سيٺ سوڀراج چيٽومل
هندوجا
حسيب ناياب منگي
هونئن ته شڪارپور ۾ نيڪيءَ ۽
خير جا ڪم ڪرڻ وارا ڪي گهٽ ڪونهن گذريا، پر سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا جو نالو خلق
جي خدمت جي کيتر ۾ نه صرف شڪارپور ۾ پر سکر، ڪراچيءَ ۽ ڪوئيٽه تائين مشهور هو. هي
صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ انسانذات جي بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ جيترو ڪم ڪري ويو، سو ڪڏهن
به وساري نٿو سگهجي. هن جي ترجيحن ۾ شهر جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ توڙي مسڪين ماڻهن
جي بُکَ جي خاتمي سان گڏ انهن جي تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ به هو. شڪارپور جي ساڌُن
۽ سَنتن جِي صحبت ۾ وقت گذارڻ ڪري هُو ڌرمي خيالن جو مالڪ به هو. مندرن ۾ وڃي نه رڳو
پاڻ پُوڄا ڪندو هو، پر اتي موجود ماڻهن جا مسئلا ٻُڌي، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ پڻ پاڻ
پتوڙيندو هو. کيس گهڻو چاهه هو ته سندس هٿن مان جيترا خيرَ جا ڪم ٿي سگهن، هو ڪندو
رهي. اهو ئي سبب آهي جو پريشان حال ماڻهو، بي وس ۽ لاچار توڙي معذور شخصَ وٽس اچي
پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪري ويندا هئا.
شڪارپور جا ماڻهو ساڻس ڏاڍو
پيار ڪندا هئا. هو به هر وقت مسڪين ماڻهن جو خيال رکندو هو. هندوستان جي مختلف
شهرن مان سياري جي مند ۾ پائڻ لاءِ گرم ڪپڙا يا اونهاري ۾ موسم جي حساب سان هلڪا لٽا
گُهرائي غريبن ۾ مفت ورهائيندو هو. جيڪي ماڻهو صاحبِ حيثيت نه هوندا هئا، وٽس اچي
ويهندا هئا. سيٺ به درياهه دل هوندو هو.. سو هٿ ۾ لڪائي ايئن ضرورتمندن جي پُورت ڪندو
هو، جو ماڻهو کيس دعائون ڏيندا خوش ٿي واپس گهر ويندا هئا. شڪارپور جي پاڙي پاڙي ۾
وڃي صفائيءَ جي پاڻ چڪاس ڪندو هو. جيڪڏهن شهر جي ڪنهن به ڪُنڊَ ۾ صفائيءَ بابت ڪا
شڪايت هوندي هئي ته سيٺ سوڀراج کان ڪٿي پُڄندو هو، جو ماٺ ڪري ويهي رهي! شڪارپور
ميونسپل آفيس پهچندو هو، انتظاميه سان ڳالهائيندو هو ۽ تيستائين صبر سان نه ويهندو
هو، جيستائين صفائيءَ جو انتظام نه ٿئي! شهر جي واپارين، وڪيلن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن
توڙي ڪارڪنن، استادن ۽ سيٺين سان سندس تمام گهڻي نيازمندي هوندي هئي. شهر جا ماڻهو
به سيٺ جو احترام ڪندا هئا. هندو هُجن يا مسلمانَ، جڏهن بنا ڪنهن فرق جي شڪارپور
جي ترقيءَ لاءِ رٿائون جوڙيون وينديون هيون، ته اهڙن املهه ماڻڪن جي هٿ ۾ رهندي شڪارپور
جو اؤجُ به ڪو ٻيو هو! پر افسوس جو پوءِ شهر جو سمورو نظام اهڙيءَ ريت تبديل ٿي
ابتريءَ جو شڪار ٿي ويو، ڄڻ هن شهر جو ڪو ڌڻي سائين ڪڏهن هُئو ئي ڪونه!
سيٺ سوڀراج، نيڪوڪار ۽ خوش
اخلاق انسان ڪاڪي چيٽومل هندوجا جو پُٽ هو ۽ شڪارپور ۾ ۱۸ سيپٽمبر ۱۸۷۹ع تي پيدا ٿيو. پاڻ ڪچِي وهيءَ
کان ئي ڏاڍو هوشيار هو. سورهن ورهين جو ٿيو ته ڪمائڻ لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن نڪري پيو.
پنهنجي اعليٰ لياقتن سبب هو جلد ئي ڪنهن فارم ۾ ’بروڪر‘ ٿيو. اتان جيڪو ڪجهه به ڪمائيندو
هو، پنهنجي کاڌي پيتي جو خرچ ڪڍي باقي رقمَ غريبن ۾ ورهائڻ لاءِ شڪارپور پنهنجي
پِتا ڏانهن موڪلي ڏيندو هو. ڪاڪو چيٽو مل به جڏهن جڏهن هٿ جو خير ڪڍندو هو، ته شڪارپور
سميت ڪراچيءَ جي مندرن ۽ اسڪولن جي ڪم ڪار لاءِ پُٽَ ڏانهن رقم موڪليندو هو. اهو
چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته هنن سيٺين جي نڪتل خيرَ مان ان دؤرَ جا ڪراچيءَ جا مندرَ
۽ اسڪولَ سُڌريا. ڪراچيءَ سان گڏوگڏ سيٺ سوڀراجَ، سکر ۽ شڪارپور جي باغن ۾ ماڻهن
جي ويهڻ لاءِ پنهنجي خرچ تي بئنچون ٺهرائي رکرائي ڏاڍو سرهو ٿيو هو. ان وقت اهڙي
خدمت تي ماڻهن جُون کيس دل سان دعائون مليون هيون. تن ڏينهن ۾ سيٺ سوڀراج چيٽومل
هندوجا، ڪوئيٽا ۾ نه صرف مندرن جي تعمير لاءِ دل کولي دان ڏنو، پر اتي اسڪول ٺهرائڻ
لاءِ به هزارين روپيه خرچ ڪيا هيا. ‘سناتن ڌرم سڀا اسڪول’ ڪوئيٽا کي تيار ڪرائڻ
لاءِ تنهن زماني ۾ ۵۰ هزار
روپيه خرچ ڪري خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو.
سيٺ سوڀراج، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن
جو ۱۹۱۷ع کان ۱۹۲۸ع تائين ميمبر به رهيو. هن جي ڏنل پئسن مان ئي ڪراچيءَ ۾ اردو بازار پٺيان
‘برنس روڊ’ جي آسپاس سندس نالي پٺيان ميٽرنٽي هوم (ويمُ گهر) تعمير ٿيو، جيڪو اڄ
به ماڻهن جي شيوا ۾ مصروف آهي. سوڀراجَ، هي ويَمُ گهرُ، پنهنجي پتني ڪشن ديويءَ جي
مانَ ۾ ٺهرايو، جيڪو بنيادي طور زناني طبي فلاح مرڪز (وومينس ويلفيئر هيلٿ يُونٽ)
طور قائم ٿيو هو. “ڪراچي ــ سنڌ جي مارئي” ڪتاب ۾ محترم گل حسن ڪلمتي ڄاڻائي ٿو
ته: “هن ميٽرنٽي هوم جو افتتاح ۲۱
جولاءِ ۱۹۲۸ع تي ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر مسٽر
ٿامس ڪيو هو”.
اسانجي شهر شڪارپور جي مشهور سيٺ
سوڀراج چيٽومل هندوجا جي ڏنل رقم مان سکر ۾ به معصوم شاھه جي مناري جي سامهون
زناني ميونسپل اسپتال لڳ هڪ ويم گهر تعمير ٿيو، جنهنجو نالو “ليڊي گراهم ويَم گهر”
رکيو ويو. سنڌ جو نالي وارو ليکڪ رحيم داد خان “مولائي” شيدائي پنهنجي ڪتاب
“تاريخِ سکر” ۾ ان ويَم گهر جي تعمير جو سال ۱۹۳۰ع لکي ٿو. اهڙيءَ ريت شڪارپور ۾ به هن نه صرف مندرن ۾ بجليءَ جي فٽنگ ڪرائِي،
پر اسڪولن جي اڏاوتَ تي به پئسا خرچ ڪيا. ڪو پروگرام هجي يا ڪنهن جماعت يا انجمن
کي مالي سهڪارَ جي ضرورت هجي، سيٺ ڪڏهن به پئسا ڏيڻ کان پنهنجو هٿ نه روڪيندو هو.
سوڀراج سيٺ، ڪوئيٽا، شڪارپور،
سکر ۽ ڪراچيءَ جي اڻ ڳڻين فلاحي ۽ سماج سڌارڪ تنظيمن جو صدر ٿي رهيو. شڪارپور سميت
سکر ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ جي شهرين جا ننڍين وڏين ڳالهين تان ڪنهن به قسم جا اٽڪاءَ
يا تڪرارَ ٿيندا هئا ته انهن جا فيصلا ۽ ٺاھَه ڪرائڻ جو ذمو به سيٺ سوڀراج چيٽومل
مٿان هوندو هو.
سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا جو ۲۰ نومبر ۱۹۲۸ع تي شڪارپور ۾ ديهانت ٿيو.
هندوستان جي مختلف شهرن سميت سنڌ جا نالي وارا سياستدانَ، سماجي اڳواڻَ ۽ واپاري،
شڪارپور آيا ۽ سيٺ جي آڪَھِه سان سندس لاڏاڻي جي ڏک ۾ شريڪ ٿيا. سيٺ سوڀراج جِي
پهرين ورسيءَ تي، ۲۱ نومبر ۱۹۲۹ع تي ڪراچيءَ ۾ سندس نالي پٺيان “سوڀراج چيٽومل سنڌ اسڪائوٽس هيڊڪوارٽر” جو
افتتاح بمبئيءَ جي تڏهوڪي صوبائي اسڪائوٽ چيف ‘سر فريڊرڪ سائڪس’ ڪيو. اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ
۾ ئي ۱۹۳۲ع ۾ سيٺ سوڀراج چيٽومل جو سنگ
مرمر جو مُجسمو تيار ٿيو، جنهن جو افتتاح ڪراچيءَ جي پهرين ميئر، جمشيد نسروانجي
مهتا ڪيو هو.
وقت گذرِي ويو.. ماڻهن کان
پنهنجا محسن وسري ويا.. ورهاڱي کانپوءِ سيٺ سوڀراج جا گهر ڀاتي شڪارپور توڙي ڪراچيءَ
وارا گهر ڇڏي ڀارت هليا ويا. افسوس اهو آهي ته سيٺ سوڀراج چيتومل هندوجا جهڙا
الائجي ڪيترا ڪردارَ هوندا، جن کي اڄ تائين ڪڏهن به ياد ناهي ڪيو ويو. اڄ اسان سنڌ
ڌرتيءَ جي هِن نيڪ انسان ۽ سماجي خدمتگارَ کي سندس ۱۴۶ هين جنم ڏهاڙي تي ياد ڪري سرهائي محسوس ڪريون ٿا.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۸ سيپٽمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:
راءِ ڏيندا