ڊاڪٽر ساجده پروين
سندس لطيفي مونوگراف جو
جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڊاڪٽر ساجده پروين جو جنم
جولاءِ ۱۹۸۲ع تي گمبٽ (خيرپور) جي ڳوٺ مهتاڻا
۾ ٿيو. سندن والد عاشق علي بهليم جي ڪراچيءَ ۾ رهائش سبب هن پنهنجي سڄي تعليم ڪراچيءَ
مان حاصل ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي، ايم فل ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي مڪمل
ڪيائين، جن ۾ سندس لکيل تحقيقي مقالا هن ريت آهن: شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي
شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو) ۲۰۰۷ع، ايم
اي جو مونوگراف، سائين جي ايم سيد جون ادبي خدمتون، جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب
تي اثر، پي ايڇ ڊي جو مقالو. اهي مقالا ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. کين جي ايم سيد
ميموريل ڪاميٽي هيوسٽن آمريڪا طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ
پاران پي ايڇ ڊي ريسرچ ايوارڊ مليل آهن. هوءَ هڪ سرگرم اسڪالر ۽ استاد طور پنهنجون
خدمتون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سرانجام ڏيئي رهي آهي.
ان کانسواءِ ريسرچ جرنلز ۾ سندس تحقيقي ڪم مختلف موضوعن تي شايع ٿيندو رهي ٿو، جن
مان چند جا عنوان هن ريت آهن: استاد بخاريءَ جي رومانوي شاعري، لپ اسٽڪ فيمينزم،
جديد سنڌي شاعريءَ جو روشن ستارو حسن درس، ساختياتي تنقيد ۽ سنڌي ادب، شيخ اياز جو
هائڪو- هڪ مطالعو، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو تصور. شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ
جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو) ايم اي جو مونو گراف مقالو ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو.
جيئن ته هيءَ تحقيق يونيورسٽين
۾ ايم اي فائنل ايئر جي چوٿين پيپر بدران اختياري طور ڪنهن علمي، ادبي موضوع تي
مونوگراف لکڻ جي سلسلي ۾ عمل ۾ آئي آهي، اهو مونوگراف موضوع مطابق هوندي به مناسب ڊيگهه
جو هوندو آهي. هي مونوگراف پڻ ٽن بابن ۽ ۱۱۸ صفحن تي آڌاريل آهي. بابن جا عنوان هن ريت آهن: باب پهرئين رومانويت ۾
رومانويت جي وصف، رومانويت جو پس منظر، رومانويت بحيثيت فڪري تحريڪ، ڪجهه اهم
انگريزي شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت، سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اهم رومانوي
شاعر. باب ٻئي شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ ۾ شاهه لطيف جو دور ۽ ان جا لاڙا، ورڊس
ورٿ جو دور ۽ ان جا لاڙا آهن، ٽيون ۽ آخري باب شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي فڪري ڀيٽ
تي مشتمل آهي، جنهن جي ذيلي عنوانن ۾ شاهه لطيف وٽ رومانويت جو تصور، وليم ورڊس ورٿ
وٽ رومانويت ۽ رومانوي عڪس، شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جو رومانوي حوالي سان
تقابلي جائزو. هر باب جي آخر ۾ نتيجا ۽ حوالا ۽ آخر ۾ رائج طريقي مطابق ببليو
گرافي آيل آهي.
ڊاڪٽر صاحبه انگريزيءَ جي اهم
شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت کي ڄاڻائڻ لاءِ سموئيل ڪالرج، شيلي، جان ڪيٽس ۽ لارڊ
بائرن جي مشهور ڪتابن مان حوالا ڏيئي سندن شاعريءَ ۾ رومانويت جي اثر کي بيان ڪيو
آهي، اڳيان سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت بيان ڪندي شاهه ۽ ورڊس ورٿ
جي شاعري جو موازنو ڪيو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اهم رومانوي شاعر جي موضوع
تي سندس موقف آهي ته، سنڌ ۾ رومانويت جو ڪو مخصوص دور يا تحريڪ ناهي رهي جهڙي طرح
سان انگريزي ادب ۾ رومانويت جي باقاعده هڪ تحريڪ ۽ ان جو هڪ مخصوص دور رهيو آهي،
حقيقت اها آهي ته سنڌ اندر ابتدا کان وٺي مختلف وقتن ۽ مختلف حالتن ۾ رومانوي رويو
سنڌي ماڻهن جي مزاج ۾ موجود رهيو آهي ان ريت سومرن جي دور ۽ پوءِ جي چند شاعرن جو
اڀياس پيش ڪندي شاهه لطيف جي شاعريءَ تي لکيو اٿس، رومانوي لاڙو شاهه جي شاعريءَ
جو اهم جزو آهي بلڪه سندس سڄو ڪلام رومانويت جو ڀرپور مظهر آهي.
سهسين
سڄن اڀري، چوراسي چنڊن،
باالله
ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
شاعر وٽ سوين سجن ۽ سال جي
چوراسي چانڊوڪين راتين جي روشنيءَ وارو تخيل ۽ ڀيٽ ۾ محبوب جي سونهن ان کان سرس هئڻ
جو نهايت ئي زبردست رومانوي تصور موجود آهي، جنهن ۾ تخيل جي نهايت وسيع اڏام موجود
آهي. (ص ۲۴)
ورڊس ورٿ جي دور ۽ ان وقت جي لاڙن
جي جائزي وٺڻ بعد ڊاڪٽر ساجده لکي ٿي ته ورڊس ورٿ مختلف وقتن ۾ مختلف لاڙن جي اثر
هيٺ رهيو جيڪي سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن جو تعين ڪن ٿا، انهن مان فطرت پرستي،
غور و فڪر، سوچ ويچار، بغاوت ۽ مشاهدي جا عنصر اهم آهن، جن کيس رومانوي شاعر بڻجڻ
جي عمل ۾ اهم ترين ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو. (ص ۴۱)
سندن مطابق ٻنهي شاعرن زندگيءَ
جو اهم حصو جوانيءَ وارو دور سير ۽ تفريح ڪندي گذاريو سندن سير ۽ سفر جي تجربن تي
شاعريءَ جو بنياد رکيل آهي، ٻنهي شاعرن وٽ ادبي روايت ۽ قدرن کان بغاوت وارو عنصر
ملي ٿو، ٻنهي جي شاعريءَ جو موضوع فطرت، عام انسان ۽ سندن مسئلا ئي رهيا ۽ ٻوليءَ
جي حوالي سان هنن عام جي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني.
ڊاڪٽر ساجده پروين لکي ٿي ته، هن
جائزي مان اها ڳالهه واضح ٿي ته شاهه لطيف جو يورپ جي رومانوي تحريڪ سان ڪو واسطو
نه آهي هن پنهنجي فطرت ۽ مزاج مطابق ان لاڙي کي شاعريءَ ۾ ظاهر ڪيو، ٻي ڳالهه ته
شاهه جي شاعريءَ ۾ رومانوي فڪر جو هر پهلو جهڙوڪ فطرت نگاري، رومانس، عوامي ٻولي سڀ
پنهنجي فطري جوهر ۾ اوج تي ملن ٿا. شاهه کي سنڌي ادب جي رومانوي فڪر جو مهندار چئي
سگهجي ٿو، ورڊس ورٿ جي شاعريءَ جي جائزي کانپوءِ خبر پئي ته ورڊس ورٿ جو رومانوي فڪر
ايترو گهڻ رخو ۽ وسعت انگيز نه آهي. اڳيان لکي ٿي ته ٻنهي شاعرن جي رومانوي شاعريءَ
جي تقابلي جائزي ۾ ڪافي ڳالهيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون، جيئن فطرت جي عڪاسي، غريب عام
ماڻهن جي ڏکن ۽ حالتن جو ذڪر فطرت جي سهڻين ۽ ڪوجهين شين جي موضوع طور اپٽار،
پيار، محبت ۽ امن جا درس، ڪتابن بدران فطرت جو مشاهدو، هيٺين طبقي جون معاشي ۽
سماجي حالتون ته پنهنجي خطي جون جاگرافيائون حالتون، موسيقي. مطلب ته ڪيتريون ئي هڪجهڙائيون
ٿوري گهڻي فرق سان آهن.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ نومبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا