سيٺ نارائڻ داس لُلو شڪارپورِي
حسيب ناياب منگي
شڪارپور جو ناليوارو وڻجارو،
سماج سُڌارڪ ۽ دياوان پُرش ــ سيٺ نارائڻ داس اها شخصيت هو، جنهن شڪارپور جو نالو
واپارَ جي حوالي سان هندوستان جي مختلف شهرن ۾ مشهور ڪيو. سيٺ پنهنجي واپارَ سانگي
اڪثر شڪارپور کان ٻاهر رهندو هو، پر شڪارپور ۾ جڏهن به ايندو هو ته پنهنجي جنم
واري هن شهر جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندو هو. شڪارپور جي غريبن جي مدد توڙي
بيواهه عورتن جِي سارَ سنڀال لهڻ ۾ به اڳيان اڳيان هوندو هو. هن جي هميشه اها ڪوشش
رهي ته شڪارپور جا غريب ماڻهو ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻَ بدران هنر جي سکيا وٺن.
جيستائين بيواهه عورتون يا بي پهچ مردَ ڪجهه سکي نه وٺندا هئا، سيٺ جي تجوڙي انهن
غريبن جي مدد لاءِ استعمال ٿيندي رهندي هئي. انهن ماڻهن کي هنر سيکارڻ جو بار به
سيٺ جي مٿان هوندو هو، جيڪو خرچ پاڻ خوشيءَ سان ڀريندو رهندو هو.
سيٺ نارائڻ داس راڌاڪشن داس جو
جنم شڪارپور ۾ ۱۸۷۷ع ڌاري ٿيو. هُو ننڍپڻ کان ئي
هوشيار ۽ ادب توڙي لحاظ وارو ٻار هو. پنهنجي ئي شهر جي علمي درسگاهن ۽ اوجهن مان
تعليمَ حاصل ڪيائين. نؤجوانيءَ کان ئي هو غريبن جي آڏو نه پنهنجي ڌنَ دؤلت يا
تونگريءَ جو رعب رکندو هو، نه ئي پنهنجو لهجو تبديل ڪندو هو. جڏهن پاڻ جهڙن سيٺيُن
جي وچ ۾ هوندو هو، تڏهن به غرور کان پاسو ڪندو هو. پنهنجن توڙي پراوَن جو خيال
رکندو هو. تونگر هجڻ باوجُود سادگيءَ ۾ وقت گذاريندو هو.
شڪارپوري هونئن ئي مجموعي طور،
محتاجن جِي مدد ڪرڻ جي معاملي ۾ ٻين کان اڳرا نظر ايندا رهيا آهن. کين ان ڳالهه تي
پڪو ويساهه رهيو آهي ته سُکُ ۽ آنندُ، جنتا جِي خدمتَ سان ئي نصيب ٿيندو آهي.
جيستائين دين ۽ ڌرمَ جو ويڇو وساري بي پهچ ماڻهن جي مدد نه ڪنداسين، تيستائين اسان
ڌڻيءَ وٽ مقبول ٿي نه سگهنداسين. سو خيراتي اسپتالون، ويم گهرَ، اسڪولَ ۽ مندرَ توڙي
عام ماڻهن جي سُکَ واسطي باغَ باغيچا ۽ انهن ۾ آرام سان ويهڻ جي انتظام جهڙا ڪمَ ڪري
آتما جو آنند محسوس ڪندا هئا. سيٺ نارائڻ داس به شڪارپور ۾ ‘ٻُڍا آشرم’ سان گڏوگڏ
عورتن جِي سکيا منڊلي ۽ ڪيترن ئي طبي توڙي تعليمي ادارن جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو.
هن نه صرف خير جي ڪمن ۾ پاڻ ملهايو، پر سنڌ سميت هندوستان ۾ جتي به ڪنهن آفت يا
مصيبت جي خبر پوندي هئس، ته ڌڻيءَ جي ڏني مان غريبن جي مدد ڪري ستر سئو شڪر ادا ڪندو
هو .
شڪارپور ۾ ‘گئون شالا’ هجي يا
روڊن رستن تي جانورن ۽ پکين لاءِ انُ اناج رکڻ جو انتظام، سيٺ نارائڻ داس خوشيءَ
سان انجام ڏيندو هو. صبح جو ساجهر اٿي پاڻ وڃي شهر جو گشت ڪندو هو ۽ پاڻيءَ ۽ اناج
جو انتظام ڪري ايندو هو. جيئن ڪو جانور يا پکي بُکَ ۽ اُڃَ تي نه رهي. پکين جي شڪار
۽ جانورن جي موتَ تي ڏکارو ٿي ويندو هو. ڪوشش ڪندو هو ته ڪنهن جِي به جان اجايو ڪنهن
رهزن جي هٿان نه وڃي. پاڻ اهڙين ڪاميٽين جي نگراني پڻ ڪندو هو، جن جي ذمي ساسيُن
جي معصوم جانين جي بچاءَ لاءِ اُپاءَ وٺڻ جو ڪم هوندو هو. شڪارپور ۾ پاڻ موجود نه
به هوندو هو ته به اهو ڪم سندس خاص ماڻهن جي حوالي هوندو هو. سيٺ نارائڻ داس “شڪارپور
پئنچات” جي لاءِ به ڇپر ڇانو رهيو.
سيٺ نارائڻ داس اسپتالن ۾ بي
پهچ غريبن جي علاج جو ذمو به پنهنجي سر تي کڻندو هو. هُو وسيلن تائين رسائي نه
رکندڙ مسڪينن لاءِ واهُرَ وسيلو ۽ غريبن جو ڀرجهلو هو. جيڪڏهن کيس خبر پوندي هئي
ته شهر ۾ فلاڻو شخص تمام گهڻو غريب آهي ته ڪنهن نه ڪنهن بَهاني سان لِڪَ ۾ ان شخص
جي در تي وڃي پهچندو هو. هٿ ٻَڌي کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏئي دير سوير سندس سار لهڻ تي
شرمندگيءَ جو اظهار به ڪندو هو ۽ اهڙن مستحقن جِي مدد ڪري سُک جو ساهه به ڀريندو
هو. غريب هندو توڙي مسلمانَ جيڪي پنهنجي اولاد جي شاديءَ جو خرچ ڀري نه سگهندا
هئا، تن لاءِ سيٺ نارائڻ داس وڏو آسرو هو. اڄ جي دؤرَ ۾ جتي غربت تمام گهڻي آهي ۽
مهانگائي چوٽ چڙهي چڪي آهي، اتي سيٺ نارائڻ داسَ جهڙا ڪردار ڳولڻَ باوجود به لڀيو
نٿا لڀن! جن جي سيني ۾ خدمت جو جذبو هجي ۽ جن جو منُ لالچ کان آجو هجي. گهڻائي ڌنَ
وانَ، انسان ذات جو خيال ڪرڻ واري معاملي ۾ پٺتي رهجي ويندا آهن، پر سيٺ نارائڻ
داسَ جهڙا عظيم انسانَ چڱائيءَ ۽ خيرَ جي ڪمن ۾ اڳتي وڌي سماج ۾ پنهنجي بي لوث
خدمتن سبب پنهنجو نالو باقي ڇڏي ويندا آهن. سندس اهڙن گُڻن جي ڪري محترم بِي ايڇ
ناگراڻيءَ به پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب “ساميءَ جا سلوڪَ” ۾ کيس سهڻن لفظن ۾ ياد ڪيو
آهي.
سيٺ نارائڻ داسَ جِي اها به
عادت هوندي هئي ته هو ظلم ۽ ڏاڍَ کي برداشت نه ڪري سگهندو هو. پاڻ شڪارپور ۾ انهن
ماڻهن لاءِ اَهنجو ثابت ٿيو، جيڪي عام سادن ماڻهن کي وَهمن ۽ وسوسن ۾ مُنجهائڻ
لاءِ، جادوءَ ٽوڻي توڙي ڌرم جو نالو استعمال ڪري ٻين ترڪتالين سان کين ٺَڳِڻ جي ڪم
۾ مصروف رهندا هئا. اهڙن ماڻهن کي طاقت ذريعي مات ڏيڻ لاءِ سندن ڪُوڙن مڪانن ۽
آستانن تي شڪارپور جي ڪسرت گاهن مان پهلوانَ وٺي اوچتو بِنا ٻُڌائي وڃي پهچندو هو.
انهن پهلوانن جي هٿن ۾ لٺيون ۽ سندن زور آوَر جسمَ ڏسي لالچي ماڻهو ۽ ڪُوڙا ڀوپا
هميشه لاءِ ان ڪم کان توبهه ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن ڳالهه وسَ کان ٻاهر ٿي
ويندي هئس، ته اهڙن ماڻهن کي سيکت ڏيارڻ لاءِ قانوني مدد به وٺندو هو. پاڻ شڪارپور
جي ماڻهن مان نشي ۽ هر قسم جو تماڪ ڇِڪڻ جي عادتن کي ڇڏائڻ لاءِ پڻ دل کولي خرچ ڪندو
هو.
سيٺ نارائڻ داس شڪارپور ۾ هندُو
مسلم ايڪتا جو پڻ اهڃاڻ هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ننڍي وڏي ڳالھه تان ٻنهي ڌرمن جي ماڻهن
وچَ ۾ ڪو فساد ٿيندو به هو ته شڪارپور ۾ امن جي فضا قائم رکڻ لاءِ سيٺ نارائڻ داس
پاڻ پهچي ويندو هو. هندن ۽ مسلمانن جي جهيڙي کي نفرت جي هوا لڳڻ کان بچائڻ لاءِ سيٺ
وقت به وقت همسريءَ ۽ ايڪي جو پرچار ڪندڙَ تقريرون به ڪندو رهندو هو. شڪارپور جي
ماڻهن کي چوندو هو ته “اسان (هندو ۽ مسلمانَ) هڪ ئي سِڪي جا ٻه پاسا آهيون يا اسان
هڪ پکيءَ جي ٻن پَرن وانگر آهيون. هڪ کي تڪليف پهچندِي، ته ٻئي کي به درد رَسندو”.
شڪارپور ۾ اهڙا نيڪدل ماڻهو ڄاوا، تڏهن ته
سنڌ جو هِي مثالي شهر واقعي امن، ايڪي، اهنسا ۽ پيار جو ڳڙهه رهيو.
سيٺ نارائڻ داس، شڪارپور ۾ ۴ سيپٽمبر ۱۹۳۹ع تي ديهانت ڪري ويو ته سندس ارٿيءَ
سان هندو توڙي مسلمانَ سڀ روئندا ٿي هليا. هن پنهنجي پويان ۷ پٽَ ــ سيٺ گرڌاري داس، سيٺ جمنا داس، سيٺ دوارڪا داس، سيٺ رامچند، ڊاڪٽر ڀڳوانداس،
سيٺ لکمي چند ۽ سيٺ پرسرام ڇڏيا، جن اول ته شڪارپور ۾ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هندوستان وڃي
نيڪيءَ ۽ خير جا ڪم ڪيا. انهن جو سڀني کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هنن هند سنڌ جي
اهم ويدانتي ڪوي ــ ڀائي چين راءِ بچُو مل لُنڊَ المعرُوف “ساميءَ” جا سَلوڪَ
پنهنجي خرچ تي ڇپرائي پڌرا ڪيا. منهنجي ڌڻيءَ در اها دعا آهي ته شڪارپور جي اڄوڪي
ماحول ۾ سيٺ نارائڻ داس جي تقليد ڪرڻ لاءِ ڪي ڪردار سجاڳ ٿي پون ته شهر جُون
حالتون شايد اڄ به تبديل ٿي امن واريُون ٿي وڃن. اڄ اسان سيٺ نارائڻ داس جي ديهانت
جي ۸۶هين ورسيءَ تي، شڪارپور ۽ سنڌ
سنوارڻ جِي ڀيٽا طور، کيس يادن جِي ‘شرڌانجلي’ پيش ڪريون ٿا.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ سيپٽمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا