; سنڌي شخصيتون: ثمينه ميمڻ

07 November, 2025

ثمينه ميمڻ

ثمينه ميمڻ



سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار، شاعرہ، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ تاريخي، علمي ادبي تحقيقي جرنل ٽه ماھي “مھراڻ” رسالي جي ايڍيٽر ثمينه ميمڻ جو اصلي نالو ثمينه پروين ۽ ادبي سڃاڻپ ثمينه ميمڻ آھي.


ثمينه ميمڻ سنڌ جي تاريخي شھر مورو ۾ جيڪو، ضلعو نوشھرو فيروز ۾ آھي، ۶ مئي ۱۹۶۵ع ڌاري محمد خان ميمڻ جي گھر جنم ورتو. ثمينه ميمڻ جو والد پورھيت ھئو. ننڍا وڏا واپار ڪندو ھئو. امڙ فائنل پاس ھئي. سندس نانو حافظ قرآن ھئو. پاڻ ۾ نو ڀائر ڀيڻون جن ۾، ۵ ڀائر ۽ ۴ ڀيڻون آھن. ھڪ وڏو ڀاء قمرالزمان ميمڻ ٻه سال اڳ ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويا آھن. ڀيڻن ڀائرن ۾ سندس نمبر اٺين تي آھي. انھيء ڪري سندس کي لاڏ به الاھي مليو. ننڍي ھوندي کان حساس طبيعت رکندڙ، ڏاھي، سلجھيل ھئي. پرائمري تعليم مورو شھر جي احمد شاهہ اسڪول مان پرايائين. ذھين ھئڻ ڪري پنجين ڪلاس ۾ اسڪالرشپ پڻ مليس. سندس امڙ صاحب خاتون سڀني ڀائرن ڀينرن کي موڪل واري ڏينھن ننڍي ھوندي کان آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي. شاھہ لطيف جا بيت ياد ڪرائيندي ھئي. سندس امڙ سڀني ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ صحبت تي تمام گھڻو ڌيان ڏنو. سندن امڙ وٽ ڳچ ڪتاب موجود ھوندا ھئا. جنھن ۾ شاھہ جو رسالو، الف ليلا داستان، ناول، مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب ۽ ٻيا پڻ ڪتاب موجود ھوندا ھئا. گھر جي ادبي ماحول جي ڪري سڀني ڀيڻن ۽ ڀائرن ۾ لکڻ پڙھڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس وڏو ڀاء قمرالزمان ميمڻ قمر مورائيء جي نالي سان شاعري ۽ مضمون پڻ اخبارن ۾ لکندو ھئو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف رسالن جھڙوڪ:

نئين زندگي، ٽه ماھي “مھراڻ”۽ ماھوار “پارس”رسالي ۾ شايع ٿيندا ھئا. ھالا ۾ قائم ڪيل بزم طالب المولي جي مشاعرن م شاعري پڙھندو ھئو. سڪندرالزمان ميمڻ پڻ مورو ۾ سياسي، سماجي طور تي تمام گھڻو سرگرم ھئو. ٽيون نمبر ڀاء عنبر الزمان ميمڻ پنھنجي بابا جي ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندو ھئو. ٻيا ٻه ڀائر امداد ميمڻ ۽ ارشاد ميمڻ پڻ ادبي حوالي سان پنھنجي سڃاڻپ رکن ٿا. ٽئي ڀينرون نسيم خان محمد پنھور ۽ زرينه ميمڻ ۽ حسينہ ميمڻ پڻ ان دور م به اخبارن جي ادبي صحفن م پنھنجون لکڻيون شايع ڪرائينديون رھيون. حسينہ ميمڻ جيڪا ھاڻي آزاد جتوئيء جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڪراچيء مان شايع ٿيندڙ روزاني “مومل”اخبار جي چيف ايڊيٽر آھي.

ثمينه ميمڻ جو ڪٽنب ۱۹۷۵ع ڌاري ڪرچيء ٻن ڀائرن جي پوسٽنگ ھئڻ سبب لڏي آيو.

ثمينه ميمڻ ۱۹۷۹ع ۾ مئٽرڪ ڪراچيء جي جڳ مشھور سنڌي ميڊيم اين۰ جي۰ وي گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول مان پرائي. ۱۹۸۲ع ۾ انٽر ميڊيئيٽ وومينس گورنمينٽ گرلس ڪاليج ڪراچيء مان ۽ ۱۹۸۵ع ۾ گريجوئيشن زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيء مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ حاصل ڪئي. ثمينه ميمڻ کي ننڍي ھوندي کان لکڻ ۽ پڙھڻ شوق ھئو. سندس پھرين لکڻي انٽر ۾ ۱۹۸۲ع ۾ وومينس ڪاليج ڪراچيء مان نڪرندڙ ادبي مخزن ۾ شايع ٿيندڙ رسالي ۾ ڪھاڻي “ آس”نالي شايع ٿي، جنھن تي انعام پڻ مليس. انعام جي شوق ۾ ھن وڌيڪ پڙھڻ لکڻ شروع ڪيو. انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر خان محمد پنھور (ڀيڻيوو)جي چوڻ تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي مرڪز پاران قائم ٿيل اسڪول ايم اي ايف شروع ٿيو ته ان ۾ ڪجھه وقت ٽيچنگ ڪيائين.

ڪراچيء مان ڊاڪٽر خان محمد پنھور جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ميگزين ماھوار “پارس” ۾ اسسٽنٽ طور پڻ ڪم ڪيائين. ان ۾ مختلف شخصيتن جا انٽرويوز پڻ ڪيائين. ۱۹۸۳ع کان باقاعدي لکڻ جو آغاز انھيء وقت ۾ شايع ٿيندڙ روزاني اخبارن جھڙوڪ؛ روزاني عوامي آواز، روزاني ھلال پاڪستان، روزاني مومل اخبار جي ادبي صحفن ۾ ڪھاڻيون ۽ شاعري شايع ڪرايائين.

ثمينه ميمڻ ۱۶ اپريل۱۹۹۰ع ڌاري جڳ مشھور اداري سنڌ ادبي بورڊ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور مقرر ٿي. اتي مختلف شعبن ۾ ملندڙ اضافي چارجن ۾ پڻ ڪم ڪيو. جھڙوڪ؛ ماھوار “سرتيون”۽ ماھوار “گل ڦل” ۾ جوائنٽ ايڊيٽر، انچارج ايڊيٽر، پطور خدمتون سرانجام ڏنيون. بورڊ جي لائبرريء ۾ ۱۵ سال ڪم ڪيو. بورڊ پاران سنڌ يونيورسٽيء جي سينٽرل لائبرريءَ ۾ ڪيٽلاگ ٺاھڻ جي سکيا حاصل ڪئي ۽ سرٽيفيڪيٽ حاصل ٿيڻ کانپوء بورڊ جي سڄي لائبرريء کي ڪلاسيفائيڊ ڪيائين. لائببريء م ان وقت موجود لائببريء جي يارھن ھزار ڪتابن جي ڪلاسيفيڪيشن ڪئي. . بورڊ جي ٻين ملندڙ اسائيمنٽس ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور سنڌ جي ليکڪن جي ڊائريڪٽري مرتب ڏنائين.

ٽه-ماھي مھراڻ جي فھرست نمبر ۱۹۸۱ع کان ۲۰۰۶ع تائين الفابيٽيڪلي ترتيب ڏنائين، جيڪا بورڊ جي ريڪارڊ تي موجود آھي. بورڊ ۾ ٻن وقتن تي ايڊمنسٽريٽو آفيسر جي پوسٽ تي پڻ ڪم ڪيو آھي.

ثمينه ميمڻ ۲۰۱۱ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ تاريخي علمي ادبي تحقيقي جرنل ٽه ماھي مھراڻ رسالي جون ايڊيٽر مقرر ٿيون. جنھن ۾ سنڌ جي ناميارن اسڪالرن عالمن، اديبن جو تعاون پڻ حاصل رھيس. تمام ضخيم پرچا ايڊٽ ڪيائين. نوجوان لکندڙن جي پڻ ھمٿ افزائي ڪري انھن جا تحقيقي مقالا، ڪھاڻيون ۽ شاعري شامل ڪيائين.

ٽه ماھي “مھراڻ” رسالي ۾ ڪھاڻيون، شاعري، تحقيقي مضمونن کان علاوہ ٻيا سلسلا جھڙوڪ: لافاني ڪلام، پڳھہ ڇوڙي پنڌ پيا، يادگيريون، سگھڙن جو ڪلام ، خطن جو سلسلو ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ علمي ادبي پروگرامن جون ڪارگزاريون پڻ شامل ڪيائين. وقت تي ريگيولر رسالن کي شايع ڪرڻ ۾ اڪيلي سر تمام گھڻي محنت ۽ دلجوئيء سان ساندهہ تيرھن سال ٽہ ماھي” مھراڻ” رسالي کي ايڊٽ ڪيائين. سندس چواڻي ٽه ماھي مھراڻ رسالي جي ايڊيٽر ھئڻ جي حيثيت کي پاڻ لاء اعزاز ٿي سمجھان. اعزاز سان گڏ مون لاء وڏو چيئلينج پڻ ھئو. جنھن کي مون پنھنجي سچائي دلجوئيء ۽ ذميداريءَ سان سنڀالڻ ۾ اڪيلي سر محنت ڪري وقت سر ٽه ماھي “مھراڻ” رسالي کي ايڊت ڪيو.

ثمينه ميمڻ جون لکڻيون سنڌ مان نڪرندڙ رسالن جھڙوڪ؛ ماھوار “سرتيون”، ماھوار “پارس”، ٽہ ماھي “مھراڻ، ماھوار “مومل” ڪراچيء مان ھفتيوار شايع ٿيندڙ ڪاوش دنيا” ميگزين ۾ شاعري، ڪھاڻيون، مضمون، تاثراتي ليک، خاڪا پڻ شايع ٿيل آھن. مختلف شخصيتن کان ماھوار “پارس” ۽ ماھوار “سرتيون ۾ انٽرويو پڻ ورتائين. بورڊ جي ڪجھه پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ جا فرض پڻ نباھيائين. ماھوار “سرتيون جي مختلف پرچن ۾ شخصيتن تي خاڪا لکيائين. جھڙوڪ، ڪھاڻيڪار خيرالنساء جعفري، نسيم ٿيٻو، ۽ سياستدان نصرت ڀٽو، سیاستدان بينظير ڀٽو، “ امڙ نمبر”، م پنھنجي امڙ صاحب خاتون تي تاثراتي مضمون، يادگيريون نمبر” ۾ پنھنجون ننڍپڻ جون يادگيريون، بابا نمبر”، ۾ پنھنجي بابا محمد خان ميمڻ تي تاثراتي ليک، انٽرويو نمبر” ۾ پڻ ھڪ شخصيت سوء سوال ۾ سندس انٽرويو شايع ٿيل آھي.

ٽه ماھي “مھراڻ” رسالي جي ريگيولر رسالن کان علاوه خاص نمبر پڻ مرتب ڏنائين جنھن ۾: “مخدوم محمد الزمان طالب المولي”(۲۰۱۳/۰۱)

شمشيرالحيدري” (۲۰۱۳/۰۳) (پھرين ورسيء تي شايع ٿيل)

محمد عثمان ڏيپلائي”، (۲۰۱۴/۰۱)

سائين محمد ابراھيم جويو جي سؤ سالا جشن سلسلي ۾ سائينءَ جي حياتيءَ ۾ “محمد ابراھيم جويو، (۴-۳-/۲۰۱۴)

مخدوم محمد امين فھيم”(۴-۲۰۱۶/۳) پھرين ورسيء تي شايع ٿيل) ۽ “ امداد حسيني” نمبر( ۰۱/۲۰۲۳) پڻ شامل آھن.

ثمينه ميمڻ جا ٻه ڪتاب شايع ٿيل آھن پھريون ڪتاب خان محمد پنھور جي شخصيت تي ناليوارن ليکڪن جون لکڻيون خان محمد پنھور ھڪ عملي انسان” جيڪو سندس گھر واري عبدالمجيد پنھور سان گڏ ۲۰۰۶ع ۾ خان محمد پنھور ٽرسٽ پاران پڌرو ٿيو.. ٻيو ڪھاڻين جو ڪتاب “ترورو جنھن ۾ پندرھن ڪھاڻيون شامل آھن. جيڪو پوپٽ پبليڪيشن طرفان ۲۰۱۷ ع ۾ پڌرو ٿيو. ثمينه ميمڻ سنڌي ادبي بورڊ م ساندهہ چوٽيھہ سال خدمتون سرانجام ڏنيون. ۽ ۶ مئي ۲۰۲۴ع تي سنڌي ادبي بورڊ مان ريٽائر ٿيون آھن.

 

(سنڌي پيڊيا تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا