ڊاڪٽر ساجده پروين
سندس لطيفي مونوگراف جو
جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڊاڪٽر ساجده پروين جو جنم
جولاءِ ۱۹۸۲ع تي گمبٽ (خيرپور) جي ڳوٺ مهتاڻا
۾ ٿيو. سندن والد عاشق علي بهليم جي ڪراچيءَ ۾ رهائش سبب هن پنهنجي سڄي تعليم ڪراچيءَ
مان حاصل ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي، ايم فل ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي مڪمل
ڪيائين، جن ۾ سندس لکيل تحقيقي مقالا هن ريت آهن: شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي
شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو) ۲۰۰۷ع، ايم
اي جو مونوگراف، سائين جي ايم سيد جون ادبي خدمتون، جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب
تي اثر، پي ايڇ ڊي جو مقالو. اهي مقالا ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. کين جي ايم سيد
ميموريل ڪاميٽي هيوسٽن آمريڪا طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ
پاران پي ايڇ ڊي ريسرچ ايوارڊ مليل آهن. هوءَ هڪ سرگرم اسڪالر ۽ استاد طور پنهنجون
خدمتون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سرانجام ڏيئي رهي آهي.
ان کانسواءِ ريسرچ جرنلز ۾ سندس تحقيقي ڪم مختلف موضوعن تي شايع ٿيندو رهي ٿو، جن
مان چند جا عنوان هن ريت آهن: استاد بخاريءَ جي رومانوي شاعري، لپ اسٽڪ فيمينزم،
جديد سنڌي شاعريءَ جو روشن ستارو حسن درس، ساختياتي تنقيد ۽ سنڌي ادب، شيخ اياز جو
هائڪو- هڪ مطالعو، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو تصور. شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ
جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو) ايم اي جو مونو گراف مقالو ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو.