سيٺ نارائڻ داس لُلو شڪارپورِي
حسيب ناياب منگي
شڪارپور جو ناليوارو وڻجارو،
سماج سُڌارڪ ۽ دياوان پُرش ــ سيٺ نارائڻ داس اها شخصيت هو، جنهن شڪارپور جو نالو
واپارَ جي حوالي سان هندوستان جي مختلف شهرن ۾ مشهور ڪيو. سيٺ پنهنجي واپارَ سانگي
اڪثر شڪارپور کان ٻاهر رهندو هو، پر شڪارپور ۾ جڏهن به ايندو هو ته پنهنجي جنم
واري هن شهر جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندو هو. شڪارپور جي غريبن جي مدد توڙي
بيواهه عورتن جِي سارَ سنڀال لهڻ ۾ به اڳيان اڳيان هوندو هو. هن جي هميشه اها ڪوشش
رهي ته شڪارپور جا غريب ماڻهو ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻَ بدران هنر جي سکيا وٺن.
جيستائين بيواهه عورتون يا بي پهچ مردَ ڪجهه سکي نه وٺندا هئا، سيٺ جي تجوڙي انهن
غريبن جي مدد لاءِ استعمال ٿيندي رهندي هئي. انهن ماڻهن کي هنر سيکارڻ جو بار به
سيٺ جي مٿان هوندو هو، جيڪو خرچ پاڻ خوشيءَ سان ڀريندو رهندو هو.