عبدالغفور سومرو
مينديءَ جي سرهاڻ جهڙا گيت آلاپيندڙ گڻائتو گلوڪار
ناصر قاضي
ڪنهن کيس ’شهرن جي راڻي‘ ٿي سڏيو ته ڪنهن وري مٿس ’سنڌ جي پئرس‘ جو نالو
ڏنو. حقيقت اها آهي ته هن شهر جي تهذيب ۽ تمدن شاهوڪار ۽ سڀني وصفين شاهڪار هجڻ جي
ڪري ئي اتر سنڌ جي اها سهڻي وسندي سچ پچ ته ’شاهوڪارپور‘ ۽ ’شاهڪارپور‘ به آهي، جنهن
کي سڀ ’شڪارپور‘ جي نالي ۽ حوالي سان سڃاڻين ٿا. سنڌ ڌرتيءَ جي هن سهڻي شهر کي ڪوتا
توڙي ڪلا جي ٻن ڏاهن ڏات ڌڻين شيخ اياز توڙي خانصاحب استاد منظور علي خان جي جنم ڀومي
هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. اهائي شڪارپور جي سرزمين ساميءَ جي سڃاڻپ کي صدين کان پنهنجي
سيني ۾ سانڍيندي پئي اچي.
