ئي ڀائيجان جو چاليهو آهي، اهو ئي ڀائيجان، جيڪو اسان جو ’ڀائيجان‘، ڪنهنجي لاءِ ’سائين اختر‘، ڪنهن لاءِ ’حاجي مينهون‘، ڪنهنجي لاءِ ’ادا اختر‘، ڪنهنجي لاءِ ’قاضي اختر حيات‘ ته وري پنهنجي ٻچڙن (عادل، نقاش، پشم ۽ ريشم) جو ’ابو جاني‘ هو. ان خوش پوش ۽ خوش اخلاق املهه انسان جون نيڪيون ڪهڙيون ڳڻائجن، جو خاندان ۾ ڪنهن به ويجھي مائٽ جي شادي هجي يا ڪو عزيز يا پرانهون مٽ مائٽ خدا نخواسته لاڙڪاڻي جي ڪنهن سرڪاري اسپتال يا خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ٿئي، سندن پنهنجن قرابتدارن کان وڌيڪ ڀائيجان ئي اڳواٽ اتي موجود هوندو.

سال ۱۹۷۵ع جي آخر ۾ جڏهن اسان جو ڏاڏا بابا قاضي عبدالحي قائل پنهنجي ملازمت وارين ذميوارين کان دستبردار ٿيندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري جي ڊرائنگ ماستريءَ تان رٽائر پئي ٿيو، تڏهن عجيب اتفاق اهو ٿيو ته ساڳئي اداري ۾ پنهنجي ساڳئي منصب يعني ڊرائنگ ماستريءَ جون ذميواريون پنهنجي ئي پٽ قاضي اختر حيات جي حوالي ڪندي، سچو ٿي مستقبل جي معمارن کي سڪ سان سبق پاڙهڻ جي هدايت ڪيائين. ان حوالي سان اسان جو پيارو ڀائيجان پنهنجي پيءُ جي پيشي جوحقيقي وارث پڻ ثابت ٿيو.

منهنجو ڀاڳوند ڀائيجان ۱۵ جنوري ۱۹۷۶ع کان عملي طرح تي درس و تدريس واري وندر سان واڳجي ويو، جنهن محبوب مشغلي سان هڪ وفادار عاشق بڻجي، پنهنجي عمر جي آخري حصي تائين، عشق جي حد تائين نينهن نڀايائين. پاڻ ’گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري‘ کانسواءِ ’پبلڪ اسڪول ميرپور خاص‘ ۽ ’ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي‘ ۾ هڪ اخلاق اجار عظيم استاد بڻجي پنهنجون تدريسي خدمتون سر انجام ڏيڻ کان علاوه ’بقا گرامر اسڪول لاڙڪاڻي‘ ۾ هڪ اعلى ظرف مدرس سان گڏوگڏ هڪ مانائتي منتظم جي حيثيت سان، پنهنجي اڳوڻي استاد پروفيسر نظير احمد شيخ جي سرپرستيءَ ۾ ان اداري جي پرنسپال طور به پنهنجو اعلى ڪردار ادا ڪيائين، جنهن بعد مارچ ۲۰۰۹ع ۾ پنهنجي هٿن سان، پنهنجي هڪ پراڻي خواب کي عملي جامو پارائيندي، هڪ تعليمي  اداري ’عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول لاڙڪاڻي‘ جو بنياد رکي، تعليم جي مشعل در در ڦهلائيندو رهيو. پاڻ پنهنجي پوري زندگي ۾ خوش اخلاقي ۽ ٻارن سان پنهنجائپ واري روش سبب شاگردن جو پسنديده استاد طور سڏجندو ۽ سڃاڻجندو هو، پر طبيعت ۾ وقتي طور تي سختي به سندس شخصيت کي شانائتو بڻائيندي هئي.

قاضي اختر حيات (ڀائيجان) استاد هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اندر واري تخليقڪار کي رنگن جي رستي توڙي لڪيرن واري واٽ سان عام آڏو آشڪار ٿي مڃتا پڻ ماڻي هئي، کيس مصوريءَ وارو مشغلو ته گھر ۾ ئي پنهنجي بابي وٽان ميراث ٿي مليس، ان حوالي سان آرٽ جا بنيادي سبق گھر ۾ ئي سکيائين، اڳتي هلي آرٽ جي ان عشق کي وڌيڪ جوت ۽ جمال بخشڻ واسطي عملي طور تي مقامي سطح تي رتيديري ۾ پنهنجي وقت جي هڪ سگھاري مصور نواب اسلم شيخ جي صحبت مان پڻ ڪافي لاڀ حاصل ڪيائين. پر  سندس آرٽ جي اختر کي دائمي حيات ان وقت نصيب ٿي، جڏهن پاڻ ۱۹۸۳ع ڌاري ڊرائنگ ٽيچرس جي ٽريننگ جي لاءِ حيدرآباد ويل هو، اتي ڪاليج جي استادن جي سٿ ۾ سنڌ جي مهان مصور ۽ سگھاري ڏات ڌڻيءَ محترم فتاح هاليپوٽي (شرجيل) سان پڻ سندس آشنائي ٿي، جنهن کي مصوريءَ جي معلم تسليم ڪندي، رنگ رچڻ ۽ نقش چٽڻ واري فن ۾ خاص رهنمائي حاصل ڪري، پنهنجي فنڪاريءَ جي ڌنڌلن عڪسن کي چٽو ڪري، پڪا ۽ اڻ مٽجندڙ رنگ ڀريندو رهيو. انهن ڏينهن کان وٺي عمر ڀر جي لاءِ پنهنجي پيشي سان پيار ۽ رنگن ۾ اظهار واري ذريعي کي چاهنا سبب ۽ عملي طرح محنت ڪري سائين فتاح جي قريب شاگردن ۾ شمار ٿي ويو ۽ انهيءَ محنت سندس آرٽ واريءَ ڏات ۾ ڏانءَ جو هڪ نئون دلڪش روپ اختيار ڪيو. هن اتي اها ٽريننگ فرسٽ ڪلاس، ٿرڊ پوزيشن سان پوري ڪئي. وري ۸۹-۱۹۸۸ع ۾ ماسٽرس آف ڊرائنگ جو امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين.

منهنجي ڀائيجان پاران پيار سان ڪيل پورهئي ۾ ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن جي سهڻن سر ورقن سجائڻ سان گڏوگڏ سندس هٿ جي همت جو شاهڪار هنر پين اسڪيچ به سندس شخصيت جي هڪ مضبوط سڃاڻپ ۽ برجستو حوالو هو. هن ميڊيم جي ادائيگيءَ ۾ کيس خاص منڪو حاصل هو، نه فقط ايترو، پر پاڻ ڪيترن ئي تنظيمن توڙي ادارن جا مونو گرامس پڻ تخليق ڪيا هئائين. سندس ڪئليگرافي به موجوده جديد خطاطيءَ جو هڪ خوبصورت مثال آهي. اهڙيءَ طرح اسانجي ان مٺڙي چاچي، هڪ باصلاحيت ڪلاڪار بڻجي، پنهنجي پياري پيءُ کان مليل وراثت واري فن کي پنهنجي تخليقي قوت ذريعي نئين سگھه بخشي.

منهنجي مٿان هونئن ته سندس اڻکٺ ٿورا آهن، جيڪي ڳڻپ کان ڳورا آهن، پر سندس هڪ ٿورو آئون عمر ڀر ڪين وساري سگھندس، جو زندگيءَ جي آخري ڏينهن دؤران حيدرآباد جي ’ايشين انيسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس‘ (ايمس) ۾ مون کي پاڻ سان تمام ويجھو رکيائين ۽ پنهنجي خدمت ۽ سار سنڀال سان مون کي مشرف ڪيائين. پر افسوس جو ان اڀاڳي اسپتال ۾ چار ڏينهن گھاري، چوٿين ڊسمبر تي، فجر واري آذان ويل دم ڌڻيءَ حوالي ۽ روح رب جي سپرد ڪري، پنهنجي خالي جسم کي لاڙڪاڻي تائين اسان جو همسفر بڻايائين.

اڄ جڏهن اسانجو اهو پياور ڀائيجان ۽ ڌرتيءَ جو ڏاهو ڏات ڌڻي اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي ۽ جنوريءَ جو مهينو سموري وايو منڊل تي نمودار ٿي چڪو آهي، تڏهن ۲۰۱۵ع ته پنهنجا پير ڌري چڪو آهي، پر اسان جي گھر ۾ سيج پلنگ جي سجاوٽ بدران گھر جون کٽون ابتيون لڳيون پيون آهن، ان سمعي منهنجي جيون ساٿياڻيءَ پنهنجي ستاوڙي جا سرها ڏينهن نه ڏٺا، ويتر منهنجي چاچِي (جا منهنجي خالا پڻ ٿئي) پنهنجي سهاڳ جي سرهي ساٿ کي ساريندي، عدت جا ڏينهن گذاري رهي آهي، ڳيچ ته ڪونه ڳاتا ويا، پر گھر مان اڄ به رکي رکي روئڻ جا آواز اچي رهيا آهن ۽ اهڙي عالم ۾منهنجي ابوءَ کي مبارڪون ته ڪونه مليون، ويتر هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ جون تعزيتون سانڍي ۽ کيس ساري رهيو آهي.


 

قاضي اختر حيات

رنگن جو جادُوگر ۽ مثالي استاد

ياسر قاضي

۲۰۱۴ع سال جي اونھاري جا پڇاڙڪا ڏينھن هئا. آءٌ ڇنڇر جي شام جو ڪراچي اسٽوڊيو مان پنھنجو معمول وارو هفتيوار پروگرام ”مڌُر يادين“ ڪري رھيو هئس، جيڪو ڪراچيءَ سميت ان ريڊيي جي سنڌ ۾ موجود ۱۲ اسٽيشنن تان پڻ نشر ٿي رهيو هو. اوچتو منھنجي موبائيل فون تي هڪ ميسيج نمودار ٿيو: ”لاڙڪاڻي ۾ تنھنجي پروگرام مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان. ڇا تون منھنجي لاءِ هي گيت وڄائي سگهين ٿو؟ ’مرني ڪي دعائين ڪيون مانگون، جيني ڪِي تمنا ڪون ڪري...!؟‘ “

مون ميسيج ۾ ئي ورندي ڏني: ”ضرُور... مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالھه هوندي. پر ڪنهن جي آواز ۾؟ حبيب ولي محمّد جي آواز ۾؟ يا ڪشور ڪمار جي آواز ۾؟“

جواب آيو: ”حبيب ولي محمّد جي آواز ۾...“

۽ مون هن لاءِ چاھه مان حبيب ولي محمّد جي آواز ۾ اهو غزل نشر ڪيو:

مرني ڪي دعائين ڪيون مانگون، جيني ڪِي تمنا ڪون ڪري...!؟

يه دنيا هو يا وه دنيا، اب خواهشِ دنيا ڪونه ڪري

مون نه ٿي ڄاتو ته اها فرمائش ڪندڙ پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڏينھن پيو ڳڻي ۽ کيس ڪجهه مھينا اڳ ٻڌايو ويو آهي ته هُو هن دنيا ۾ ڪجهه مھينن جو ئي مھمان آهي ۽ اڄ هُو اهو به نٿو ڄاڻي ته وٽس باقي ڪيترا ڏينھن بچيا آهن! سندس اهو چيڪ اپ، جنھن ۾ سندس پِتي جي ڪينسر جي تشخيص ٿي ۽ سندس ڪيموٿراپي شروع ٿي، ان چيڪ اپ دؤران آءٌ به موجود هئس، پر مونکي ڪنھن به گهر ڀاتيءَ ان بريءَ خبر بابت آگاھه ڪونه ڪيو هو ته ڪينسر جي وڻ ويڙهي سندس پِتي ۾ پيھي پنھنجُون پاڙون مضبوط ڪري چُڪي آهي ۽ هاڻي ڪيموٿراپيءَ کي فقط هڪ ڪوشش طور آزمايو پيو وڃي. نيٺ ان ريڊيائي فرمائش کانپوءِ ڪجهه مھينن اندر سندس فرزند ۽ پنھنجي سؤٽَ وٽان پھرين لاڙڪاڻي مان حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ سندس داخل ٿيڻ، تنھن بعد ڪوما ۾ وڃڻ ۽ ان ئي صبح تي اڄ کان ۱۱ سال اڳ، ۴ ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي سندس وڇوڙي جي هانءٌ ڏاريندڙ خبر موصول ٿي ته اندازو ٿيو ته وٽس ته وقت بچيو ئي ڪونه هو. پر ان بچيل وقت جي مناسب آگاهي نه هجڻ سبب ساڻس آخري قرب ڪچھريون ۽ رُوح رهاڻيون ڪري ئي نه سگهيس. تنھن بعد جڏهن ذهن جي پلي بئڪ تي ساڳيو گيت وري وڳو ته ان جي لفظ لفظَ ڏنڀيو، ته جنھن صورتحال ۾ هن الوداعي بستر تي ”يه دنيا هو يا وه دنيا، اب خواهشِ دنيا ڪون ڪري...“ جا لفظَ ٻُڌا هوندا ته ڪيئن اهي هانءٌ ڏاريندي، سندس دل جِي ڙاڪَ ۾ شيھي وانگر کيس پڄرائيندي لٿا هوندا.

هي، جيڪو ۱۱ سال اڳ اسان کان وڇڙيو، اهو رشتي ۾ منھنجو چاچو هو، پر تعليمي تربيت ۾ جھڙو ۽ جيڏو ڪردار هن ادا ڪيو، اوترو گهڻن جا سڳا والدين به ادا ناهن ڪندا. هو رڳو چاچو نه هو، پر استاد، رهبر ۽ سچو دوست به هو. پر اسان ڀائيٽيا ڀائيٽيون به کيس ”ڀائي جان“ چوندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسان هوش سنڀالوسي، ته سندس ننڍن ڀائرن ڀينرن کي کيس ”ڀائي جان“ ئي چوندي ٻڌوسي. اڄ اسان ڀيڻ ڀائرن جي هٿ اکرن يا ڪليگرافيءَ کي ڏسي ڪوئي ساراهيندو آهي، ته يڪدم ذهن ۾ ايندو آهي ته اهو ڪريڊٽ ته ڀائيجان ڏانھن ئي وڃي ٿو، جيڪو ننڍ پڻ کان روز ڪاپيءَ جي صفحي جي مٿئين سِٽَ تي جملا لکي هيٺان ۸، ۸ ڀيرا اھي جملا اسانجي چاهيندي نه چاهيندي اسان کان لکرائيندو هو، ته جيئن اسان جا هٿ اکر سُڌرن. ڇھين ڪلاس جا ڪجهه ڏينھن مون سندن ڪلاس ٽيچريءَ هيٺ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ پڙھيا. جنھن دؤران هن ’ڪرسٽينا روزيٽيءَ‘ جو لکيل انگريزي نظم ”هُو سيز سِين دي ونڊ“ (هوا کي ڪنھن ڏٺو آهي!) اهڙي عمدي انداز ۾ سربستو پڙهايو هو، جو اڄ تائين ترجمي سميت ازبر آهي.

سنڌ کيس هڪ سجيلي مصوّر، چترڪار ۽ ڪئليگرافر طور سُڃاڻي ٿي، جنهنجو نالو آهي: قاضي اختر حيات.

سنڌ جي نامياري شاعر، تعليمي ماهر، استاد، چترڪار ۽ سماج سڌارڪ، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جو ٽيون نمبر فرزند، نامياري مصوّر قاضي خضر حيات ۽ سنڌ جي سجيلي شاعرَ مقصود گل جو ننڍو ڀاءُ ۽ نامياري شاعر ۽ مصوّر، قاضي منظر حيات جو وڏو ڀاءُ!

قاضي اختر حيات جا پھريان پھريان فنپارا مون ڪھڙا ڏٺا؟ جن کي ڏسي نه رڳو شروع کان سندس فني پختگيءَ جو احساس ٿيو، بلڪه معصوم عمر کان ان حسرت به ڪرُ کڻڻ شروع ڪيو، ته مان به وڏو ٿي ڀائيجان وانگر چترڪار ٿيندس. گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري جي ديوارن تي ٿيل سندس خطاطي... جنھن ۾ ترجمن سميت لکيل قرآني آيتون، شاهه ۽ سچل سائينءَ جا بيتَ شامل هئا... مقصود گل جي ڪتابن ”زندگيءَ ڏي موٽ“ ۽ ”ڪرڻا ڪرڻا“ جا ٽائٽل ڊزائن... امرجليل جي ڪتابَ ”دل جي دنيا“ جي پھرين ڇاپي جي بئڪ ٽائٽل تي ڇپيل، سندس ڊزائن ڪيل جليل صاحب جو مشھور پين اسڪيچ... ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي ڪتاب ”عظيم سنڌي انسان“ جو سھڻو سرورق، جنھن ۾ سنڌ جي نقشي اندر سنڌ جي مشاهيرن جا اسڪيچز ٺھيل هئا... ۽ سندس اسڪيچ بُڪ ۾ سانڍيل لارڊ مائونٽ بيٽن، ذوالفقار علي ڀُٽي جي جوانيءَ جا اسڪيچَ... مختيار سمي جي ٻارن جي شاعريءَ جي ڪتاب ”دنيا آهي گول“ جو سروق ۽ ان جي هر نظم تي سندس ڊزائن ڪيل اسڪيچَ... جن لاءِ هن اسان ڀيڻ ڀائرن کي ماڊل طور استعمال ڪيو ۽ اسانجي ’لائيو اسڪيچن‘ توڙ ي اسانجي فوٽوگرافس جي ريفرنس تي اهي اسڪيچ تخليق ڪيا... گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ٻين ڪئين خانگي ادارن جا مونوگرامَ... ۽ ٻيو گهڻو ڪم...

ان بعد هن پنھنجي چترڪاريءَ جي استادَ فتاح هاليپوٽي ــ شرجيلَ جي پيروي ڪندي، اڪيچار ڪتابن جا ٽائيٽل ڪَور تخليق ڪيا. ڪيترن ئي ادارن جا مونوگرامس ٺاهيا. فتاح کان اڳ آرٽ ۾ سندس بنيادي استادَ سندس والد ۽ وڏو ڀاءُ قاضي خضر حيات هئا.

رتيديري ۾، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي گهر، پهرين جنوري ۱۹۵۸ع تي پيدا ٿيندڙ هن تخليقي ذهن ۾ سندس پيءُ پاران مصوّريءَ جو فن موروثي طور منتقل ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي شهر مان حاصل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان ۱۹۷۲ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪري، ۱۹۷۵ع ۾ انٽر آرٽس جو امتحان گورنمينٽ آرٽس ڪاليج رتيديري مان پاس ڪيائين. ان دؤران هن ۱۹۶۷ع ۽ ۱۹۶۸ع ۾ بالترتيب ايليمينٽري ۽ انٽرميڊيٽ گريڊ ڊرائنگ جا امتحان به پاس ڪري ورتا. ۱۵ ڊسمبر ۱۹۷۷ع تي جڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان سندس والد صاحب، ”ڊرائنگ ماسٽر“ جي عھدي تان رٽائر ٿيو ته اها نشست سندس پُٽ جي حيثيت سان قاضي اختر حيات کي ملي ۽ هو ان ئي ڏينھن کان پيءُ جي جاءِ تي ٻارن کي مصوّريءَ جا سبقَ پاڙهڻ لڳو. تنھن بعد هن ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان گريجوئيشن ڪئي. جيئن ته هو تدريس کي ئي پنھنجو ڪيريئر بڻائي چڪو هو، تنهنڪري هن تعليم جي ابلاغ جا گُرَ سکڻ ضروري سمجهيا، تنهنڪري ۱۹۸۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ سان سلھاڙيل بي. ايڊ. ڪالج سکر مان بي ايڊ جڏهن ته ان کان گهڻو پوءِ ۲۰۰۰ع ۾ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيائين. مصوريءَ جي استاد جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ ان جي پيشاورانه تربيت لاءِ ٽريننگ ڪاليج (فارمين) حيدرآباد مان ۱۹۸۳ع ۾ ”آرٽس ٽيچرز سرٽيفڪيٽ“ (ATC) اي گريڊ ۾ جڏهن ته ساڳئي ڪاليج مان ۱۹۸۹ع ۾ ”آرٽ ماسٽرس سرٽيفڪيٽ“ (AMC) ڪورس ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيائين. ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۸ع تائين ۱۱ سالَ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ ٻارن کي چترڪاريءَ جا درس ڏيڻ کانپوءِ، هن ۱۹۸۸ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي، پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ فائن آرٽس جي ليڪچرار طور علم جون ڏياٽيون روشن ڪيون. جتان ۱۹۹۲ع ۾ نئين قائم ٿيل ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ملازمت جو موقعو ملڻ تي ابتدائي فئڪلٽيءَ ۾ شامل ٿيو، پر وري ۱۹۹۳ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص واپس موٽي آيو، جتان ۱۹۹۴ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پنھنجو اسڪول کوليائين، جيڪو اڄ سندس وفات کانپوءِ به سندس والد جي نالي سان علم جا اُجالا ونڊي رهيو آهي.

واٽر ڪلر جو ماھر ۽ پين اسڪيچ تي ملڪو رکندڙ قاضي اختر حيات پنھنجي اسٽروڪ ۽ انداز ۾ يگانو چترڪار هو. پنھنجي تخليقي انفراديت سبب سندس مصوّراڻو تخيّل جڏهن ڪئنوس تي اڀري ايندو هو ته پنھنجي يگاني سونھن سان اکين کي تراوت بخشيندو هو. سندس تخليق ڪيل پورٽريٽ ڏسي حقيقت جو گمان پيو ٿيندو هو. آرٽ جي استاد جي حيثيت سان هُن ڪيترن ئي شاگردن کي مصوّريءَ جي جادوگري سيکاري ۽ منجهن موجود خداداد چڻنگ کي پنھنجي عمدي تربيت جي هوا ڏئي، سندن رنگن جي اپٽار کي به جِلا بخشي.

قاضي اختر، ”زيب“ جي تخلص سان شاعري به ڪئي ۽ ڪجهه نثر به تحرير ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ رومان سان گڏ وطن دوستيءَ جو رنگ به ملي ٿو. سنڌ دوستيءَ جو موضوع به سندس ڪلام ۾ واضح موجود آهي.

هڪ نظم ۾ چوي ٿو:

اميدن جو مون آ جلايو چراغ

اهو شل نه رستي اندر گُل ٿئي

اچي شل وري هوش سنڌين اندر

وري سنڌ ساڳئي ئي مشعل ٿئي

گهڻو وقت سنڌي رهيا بي خبر

مگر هاڻي هوشيار، بيدار ٿيو!

زمانو متان آزماش ڪري

اُٿو سر ڏيڻ لاءِ اڄ تيار ٿيو!

پنھجين آڱرين رستي رنگن جي ٻولي اظهارڻ وارو هي جادوگر، سونھن ورنا رُوپَ تخليق ڪري اڄ کان ۱۱ ورهه اڳ ۴ ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي سنڌ کان جدا ٿي ويو ۽ پنھنجي پٺيان پنھنجن فنپارن توڙي شاگردن جو اڻ ڳڻيو تعداد پنھنجي فن جي ورثي طور ڇڏي ويو. جيڪو وڏي عرصي تائين ياد رهڻو آهي. پاڻ اڄ ابوبحر قبرستان لاڙڪاڻي ۾ آرامي آهي.

اسان ٻه ڏينھن بعد ايندڙ سندس يارهين ورسيءَ تي کيس يادن جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)


 

سائين قاضي اختر حيات

چوٿين ڊسمبر ورسيءَ جي مناسبت سان

هڪ آرٽ جو اُستاد ۽ آرٽسٽ

ناصر گل قاضي

لڳ ڀڳ ڳچ رتيديري شھر جو اُستاد، تعليمدان، سماج سُڌارڪ، شاعر، صحافي، سائين قاضي عبدالحيّ ”قائل“ (سائين قاضي) جڏهن پنھنجي سرڪاري ملازمت جو مدو پورو ڪري ڊسمبر ۱۹۷۷ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري جي ”ڊرائنگ ماسٽر“ واري منصب تان رٽائر پئي ٿيو، تڏهن ساڳئي ئي اداري ۾ ’ڊرائنگ ٽيچر‘ جون ذميواريون سرڪاري قانونن تحت پنھنجي ئي پٽ قاضي اختر حيات کي سونپي رٽائر ٿيو. اُن حَوالي سان اِداري جو نئون ڊرائنگ جو استاد، قاضي اختر حيات اُن منصب تي فائز رهندي، اِيمانداريءَ ۽ ديانتداريءَ سان پنھنجي بابي واري ڪرت کي نڀائيندو رهيو. سائين قاضي اختر حيات ۱۵ ڊسمبر ۱۹۷۷ع کان عملي طرح درس ۽ تدريس جي پيشي سان واڳجي ويو ۽ هڪ مخلص ۽ مثالي اُستاد طور، آخري دم تائين هن عظيم پيغمبري پيشي سان نينھن نڀائيندو رهيو.

سائين قاضي اختر حيات جو جنم پھرين جنوري ۱۹۵۸ع تي رتيديري ۾ ٿيو. هن ۱۹۷۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اِسڪول رتيديري مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۵ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان انٽر آرٽس جو اِمتحان پاس ڪري، ۱۹۷۸ع ۾ گريجوئيشن، جڏهن تہ ۱۹۸۰ع ۾ پوليٽيڪل سائنس جي مضمون ۾ ايم اي جا امتحان پاس ڪيا. هن ڏاهپ، ذهانت ۽ ذاتي لياقت سان پنھنجا تعليمي مرحلا ڪاميابيءَ سان طئي ڪيا. سائين قاضي اَختر حيات پنھنجي تعليمي تربيت جي سِلسِلي ۾ ۱۹۷۹ع بي ايڊ ڪاليج سکر مان فرسٽ ڪلاس ۾ بي. ايڊ ڪئي. اُن سان گڏوگڏ ۱۹۸۳ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان ڊرائنگ ٽيچرس جي تربيت ڪاميابيءَ سان حاصل ڪيائين، جيڪو ڏهن مھينن جو عرصو سندس ڪيريئر لاءِ سونھري دؤر ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اُتي ٻين اُستادن سان گڏ ڊرائنگ جي باصلاحيت اُستاد ۽ سنڌ جي نامياري چترڪار، فتاح هاليپوٽي (شرجيل) سان سندس ويجهڙائي ٿي، جنھن جي سرپرستيءَ ۽ صحبت ۾ قاضي اختر، ڊرائنگ ٽيچرس ٽريننگ جي رسمي مضمونن کانسواءِ رنگن جي هڪ نئين دُنيا سان پڻ متعارف ٿيو. مصوريءَ جو فن تہ کيس ورثي ۾ ئي نصيب ٿيو هو، پر فتاح هاليپوٽي جھڙي تخليقي اُستاد جي رهنمائيءَ کيس هڪ آرٽ جي باصلاحيت استاد سان گڏ هڪ پيشاور آرٽسٽ پڻ بڻائي ڇڏيو. اُهو شرجيل ئي هو، جنھن اختر صاحب کي نقش چٽڻ ۽ انھن ۾ رنگ ڀرڻ واري فن ۾ خاص مھارت بخشي. قاضي اختر حيات نمايان نمبرن ۾ اها ٽريننگ مڪمل ڪئي ۽ وري اُن کانپوءِ ۱۹۸۹ع ۾ ’ماسٽرس آف ڊرائنگ‘ MD جي اِمتحان جي تربيت ۾ فرسٽ ڪِلاس، فرسٽ پوزيشن ماڻيائين.

سائين قاضي اختر گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري کانسواءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڻ آرٽ جي استاد طور پنھنجون تدريسي خدمتون انجام ڏنيون. قاضي اختر حيات پنھنجي تدريسي ڪيريئر ۾ صرف ڊرائنگ جي مضمون پاڙهڻ تائين محدود نہ رهيو، بلڪہ پنھنجي صلاحيتن جي آڌار تي ٻيا مضمون جھڙوڪ: انگلش، رياضي ۽ جنرل سائنس بہ مھارت سان پڙهائيندو رهيو. نہ رڳو ايترو، پر هن هڪ منتظم طور بہ ڪامياب ڪم ڪيو. پبلڪ اِسڪول ميرپورخاص ۾ هن مختلف هاسٽلن جي ’هائوس ماسٽر‘ (وارڊن) جون ذميواريون نڀايون. ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بُنيادي اُستادن ۾ قاضي اختر حيات جو شمار ٿيو.

اڳتي هلي پرنسپل طور ڪامياب منتظم جي حيثيت ۾ هن لاڙڪاڻي ۾ ’بقا گرامر اسڪول‘ نالي هڪ خانگي اسڪول ۾ ذميورايون نڀايون. جنھن بعد مارچ ۲۰۰۹ع ۾ پنھنجي والد جي نالي پٺيان هڪ نئين تعليمي اداري ’عبدالحيّ قاضي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي‘ جو بنياد رکيو. پاڻ پنھنجي پوري حياتي پنھنجي لياقت، خوش اخلاقيءَ ۽ پنھنجن شاگردن سان مخلص ورتاءَ سبب گهڻن شاگردن جو پسنديده استاد رهيو.

قاضي اختر حيات ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن جا سُھڻا سرورق (Title) ڊزائن ڪيا، گڏوگڏ سندس مصوراڻي صلاحيت جو شاهڪار هنر پين اسڪيچ بہ سندس چترڪاريءَ واري صلاحيت جي هڪ مضبوط سڃاڻپ ۽ برجستو حوالو آهي. پين اِسڪيچ جي ميڊيم ۾ کيس خاص ملڪو حاصل هو. نہ فقط ايترو، پر پاڻ ڪيترن ئي تنظيمن توڙي ادارن جا مونو گرام (Logo) پڻ پنھنجي سوچ سِٽاءَ سان تخليق ڪيائين. سندس ڪئليگرافي بہ منفرد خطاطيءَ جو هڪ خوبصورت مثال آهي. ماضيءَ ۾ مقامي سطح تي شھر جي ڪاروباري مرڪزن ۽ دُڪانن جا سائِين بورڊ توڙي هٿ سان لکيل بينرَ سندس هنر جا غماز هوندا هئا. خاص ڪري ۱۹۸۸ع واري عام اليڪشن جي سرگرمين ۾ شھرن جي مختلف چوراهن تي آويزان ٿيل مختلف سياسي پارٽين جا بينرَ قاضي اختر ۽ سندس ڀاءُ قاضي منظر حيات جي هنر جو سُھڻو عڪس هوندا هئا. اهڙيءَ طرح سائين اختر هڪ باصلاحيت چترڪار طور پنھنجي تخليقي قوت ذريعي هن فن کي مڪاني طور وس آهر نئين سگهہ ۽ جلا بخشي.

قاضي اختر حيات پنھنجي زندگيءَ جون سموريون صلاحيتون ۽ مشغوليون سھيڙي، اگهاين ۽ جان ليوا بيمارين سان جهيڙي، چوٿين ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي، فجر جي آذان ويل دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس آخري آرامگاهہ لاڙڪاڻي جي ”ابو بحر قبرستان“ ۾ آهي. اڄ سندس يارهين ورسيءَ تي هن مختصر لکڻيءَ جي صورت ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

 

(ناصر گل قاضيءَ جي فيسبڪ پوسٽ ۳ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا